١. پوءِ مون ھيڪل مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو انھن ستن ملائڪن کي چئي رھيو ھو تہ ”وڃو ۽ خدا جي غضب جا ست ئي پيالا زمين تي ھاريو.“
٢. پھرين ملائڪ وڃي پنھنجو پيالو زمين جي مٿان ھاريو تہ جن ماڻھن تي انھيءَ حيوان جو نشان ھو ۽ جيڪي سندس بت جي پوڄا ڪندا ھئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا.
٣. پوءِ ٻئي ملائڪ پنھنجو پيالو سمنڊ جي مٿان ھاريو تہ انھيءَ جو پاڻي مئل ماڻھوءَ جي رت جھڙو ٿي پيو ۽ سمنڊ جا سڀيئي ساھوارا مري ويا.
٤. جڏھن ٽئين ملائڪ پنھنجو پيالو دريائن ۽ پاڻيءَ جي چشمن جي مٿان ھاريو تہ انھن جو پاڻي رت ٿي پيو.
٥. مون پاڻيءَ واري ملائڪ کي ھي چوندي ٻڌو تہ ”اي قدوس! تون جو آھين ۽ جو ھئين، تون عادل آھين ۽ تو ئي اھڙو انصاف ڪيو.
٦. ڇاڪاڻتہ ھنن خدا جي قوم وارن ۽ نبين جو رت وھايو، ۽ تو کين رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اُھي انھيءَ جي ئي لائق آھن.“