Bible in one year نومبر ١٥عبرانين ١٠:١٩-٣٩١٩. تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پورو ڀروسو آھي تہ اسين عيسيٰ جي رت جي ڪري انھيءَ مقدس ترين جاءِ ۾ داخل ٿي سگھون ٿا.٢٠. عيسيٰ اسان جي لاءِ پردي منجھان ھڪ نئون ۽ جيئرو رستو کوليو آھي ۽ اھو پردو سندس جسم آھي.٢١. ھو اسان جو اھڙو وڏو ڪاھن آھي، جيڪو خدا جي گھر جو مختيار آھي.٢٢. ھاڻي جيئن تہ اسان جو ضمير گناھن کان پاڪ ٿيل آھي ۽ اسان جو جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آھي، تنھنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون.٢٣. اچو تہ جنھن اميد جو اسين اقرار ٿا ڪريون تنھن کي سوگھو جھليون، ڇالاءِجو جنھن واعدو ڪيو آھي سو سچو آھي.٢٤. اچو تہ اسين محبت ۽ چڱن ڪمن جو شوق ڏيارڻ لاءِ ھڪ ٻئي جو خيال رکون.٢٥. اسين پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪن ماڻھن جي عادت آھي، بلڪ اچو تہ ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھون. جيئن جيئن اوھين خداوند جو ڏينھن ويجھو ايندو ٿا ڏسو، تيئن تيئن اھڙيون ڳالھيون وڌيڪ ڪندا رھو.٢٦. پر جيڪڏھن اسين سچ جي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻيٻجھي گناھہ ڪريون تہ گناھن لاءِ ڪابہ قرباني اڳتي باقي نہ رھندي.٢٧. پر عدالت جي ڏينھن جو ۽ انھيءَ قھر واري باھہ جو خوف ۽ انتظار باقي آھي، جيڪا خدا جي دشمنن کي کائي کپائي ڇڏيندي.٢٨. جڏھن ڪو ماڻھو موسيٰ جي شريعت کي نہ ٿو مڃي تہ ھن کي ٻن يا ٽن ماڻھن جي شاھديءَ تي بيرحميءَ سان ماريو ٿو وڃي،٢٩. تڏھن اوھين خيال ڪريو تہ ان شخص جو ڇا حشر ٿيندو، جنھن خدا جي فرزند کي پيرن ھيٺ لتاڙيو، عھد جي انھيءَ رت کي ناپاڪ سمجھيو، جنھن سان ھن کي پاڪ ڪيو ويو ھو ۽ فضل بخشيندڙ روح کي بيعزت ڪيائين؟٣٠. ڇالاءِجو اسين انھيءَ کي ڄاڻون ٿا جنھن چيو تہ ”وير وٺڻ منھنجو ڪم آھي، آءٌ ئي بدلو وٺندس.“ ۽ وري ھي تہ ”خداوند پنھنجي قوم جو انصاف ڪندو.“٣١. زندہ خدا جي ھٿن ۾ اچڻ ھڪ وڏي خوفناڪ ڳالھہ آھي.٣٢. پر انھن اڳوڻن ڏينھن کي ياد ڪريو، جڏھن روشني حاصل ڪرڻ کان پوءِ اوھان ڏاڍا ڏک سٺا، پوءِ بہ ثابتقدم رھيا.٣٣. ڪڏھن تہ اوھان طعنن ۽ مصيبتن جي ڪري تماشو بڻيا ۽ ڪڏھن وري اوھان انھن جو ساٿ ڏنو جن سان اھڙي ھلت ٿي.٣٤. جيڪي قيد ۾ ھئا، تن سان اوھان ھمدردي ڪئي ۽ پنھنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو. ڇالاءِجو اوھان کي خبر ھئي تہ اوھان وٽ بھتر ۽ پائدار ملڪيت موجود آھي.٣٥. تنھنڪري اوھين پنھنجي ھمت نہ ھاريو، ڇالاءِجو انھيءَ جو وڏو اجر آھي.٣٦. اوھان کي صبر ڪرڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اوھين اھو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنھن جو ھن واعدو ڪيو آھي. جيئن لکيل آھي تہ٣٧. ”تمام ٿوري مدت باقي آھي، جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو.٣٨. منھنجا سچار ٻانھو ايمان جي ڪري جيئرو رھندا، پر جيڪڏھن انھن مان ڪو پوئتي ھٽندو، تہ آءٌ ھن کان خوش نہ ٿيندس.“٣٩. مگر اسين انھن مان نہ آھيون جيڪي پوئتي ھٽي ناس ٿا ٿين، بلڪ انھن مان آھيون جيڪي ايمان آڻي پاڻ کي بچائين ٿا. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society