Bible in one year نومبر ٢٧1 پطرس ٣:١-٢٢١. اي زالون! ساڳيءَ طرح اوھين بہ پنھنجن مڙسن جون تابعدار رھو، انھيءَ لاءِ تہ جيڪڏھن انھن مان ڪي پاڪ ڪلام کي نہ مڃيندا ھجن تہ اھي پنھنجين زالن جي ھلت چلت جي ڪري، چوڻ کان سواءِ ئي خدا جي طرف ڇڪجي اچن،٢. يعني جڏھن اھي اوھان جي پاڪيزہ ۽ ادب واري ھلت چلت ڏسن.٣. اوھان جو سينگار، وارن ڳتڻ، سونا زيور پائڻ ۽ عمدن ڪپڙن ڍڪڻ وارو ظاھري سينگار نہ ھئڻ گھرجي.٤. ان جي بدران اوھان جي باطني انسانيت، حليم ۽ غريب طبيعت جي غيرفاني سينگار سان سينگاريل ھجي. خدا جي نظر ۾ انھيءَ جو وڏو قدر آھي.٥. اڳئين زماني ۾ بہ پاڪ عورتون جيڪي خدا ۾ اميد رکنديون ھيون، سي پنھنجي پنھنجي مڙس جون تابعدار رھي انھيءَ ريت پاڻ کي سينگارينديون ھيون.٦. اھڙيءَ طرح سارہ ابراھيم جي حڪم ۾ رھندي ھئي ۽ کيس پنھنجو آقا چوندي ھئي. اوھين بہ انھيءَ جون ڌيئر آھيو، بشرطيڪ نيڪي ڪريو ۽ ڪنھن بہ خوف جو شڪار نہ ٿيو.٧. اي مڙسؤ! اوھين بہ ساڳيءَ طرح پنھنجين زالن سان عقلمنديءَ سان ھلو. عورت ذات کي نازڪ سمجھي کيس عزت ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اھي بہ اوھان جي زندگيءَ جي نعمت ۾ وارث آھن. ائين ڪرڻ سان اوھان جون دعائون بياثر نہ ٿينديون.٨. مطلب تہ اوھين سڀيئي پاڻ ۾ ھڪ دل ٿي گذاريو ۽ ھمدرد ٿيو. ھڪ ٻئي کي ڀائر سمجھي پيار ڪريو، نرم دل ۽ نماڻي طبيعت وارا ٿيو.٩. بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدران گار نہ ڏيو، اٽلندو دعا ڪريو، ڇالاءِجو اوھين انھيءَ لاءِ سڏيا ويا آھيو تہ برڪت جا وارث ٿيو.١٠. جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”جيڪوبہ ڀانئين تہ حياتي سکي گذاريان ۽ چڱا ڏينھن ڏسان، سو پنھنجي زبان کي بڇڙائيءَ کان ۽ پنھنجن چپن کي ٺڳيءَ جھڙي ڳالھہ ڪرڻ کان روڪي.١١. ھو بدي ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ نيڪي ڪري. ھو صلح کي ڳولي لھي ۽ انھيءَ جي ڪڍ لڳي.١٢. ڇالاءِجو خداوند جون اکيون سچارن تي آھن ۽ سندس ڪن انھن جي التجا تي. پر جيڪي بدي ڪن ٿا، خدا انھن کان منھن موڙي ٿو.“١٣. جيڪڏھن اوھين نيڪي ڪرڻ ۾ سرگرم آھيو تہ ڪير اوھان کي ڏکوئيندو؟١٤. پر جي سچائيءَ جي ڪري کڻي ڏک سھو بہ تہ اوھين سڀاڳا آھيو. سو ماڻھن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي پريشان ٿيو.١٥. پر مسيح کي پنھنجين دلين ۾ خداوند ڄاڻي سندس احترام ڪريو. جيڪو ماڻھو اوھان کان انھيءَ اميد جو سبب پڇي، جيڪا اوھان کي آھي تہ کيس جواب ڏيڻ لاءِ ھميشہ تيار رھو، مگر حليمائيءَ ۽ ادب سان.١٦. پنھنجي نيت بہ صاف رکو، انھيءَ لاءِ تہ جيڪي ماڻھو اوھان کي مسيح جي پوئلڳ ھئڻ ڪري اوھان جي چڱي ھلت چلت بنسبت گھٽ وڌ ٿا ڳالھائين، سي پنھنجي انھيءَ بدگوئيءَ تي شرمندا ٿين.١٧. ڇالاءِجو جيڪڏھن خدا جي اھا ئي مرضي ھجي تہ اوھين نيڪي ڪرڻ سبب ڏک سھو، تہ اھا ڳالھہ بدي ڪرڻ سبب ڏک سھڻ کان بھتر آھي.١٨. تنھنڪري مسيح بہ ھڪڙي ئي ڀيري اوھان جي گناھن جي ڪري مئو يعني سچار گنھگارن لاءِ، انھيءَ لاءِ تہ اوھان کي خدا تائين پھچائي. ھو جسم جي اعتبار کان تہ ماريو ويو، پر روح جي اعتبار کان جيئرو ڪيو ويو.١٩. انھيءَ روح واري حالت ۾ بہ ھن وڃي انھن روحن وٽ تبليغ ڪئي جيڪي قيد ۾ پيا ھئا.٢٠. ھي اھي ھئا جن اڳي نافرماني ڪئي ھئي. ان وقت نوح جي زماني ۾ خدا صبر ڪري انتظار ٿي ڪيو ۽ ٻيڙو تيار پئي ٿيو. پر انھيءَ ۾ رڳو ٿورا ماڻھو، يعني اٺ ڄڻا پاڻيءَ منجھان بچي ويا.٢١. انھيءَ جو صحيح مثال بپتسما آھي، جيڪا ھاڻي بہ اوھان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اھا ناھي تہ بدن جي ميراڻ صاف ٿئي، بلڪ اھا آھي تہ نيڪنيتيءَ سان خدا جو طلبگار ٿجي. اھا بپتسما عيسيٰ مسيح جي وري جي اٿڻ جي وسيلي اوھان کي بچائي ٿي.٢٢. ھو آسمان ۾ ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي آھي، جتي ملائڪ، اختياريءَ وارا ۽ قدرتون سندس تابع ڪيون ويون آھن. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society