Bible in one year فيبروري ١٤متي ٢٧:١-٢٦١. صبح جو سوير ئي سڀيئي سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ پاڻ ۾ مليا ۽ عيسيٰ کي مارائڻ جا منصوبا جوڙڻ لڳا.٢. سو ھن کي ٻڌي وٺي ويا ۽ وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيائونس.٣. جڏھن دغاباز يھوداہ ڏٺو تہ عيسيٰ کي سزاوار ٺھرايو ويو آھي تڏھن ھن ڏاڍو پڇتايو ۽ اھي ٽيھہ چانديءَ جا سڪا سردار ڪاھنن ۽ بزرگن وٽ موٽائي کڻي ويو.٤. ھن کين چيو تہ ”مون اھو گناھہ ڪيو آھي جو ھڪ بيگناھہ کي پڪڙايو اٿم.“ پر انھن وراڻيس تہ ”اسان جو ان سان ڪھڙو واسطو؟ اھو تہ تنھنجو ئي ڪم آھي سو تون ئي ڄاڻ.“٥. يھوداہ اھي پيسا ھيڪل ۾ ڦٽا ڪري ھليو ويو ۽ وڃي پاڻ کي ڦاھو ڏنائين.٦. پوءِ سردار ڪاھنن اھي سڪا کڻي چيو تہ ”ھي پيسا خون جي بھا آھي، تنھنڪري انھن پيسن کي ھيڪل جي خزاني ۾ وجھڻ جائز نہ آھي.“٧. سو ھنن پاڻ ۾ صلاح ڪري انھن پيسن سان ڪنڀر وارو ميدان خريد ڪيو، انھيءَ لاءِ تہ اتي پرديسين واسطي قبرستان ٺاھين.٨. اھو ئي سبب آھي جو اڄ ڏينھن تائين اھا زمين ”رت جو ميدان“ سڏبي آھي.٩. اھڙيءَ طرح يرمياہ نبيءَ جو چوڻ سچو ثابت ٿيو تہ ”انھن اھي ٽيھہ سڪا کنيا، جيڪي بني اسرائيل سندس مُلھہ طور ڏيڻ لاءِ قبول ڪيا ھئا.١٠. پوءِ انھن اھي پيسا ڪنڀر جي ميدان لاءِ ڏنا، جيئن خداوند مون کي حڪم ڏنو ھو.“١١. عيسيٰ گورنر جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جنھن کانئس سوال پڇيو تہ ”ڇا تون يھودين جو بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو.“١٢. جڏھن سردار ڪاھن ۽ چڱا مڙس مٿس تھمتون ھڻڻ لڳا تہ انھن جي جواب ۾ يسوع ڪجھہ بہ نہ چيو.١٣. تنھنڪري پلاطس ھن کي چيو تہ ”ڇا تون ھي سڀ ڳالھيون ٻڌين ٿو جيڪي ھي تو تي مڙھين ٿا؟“١٤. پر عيسيٰ جواب ۾ ھڪ لفظ بہ نہ ڪڇيو. تنھن تي گورنر ڏاڍو حيران ٿيڻ لڳو.١٥. گورنر جو اھو دستور ھوندو ھو تہ عيد فصح جي موقعي تي ھو ھڪڙي قيديءَ کي آزاد ڪندو ھو، جنھن جي لاءِ رعيت چوندي ھيس.١٦. انھن ڏينھن ۾ ھڪ مشھور ماڻھو قيد ٿيل ھو، جنھن جو نالو برابا ھو.١٧. پوءِ جڏھن ماڻھو اچي گڏ ٿيا تہ پلاطس انھن کان پڇيو تہ ”ٻڌايو تہ اوھان جي خاطر آءٌ ڪنھن کي آزاد ڪريان، برابا کي يا عيسيٰ کي، جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“١٨. ڇاڪاڻتہ ھن ڄاتو پئي تہ ھنن حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري وٽس آندو آھي.١٩. اڃا ھو انصاف جي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي ھو تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ ”ھن نيڪ ماڻھوءَ کي ڪجھہ بہ نہ چئجانءِ، ڇالاءِجو اڄ خواب ۾ مون ھن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آھي.“٢٠. پر سردار ڪاھنن ۽ بزرگن خلق کي سمجھائي ڇڏيو ھو تہ ھو پلاطس کي چون تہ برابا کي آزاد ڪري ۽ عيسيٰ کي موت جي سزا ڏئي.٢١. گورنر انھن کان پڇيو تہ ”ھنن ٻنھي مان اوھان جي خاطر ڪنھن کي آزاد ڪريان؟“ انھن وراڻيو تہ ”برابا کي!“٢٢. تنھن تي پلاطس انھن کان پڇيو تہ ”پوءِ عيسيٰ کي ڇا ڪريان جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“ انھن سڀني چيو تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“٢٣. تنھن تي پلاطس پڇين تہ ”ڇو، ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟“ پر ھنن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪيون تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“٢٤. تنھنڪري جڏھن پلاطس ڏٺو تہ ڪو چارو ئي نہ آھي ۽ اٽلندو فساد ٿو ٿئي، تڏھن ڪجھہ پاڻي کڻي ماڻھن جي اڳيان پنھنجا ھٿ ڌوتائين ۽ چيائين تہ ”آءٌ ھن ماڻھوءَ جي خون کان آجو آھيان. اھا اوھان جي ذميواري آھي.“٢٥. سڀني ماڻھن جواب ۾ چيو تہ ”ڀلي تہ ھن جي خون جي سزا اسان کي ۽ اسان جي ٻارن کي ملي.“٢٦. پوءِ پلاطس برابا کي انھن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو. پر عيسيٰ کي ھن چھبڪ ھڻائي ماڻھن جي حوالي ڪيو تہ وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻنس. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society