Bible in one year ڊسمبر ٣١مڪاشفو ٢١:١-٢٧١. پوءِ مون ھڪڙو نئون آسمان ۽ ھڪڙي نئين زمين ڏٺي، ڇالاءِجو پھريون آسمان ۽ پھرين زمين ڪانہ رھي ۽ نہ وري ڪو سمنڊ ھو.٢. مون پاڪ شھر، يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان ھيٺ لھندي ڏٺو. اھو انھيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو ھو، جيڪا پنھنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آھي.٣. مون تخت مان ڪنھن جو وڏو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”ڏس، خدا ماڻھن منجھہ رھندو، ھو انھن سان گڏ رھندو ۽ اھي سندس قوم ٿيندا. خدا پاڻ انھن سان گڏ رھندو ۽ سندن خدا ٿيندو.٤. ھو انھن جي اکين جا سڀ ڳوڙھا اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رھندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رھندو، ڇالاءِجو اڳيون حالتون گذري ويون آھن.“٥. جيڪو تخت تي ويٺو ھو، تنھن چيو تہ ”ڏس، آءٌ سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان.“ ھن چيو تہ ”لک، ڇالاءِجو اھي ڳالھيون سچيون ۽ اعتبار جوڳيون آھن.“٦. ھن مون کي چيو تہ ”اھي ڳالھيون پوريون ٿي چڪيون آھن. آءٌ اول ۽ آخر، ازلي ۽ ابدي آھيان. جيڪو اڃايل آھي تنھن کي آبِحيات جي چشمي مان مفت پياريندس.٧. جيڪو غالب پوندو سو ھنن شين جو حقدار ٿيندو. آءٌ انھيءَ جو خدا ٿيندس ۽ ھو منھنجو ٻار ٿيندو.٨. پر جيڪي ڊڄڻا، بيايمان، ناپاڪ، قاتل، زناڪار، جادوگر، بتپرست ۽ ڪوڙا آھن، تن سڀني جي جاءِ انھيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندي، جيڪا باھہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري. اھو ئي ٻيو موت آھي.“٩. پوءِ اُھي ست ملائڪ جن وٽ ست پيالا ھئا ۽ پوئين ستن آفتن سان ڀريل ھئا، تن مان ھڪڙي اچي مون سان ڳالھايو ۽ چيائين تہ ”ھيڏانھن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، يعني گھيٽي جي زال.“١٠. ھو مون کي رويا جي حالت ۾ ھڪڙي وڏي ۽ مٿاھين جبل تي وٺي ويو ۽ پاڪ شھر يروشلم خدا وٽان آسمان مان لھندو ڏيکاريائين.١١. اُن ۾ خدا جو جلوو ھو ۽ تمام قيمتي ھيري جواھر وانگر چمڪي رھيو ھو، ڄڻ تہ زبرجد ۽ اھڙو صاف جھڙو بلور.١٢. اُن جي ڀت وڏي ۽ مٿاھين ھئي، کيس ٻارھن دروازا ھئا، جن تي ٻارھن ملائڪ بيٺا ھئا. دروازن تي بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا نالا لکيل ھئا.١٣. ٽي دروازا اڀرندي ڏانھن ھئا، ٽي دروازا اتر ڏانھن، ٽي دروازا ڏکڻ ڏانھن ۽ ٽي دروازا الھندي ڏانھن ھئا.١٤. انھيءَ شھر جي ڀت جا ٻارھن بنياد ھئا، جن تي گھيٽي جي ٻارھن رسولن جا نالا لکيل ھئا.١٥. جنھن ملائڪ مون سان ڳالھايو ٿي، تنھن وٽ ماپ ڪرڻ لاءِ ھڪڙي سوني لٺ ھئي، جنھن سان ھو شھر کي، اُن جي دروازن کي ۽ ڀت کي ماپي سگھي.١٦. اھو شھر چوڪنڊو ھو ۽ ان جي ڊيگھہ ۽ ويڪر ھڪ جيتري ھئي. ھُن انھيءَ لٺ سان شھر جي ماپ ڪئي تہ اھو ٻارھن ھزار فرلانگ ٿيو. اُن جي ڊيگھہ، ويڪر ۽ اوچائي ھڪ جيتري ھئي.١٧. ملائڪ شھر جي ڀت جي ماپ ڪئي تہ اُھا ھڪ سؤ چوئيتاليھہ ھٿ ٿي، اھا ماپ انساني ھٿ جي مطابق آھي.١٨. شھر جي ڀت زبرجد جي ٺھيل ھئي ۽ شھر خالص سون جو ٺھيل ھو ۽ شيشي جھڙو صاف ۽ شفاف ھو.١٩. شھر جي ڀت جا بنياد ھر قسم جي ھيرن جواھرن سان سينگاريل ھئا. پھريون بنياد زبرجد جو ھو، ٻيو نيلم جو، ٽيون شب چراغ جو، چوٿون زمرد جو،٢٠. پنجون عقيق جو، ڇھون لعل جو، ستون سونھري پٿر جو، اٺون فيروزي جو، نائون پکراج جو، ڏھون لاجورد جو، يارھون سنبلي پٿر جو ۽ ٻارھون ياقوت جو ھو.٢١. شھر جا ٻارھن ئي دروازا موتين جا ھئا ۽ ھر ھڪ دروازو ھڪ ھڪ موتيءَ جو ھو. شھر جي سڙڪ خالص سون جي ھئي ۽ شيشي جھڙي صاف ھئي.٢٢. مون شھر ۾ ڪوبہ ھيڪل ڪونہ ڏٺو، ڇالاءِجو خداوند خدا قادرِمطلق ۽ گھيٽو ئي سندس ھيڪل آھي.٢٣. انھيءَ شھر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ ھئي، ڇالاءِجو خدا جو جلوو کيس روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽو سندس چراغ آھي.٢٤. انھيءَ جي روشنيءَ ۾ قومون گھمنديون ڦرنديون ۽ دنيا جا بادشاھہ منجھس پنھنجو شان وَ شوڪت آڻيندا.٢٥. شھر جا دروازا ڏينھن جو ڪڏھن بہ بند نہ ٿيندا ۽ رات تہ اُتي ٿيندي ئي ڪانہ.٢٦. ماڻھو انھيءَ ۾ قومن جو شان وَ شوڪت ۽ عزت آڻيندا.٢٧. پر انھيءَ شھر ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جھڙو ڪم ڪندڙ ھرگز داخل ٿي نہ سگھندو ۽ رڳو اھي داخل ٿيندا، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، جيڪو گھيٽي جو آھي.مڪاشفو ٢٢:١-٢١١. پوءِ انھيءَ ملائڪ مون کي آبِحيات جو ھڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ خدا ۽ گھيٽي جي تخت مان نڪري،٢. انھيءَ شھر جي سڙڪ جي وچ مان وھي رھيو ھو. درياءَ جي ٻنھي ڪنارن تي زندگيءَ جو وڻ ھو، جنھن سال ۾ ٻارھن قسمن جا ميوا ٿي ڏنا ۽ ھر مھيني منجھس نوان ميوا ٿي لڳا. انھيءَ وڻ جي پنن مان قومن کي شفا ٿي ملي.٣. اڳتي وري ڪابہ لعنت ڪانہ ھوندي. انھيءَ شھر ۾ خدا ۽ گھيٽي جو تخت ھوندو ۽ سندس ٻانھا ھن جي عبادت ڪندا.٤. اُھي ھن جو منھن ڏسندا ۽ سندس نالو ھنن جي پيشانيءَ تي لکيل ھوندو.٥. اڳتي وري ڪڏھن بہ رات نہ ٿيندي ۽ نہ وري انھن کي ڏيئي يا سج جي روشنائيءَ جي ضرورت پوندي، ڇالاءِجو خداوند خدا انھن کي روشنائي ڏيندو ۽ اھي ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندا.٦. پوءِ انھيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”ھي ڳالھيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آھن.“ خداوند، نبين جي روحن جي خدا، پنھنجو ملائڪ انھيءَ لاءِ موڪليو تہ پنھنجي ٻانھن کي اھي ڳالھيون ڏيکاري جن جو جلد ٿيڻ ضروري آھي.٧. جيئن عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان.“ سڀاڳو آھي اھو جيڪو ھن ڪتاب جي پيشنگوئين کي مڃي ٿو.٨. آءٌ يوحنا، اھو آھيان جنھن اھي ڳالھيون ٻڌيون ۽ ڏٺيون. سو جڏھن مون ٻڌو ۽ ڏٺو تڏھن انھيءَ ملائڪ جي پيرن تي ڪري سجدو ڪرڻ لڳس، جنھن مون کي اھي ڳالھيون ڏيکاريون.٩. پر ھن چيو تہ ”ڏس، متان ائين ڪرين. آءٌ تو سان، ٻين نبين سان ۽ ھن ڪتاب جي ڳالھين تي عمل ڪرڻ وارن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آھيان. رڳو خدا کي سجدو ڪر.“١٠. پوءِ ھن مون کي چيو تہ ”ھن ڪتاب جي پيشنگوئين جي ڳالھين کي راز ۾ نہ رک، ڇالاءِجو وقت ويجھو آھي.١١. جيڪو برائي ڪري ٿو سو ڀلي برائي پيو ڪري، جيڪو ناپاڪ آھي سو ڀلي ناپاڪ پيو رھي، جيڪو نيڪ آھي سو ڀلي نيڪي پيو ڪري ۽ جيڪو پاڪ آھي سو ڀلي پاڪ ٿيندو رھي.“١٢. جيئن عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان ۽ منھنجو اجر مون سان ساڻ آھي، تہ جيئن ھر ڪنھن کي سندس ڪم مطابق بدلو ڏيان.١٣. اول ۽ آخر، پھريون ۽ پويون ۽ ازلي ۽ ابدي آءٌ آھيان.“١٤. سڀاڳا آھن اُھي جيڪي پنھنجا پھراڻ ڌوئي صاف ٿا ڪن. اُھي زندگيءَ جي وڻ جي ميوي جا حقدار ھوندا ۽ انھيءَ شھر جي دروازن مان داخل ٿيندا.١٥. پر ڪتا، جادوگر، زناڪار، قاتل، بتپرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالھائيندڙ شھر کان ٻاھر ھوندا.١٦. عيسيٰ چيو تہ ”مون عيسيٰ، پنھنجو ملائڪ انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ ڪليسيائن کي انھن ڳالھين جي شاھدي ڏئي. آءٌ دائود جي نسل ۽ خاندان مان آھيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آھيان.“١٧. پاڪ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ ”اچ“ ۽ ھر ٻڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ ”اچ.“ جيڪو اڃايل آھي سو ڀلي اچي ۽ جنھن جي مرضي ھجي سو آبِحيات مفت پيئي.١٨. آءٌ يوحنا، ھر ڪنھن کي جيڪو ھن ڪتاب جون پيشنگوئيون ٻڌي ٿو، آگاھہ ٿو ڪريان تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ھنن ۾ ڪو واڌارو ڪندو تہ خدا ھن ڪتاب ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو.١٩. جيڪڏھن ڪو ھن ڪتاب جي پيشنگوئين مان ڪي ڳالھيون گھٽائيندو تہ خدا زندگيءَ جي وڻ ۽ پاڪ شھر مان، جن جو ذڪر ھن ڪتاب ۾ ڪيل آھي، انھيءَ شخص جو حصو ڪڍي ڇڏيندو.٢٠. جيڪو ھنن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان.“ آمين. اي خداوند عيسيٰ! اچ.٢١. شل خداوند عيسيٰ جو فضل سڀني تي ٿيندو رھي. آمين. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society