Bible in one year فيبروري ١متي ٢١:١-٢٢١. جڏھن اھي يروشلم جي ويجھو ٿيا تہ زيتون جي ٽڪر تي بيتفگاہ ڳوٺ ۾ آيا. اتان عيسيٰ ٻن شاگردن کي اڳواٽ موڪليو.٢. انھن کي ھدايتون ڏنائين تہ ”اڳئين ڳوٺ ۾ وڃو. اُتي اوھين ڏسندا تہ ھڪ گڏھِہ پنھنجي کودڙي سميت ٻڌل ھوندي. انھن کي ڇوڙي مون وٽ ڪاھي اچو.٣. جيڪڏھن ڪو ماڻھو اوھان کي ڪجھہ چوي تہ کيس چئجو تہ ’سائينءَ کي انھن جي ضرورت آھي.‘ پوءِ ھو ھڪدم اوھان کي اھي ڪاھڻ ڏيندو.“٤. اھو انھيءَ ڪري ٿيو تہ جيڪو نبيءَ چيو ھو سو سچو ثابت ٿئي تہ٥. ” صيئون جي شھر کي چئو تہ ’ڏس، تنھنجو بادشاھہ تو وٽ اچي پيو، نماڻو ۽ گڏھہ تي سوار، بلڪ گڏھہ جي ٻچڙي يعني کودڙي تي.‘“٦. تڏھن شاگرد روانا ٿي ويا ۽ ائين ئي ڪيائون جيئن عيسيٰ کين چيو ھو.٧. اُھي گڏھِہ ۽ سندس کودڙي کي ڪاھي آيا، مٿن پنھنجا ڪپڙا وڌائون ۽ عيسيٰ سوار ٿي ويٺو.٨. ھڪ تمام وڏي ميڙ مان ڪن پنھنجا ڪپڙا کڻي رستي تي وڇايا ۽ ٻين وري وڻن جون ٽاريون آڻي رستي تي پکيڙي ڇڏيون.٩. جيڪي ميڙ اڳيان ۽ پٺيان پئي آيا تن وڏي آواز سان چيو پئي تہ ”دائود جي پٽ جي واکاڻ ھجي! سڳورو آھي اھو جيڪو خداوند جي نالي سان ٿو اچي! عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ھجي!“١٠. جڏھن عيسيٰ يروشلم ۾ داخل ٿيو تہ سڄو شھر عجب ۾ پئجي ويو. ماڻھن پڇيو تہ ”ھي ڪير آھي؟“١١. ميڙ مان جواب آيو تہ ”ھي گليل جي شھر ناصرت وارو نبي عيسيٰ آھي.“١٢. عيسيٰ ھيڪل ۾ ويو ۽ اُتي جيڪي واپار ۽ ڏيتيليتيءَ ۾ رُڌل ھئا، تن کي ڌڪي ڪڍڻ لڳو ۽ صرافن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين.١٣. انھن کي چيائين تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’منھنجو گھر عبادت جو گھر سڏبو،‘ پر اوھان ان کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بڻائي آھي.“١٤. ڪيئي انڌا ۽ منڊا عيسيٰ وٽ ھيڪل ۾ آيا ۽ ھن انھن سڀني کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.١٥. جڏھن سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن اھي عجب جھڙا ڪم ڏٺا جيڪي ھن پئي ڪيا ۽ ٻارن کي ”دائود جو پٽ مبارڪ، مبارڪ “چوندي ٻڌائون تہ اُھي اچي ڪاوڙيا.١٦. تنھنڪري انھن عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اھو ٻڌين ٿو جيڪو ھو چون پيا؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھائو. ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنھنجي واکاڻ ڪرائي آھي.‘“١٧. پوءِ عيسيٰ انھن کي ڇڏي شھر مان نڪري بيتعنياہ ڏانھن ويو جتي ھو رات ٽڪيو.١٨. ٻئي ڏينھن صبح جو سوير جڏھن عيسيٰ شھر ڏانھن موٽيو پئي تہ کيس اچي بک لڳي.١٩. ھن رستي جي ڀر ۾ ھڪ انجير جو وڻ ڏٺو سو وڌي اُن وڻ ڏانھن ويو. ڏٺائين تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن ھئا. تنھن تي ھن وڻ کي چيو تہ ”تون وري ڪڏھن بہ ميوو نہ جھليندين.“ تڏھن اھو وڻ ھڪدم سڪي ويو.٢٠. ھي ڏسي شاگرد حيران ٿي ويا ۽ پڇيائون تہ ”انجير جو وڻ ايترو جلد ڪيئن سڪي ويو؟“٢١. عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھين يقين رکو ٿا ۽ ڪوبہ شڪ نہ ٿا آڻيو، تہ اوھين بہ ائين ئي ڪري سگھندا جيئن مون ھن انجير جي وڻ سان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر جيڪڏھن اوھين ھن جبل کي بہ چوندا تہ ’پنھنجي جاءِ تان ھٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِرُ،‘ تہ اھو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.٢٢. جيڪڏھن اوھين ايمان آڻيندا تہ جيڪي بہ دعا ۾ گھرندا سو اوھان کي ملي ويندو.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society