Bible in one year نومبر ١٢عبرانين ٨:١-١٣١. انھن ڳالھين جو خاص مطلب ھي آھي تہ اسان جو ھڪڙو اھڙو سردار ڪاھن آھي، جيڪو آسمان تي قادرِمطلق جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺوآھي.٢. ھو انھيءَ مقدس خيمي ۾ خدمت ٿو ڪري، جيڪو سچو مقدس خيمو آھي ۽ جنھن کي انسان نہ پر خداوند کوڙيو آھي.٣. جيئن تہ ھر ڪو سردار ڪاھن نذرانن ۽ قربانين چاڙھڻ لاءِ مقرر ٿيندو آھي، انھيءَ ڪري اھو ضروري ھو تہ ھن سردار ڪاھن وٽ بہ چاڙھڻ لاءِ ڪي ڪجھہ ھجي.٤. سو جيڪڏھن ھو اڃا زمين تي ھجي ھا تہ ڪڏھن بہ ڪاھن نہ ٿئي ھا، ڇالاءِجو اھڙا ماڻھو اڳي ئي موجود آھن جيڪي شريعت موجب نذرانا ٿا چاڙھين.٥. اھي جيڪا خدمت ھتي ڪن ٿا، سا آسماني شين جو رڳو نقل ۽ پاڇو آھي. اھو ئي سبب آھي جو جڏھن موسيٰ مقدس خيمو ٿي جوڙيو، تڏھن کيس تاڪيد فرمايو ويو تہ ”ڏس، ھر شيءِ انھيءَ نموني ٺاھجانءِ، جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو ھو.“٦. پر ھاڻي عيسيٰ کي انھن ڪاھنن کان ايتري قدر بھتر خدمت ملي آھي، جيتري قدر پراڻي عھد کان اھو عھد بھتر آھي جنھن جو ھو وچ وارو آھي. اھو عھد بھتر واعدن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آھي.٧. ڇالاءِجو جيڪڏھن اھو پھريون عھد بيعيب ھجي ھا تہ ڪنھن ٻئي عھد جي ڳولا ئي نہ ڪرڻي پوي ھا.٨. پر خدا ماڻھن جا عيب ڏيکاري چوي ٿو تہ ”ڏس، خداوند فرمائي ٿو تہ ’اھي ڏينھن اچن ٿا، جڏھن آءٌ بني اسرائيل جي گھراڻي سان ۽ يھوداہ جي گھراڻي سان ھڪ نئون عھد ڪندس.٩. اھو انھيءَ عھد وانگر نہ ھوندو، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان انھيءَ ڏينھن ڪيو، جڏھن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ لاءِ سندن ھٿ جھليو ھوم.‘ خداوند فرمائي ٿو تہ ’اھي منھنجي عھد تي قائم نہ رھيا، انھيءَ ڪري مون بہ انھن ڏانھن ڌيان ڪونہ ڏنو.‘١٠. وري خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيڪو عھد آءٌ بني اسرائيل جي گھراڻي سان انھن ڏينھن کان پوءِ ڪندس، سو اھو آھي تہ آءٌ پنھنجا قانون ھنن جي ذھنن ۾ وجھندس، ۽ اھي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن خدا ٿيندس، ۽ ھو منھنجي قوم ٿيندا.١١. پوءِ ڪنھن کي بہ اھا ضرورت نہ ٿيندي، جو پنھنجي پاڙيسريءَ يا پنھنجي برادريءَ واري کي اھو چئي سيکاري تہ ’خداوند کي سڃاڻ.‘ ڇالاءِجو انھن مان ننڍا توڙي وڏا سڀ مون کي سڃاڻيندا.١٢. انھيءَ ڪري جو آءٌ سندن بڇڙاين کي معاف ڪندس ۽ سندن گناھن کي وري ڪڏھن ياد نہ ڪندس.‘“١٣. خدا ھن عھد کي نئون چئي، پھرين عھد کي پراڻو ٺھرايو ۽ جيڪا شيءِ پراڻي ۽ جھوني ٿي ويندي آھي، سا مٽجڻ کي ويجھو ھوندي آھي. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society