Bible in one year آڪٽوبر ٣افسين ٥:١-١٦١. اوھين خدا جا پيارا ٻار آھيو، تنھنڪري سندس پيروي ڪريو٢. ۽ پيار ڀري زندگي گذاريو، جھڙيءَ طرح مسيح اسان کي پيار ڏنو ۽ اسان جي لاءِ پنھنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.٣. پر زناڪاري ۽ ڪنھن بہ قسم جي ناپاڪي يا لالچ جو نالو بہ اوھان ۾ نہ ھئڻ کپي، ڇالاءِجو خدا وارن لاءِ اھو مناسب نہ آھي.٤. بيشرمي، اجائي بڪ بڪ ۽ گندي چرچي بازي نہ ھئڻ کپي. اھي نالائقيءَ جھڙيون ڳالھيون آھن، پر اٽلندو شڪرگذاري ڪرڻ کپي.٥. اوھين پڪ ڄاڻو تہ ڪوبہ زناڪار يا ناپاڪ يا لالچي ماڻھو جيڪو حقيقت ۾ بتپرست آھي، تنھن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاھيءَ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونھي.٦. متان ڪو ماڻھو سکڻيون ڳالھيون ڪري اوھان کي ٺڳي وڃي، ڇالاءِجو اھڙن گناھن جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.٧. تنھنڪري اوھين انھن جا شريڪ نہ ٿيو.٨. ڇالاءِجو اڳي اوھين اوندھہ مثل ھئا، پر ھاڻي اوھين خداوند جا ماڻھو ھئڻ ڪري روشنيءَ مثل آھيو. سو اوھان کي انھن ماڻھن وانگر زندگي گذارڻ گھرجي جيڪي روشنيءَ وارا آھن.٩. ھن ڪري جو روشنيءَ جو ڦل ھر طرح جي چڱائيءَ، صداقت ۽ سچائيءَ ۾ آھي.١٠. آزمودي سان معلوم ڪندا رھو تہ خداوند کي ڇا ٿو وڻي.١١. اونداھيءَ جي اجاين ڪمن سان ڪو واسطو نہ رکو، پر اٽلندو انھن کي پڌرو ڪريو.١٢. ڇالاءِجو جيڪي ڪم اھي ڳُجھہڳوھہ ۾ ڪن ٿا، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم جھڙي ڳالھہ آھي.١٣. سڀڪا شيءِ جيڪا ڦٽڪار ھيٺ اچي ٿي سا روشنيءَ جي ڪري پڌري ٿيو پوي.١٤. ڇالاءِجو اھا روشني ئي آھي، جيڪا ھر شيءِ کي روشن ڪري ٿي ڏيکاري. تنھنڪري چيو ويو آھي تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح تو تي نور چمڪائيندو.“١٥. تنھنڪري تمام خبرداريءَ سان ڏسو تہ ڪيئن ٿا ھلو. نادانن وانگر نہ، پر دانائن وانگر زندگي گذاريو.١٦. وقت جو پورو پورو فائدو وٺو، ڇالاءِجو زمانو خراب آھي. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society