Bible in one year فيبروري ١٥متي ٢٧:٢٧-٥٤٢٧. پوءِ سپاھي عيسيٰ کي گورنر جي محلات ۾ وٺي آيا ۽ سمورا سپاھي ھن جي چوڌاري ڦري آيا.٢٨. انھن عيسيٰ جا ڪپڙا لھرايا ۽ ھڪڙو قرمزي جبو ڍڪايائونس.٢٩. تنھن کان پوءِ انھن ھڪڙو ڪنڊن جو تاج ٺاھي ھن جي مٿي تي رکيو ۽ ھڪ لٺ سندس ھٿ ۾ ڏنائون ۽ پاڻ سڀيئي ھن جي اڳيان گوڏا کوڙي چٿرون ڪرڻ لڳا. اھي چون پيا تہ ”سلام، اي يھودين جا بادشاھہ!“٣٠. پوءِ انھن ھن کي ٿڪون ھنيون ۽ اھا ئي لٺ کڻي کيس مٿي تي ڌڪ ھڻڻ لڳا.٣١. جڏھن اھي چٿرون ڪري چڪا تہ اھو قرمزي جبو لھرائي وري کيس ساڳيا ڪپڙا پھرايائونس. پوءِ ھو کيس ٻاھر وٺي آيا تہ جيئن صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻنس.٣٢. جڏھن ھو وڃن پيا تہ انھن کي ڪرين شھر جو ھڪڙو ماڻھو مليو جنھن جو نالو شمعون ھو. انھيءَ تي ھنن زور رکيو تہ ھو عيسيٰ جو صليب کڻي ھلي.٣٣. پوءِ ھو گلگٿا نالي ھڪڙي جاءِ تي پھتا، جنھن جي معنيٰ آھي ”کوپريءَ جي جاءِ“.٣٤. انھن عيسيٰ کي ڪوڙاڻ گڏيل مئي پيئڻ لاءِ ڏني. پر جڏھن ھن اھو چکيو تڏھن پيئڻ کان انڪار ڪيائين.٣٥. سپاھين کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا ۽ سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائڻ لاءِ پُکا وڌائون.٣٦. ان کان پوءِ اُھي اُتي ويھي رھيا ۽ ھن تي پھرو ڏيڻ لڳا.٣٧. انھن ھن جي مٿان اھو الزام لکي ھنيو تہ ”ھي يھودين جو بادشاھہ عيسيٰ آھي.“٣٨. پوءِ عيسيٰ سان گڏ ٻن ڌاڙيلن کي بہ صليب تي چاڙھيائون، ھڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي.٣٩. جيڪي ماڻھو اتان لنگھن پيا سي پنھنجا ڪنڌ ڌوڻي ٺٺوليون ڪري عيسيٰ کي چون پيا تہ٤٠. ”تون تہ ٽن ڏينھن ۾ ھيڪل پيو ڊاھين ۽ ٺاھين، ھاڻي پاڻ کي تہ بچاءِ. جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ صليب تان ھيٺ لھي تہ ڏيکار.“٤١. ساڳيءَ طرح سردار ڪاھن، شريعت جا عالم ۽ بزرگ ھن تي چٿرون ڪري چوڻ لڳا تہ٤٢. ”ھي تہ ٻين کي پيو ڇڏائي پر ھاڻي پاڻ کي نہ ٿو بچائي سگھي. ڇا ھي بني اسرائيل جو بادشاھہ آھي؟ ھاڻي صليب تان لھي اچي تہ ڏسون ۽ ان تي ايمان آڻيون.٤٣. ھو خدا تي ڀروسو ٿو رکي ۽ چوي ٿو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آھيان‘ تہ پوءِ ھاڻي ڏسون تہ خدا ھن کي ڪيئن ٿو بچائي.“٤٤. جيڪي ڌاڙيل ھن سان گڏ صليب تي چاڙھيا ويا اھي بہ ساڳيءَ طرح کيس طعنا ھڻن پيا.٤٥. منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اوندھہ ڇانئجي ويئي، جيڪا ٽپھريءَ تائين ھلي.٤٦. ٽپھريءَ مھل عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”ايلي! ايلي! لما سبخٿني؟“ يعني ”اي منھنجا خدا! اي منھنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آھي؟“٤٧. جيڪي ماڻھو اُتي بيٺا ھئا تن مان ڪن ھن جا اھي لفظ ٻڌا ۽ چيائون تہ ”ھي الياس نبيءَ کي سڏي رھيو آھي.“٤٨. انھن مان ھڪڙو ماڻھو جلدي ڀڳو ۽ فوم جھڙي ھڪ شيءِ کڻي ڪؤڙي مئي سان ڀري ڪاني جي چوٽيءَ تي ٻڌي عيسيٰ کي پيئڻ لاءِ ڏنائين.٤٩. پر ٻين چيو تہ ”ترسو، ڏسون تہ الياس ھن کي بچائڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“٥٠. عيسيٰ وري وڏي رڙ ڪئي ۽ دم ڏنائين.٥١. انھيءَ دم ھيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. ڌرتي ڌڏي ويئي ۽ ڏونگر ڏري پيا.٥٢. قبرون ڦاٽي پيون ۽ ڪيترائي نيڪ ماڻھو جيڪي مري ويا ھئا سي جيئرا ٿي اٿيا.٥٣. اھي عيسيٰ جي ٻيھر جيئري ٿيڻ کان پوءِ قبرن مان ٻاھر نڪري اچي پاڪ شھر يروشلم ۾ داخل ٿيا ۽ گھڻن ئي ماڻھن کين ڏٺو.٥٤. فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ عيسيٰ تي پھرو ڏيئي رھيا ھئا، تن جڏھن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”سچپچ ھيءُ ماڻھو خدا جو فرزند ھو.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society