|
|
| ١. جڏھن عيسيٰ ھي سڀ ڳالھيون ٻڌائي چڪو تہ ھن پنھنجن شاگردن کي چيو تہ |
| ٢. ”اوھان کي خبر آھي تہ ٻن ڏينھن کان پوءِ عيد فصح ايندي ۽ ابنآدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا.“ |
| ٣. ھوڏانھن سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ قائفا نالي وڏي سردار ڪاھن جي گھر ۾ اچي گڏ ٿيا. |
| ٤. ھنن عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي، |
| ٥. پر چيائون تہ ”عيد جي ڏينھن نہ ڪريون متان ماڻھن ۾ وڳوڙ نہ پئجي وڃي.“ |
| ٦. جڏھن عيسيٰ بيتعنياہ ۾ ڪوڙھہ جھڙي مرض واري شمعون جي گھر ۾ ھو تہ |
| ٧. ھڪ عورت وٽس آئي جنھن کي ھڪ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ تمام قيمتي عطر ھو. جڏھن عيسيٰ ماني کائي رھيو ھو تہ ان عورت اچي ھن جي مٿان عطر ھاريو. |
| ٨. شاگرد ھي ڏسي ڪاوڙيا ۽ چيائون تہ ”ھي زيان ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ |
| ٩. ھي عطر وڏيءَ رقم ۾ وڪامجي سگھيو ٿي ۽ اُھي پيسا غريبن کي ڏجن ھا.“ |
| ١٠. عيسيٰ سندن اھا ڳالھہ ٻڌي چيو تہ ”اوھين ھن عورت کي ڇو ٿا ستايو؟ ھن منھنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آھي. |
| ١١. غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن پر آءٌ اوھان سان ھميشہ نہ ھوندس. |
| ١٢. جڏھن ھن منھنجي جسم تي عطر ھاريو تہ ھن مون کي دفن لاءِ تيار ڪيو. |
| ١٣. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ سڄيءَ دنيا ۾ جتي بہ خوشخبريءَ جي تبليغ ڪئي ويندي، اُتي ھن عورت جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل ھن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“ |
| ١٤. پوءِ ٻارھن شاگردن مان ھڪڙو جنھن کي يھوداہ اسڪريوتي چوندا ھئا سو سردار ڪاھنن وٽ آيو، |
| ١٥. ۽ کين چيائين تہ ”جيڪڏھن آءٌ عيسيٰ کي اوھان جي حوالي ڪريان تہ پوءِ اوھين مون کي ڇا ڏيندا؟“ تنھن تي انھن کيس ٽيھہ چانديءَ جا سڪا ڳڻي ڏنا. |
| ١٦. ان کان پوءِ يھوداہ اھڙي موقعي جي تاڙ ۾ ھو تہ جيئن عيسيٰ کي سندن حوالي ڪري. |
| ١٧. بيخميري مانيءَ جي عيد جي پھرين ڏينھن تي شاگردن اچي عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ اسين اوھان جي عيد فصح کائڻ جي تياري ڪٿي ڪريون؟“ |
| ١٨. عيسيٰ ھنن کي چيو تہ ”شھر ۾ فلاڻي ماڻھوءَ وٽ وڃو ۽ منھنجي لاءِ کيس ٻڌايو تہ ’استاد چوي ٿو تہ سندس وقت اچي ويجھو ٿيو آھي. ھو پنھنجن شاگردن سميت عيد فصح اوھان جي گھر ۾ ملھائيندو.‘“ |
| ١٩. شاگردن ائين ئي ڪيو جيئن عيسيٰ کين ٻڌايو ھو ۽ عيد فصح تيار ڪيائون. |
| ٢٠. جڏھن شام ٿي تہ عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن سميت دسترخوان تي اچي ويٺو. |
| ٢١. ماني کائيندي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“ |
| ٢٢. شاگرد ويچارا ڏاڍا غمگين ٿيا ۽ ھڪٻئي پٺيان عيسيٰ کان پڇڻ لڳا تہ ”خداوند، اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“ |
| ٢٣. تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اُھو جنھن پنھنجو گرھہ مون سان گڏ ٿالھيءَ مان ٻوڙيو سو ئي مون کي پڪڙائيندو. |
| ٢٤. ابنآدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن صحيفي ۾ لکيل آھي. پر حيف آھي اُن تي جيڪو ابنآدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ھو تہ ھو دنيا ۾ اصل ڄمي ئي نہ ھا.“ |
| ٢٥. دغاباز يھوداہ ڳالھايو ۽ پڇيائين تہ ”اي سائين! اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ائين تہ تون پاڻ ٿو چوين.“ |
|
|
| Sindhi Common Bible 2009 |
| © 2009 Pakistan Bible Society |