|
|
| ٥٥. اُتي ڪيتريون عورتون بہ ھيون، جيڪي پري کان ڏسي رھيون ھيون. اُھي عيسيٰ جي خدمت ڪرڻ لاءِ ساڻس گڏجي گليل کان آيون ھيون. |
| ٥٦. انھن ۾ مريم مگدليني، يعقوب ۽ يوسف جي ماءُ مريم ۽ زبديءَ جي پٽن جي ماءُ ھئي. |
| ٥٧. جڏھن شام ٿي تہ ارمٿيا جو رھاڪو ھڪ شاھوڪار ماڻھو اتي اچي پھتو. ھن جو نالو يوسف ھو ۽ ھو بہ عيسيٰ جو شاگرد ٿيو ھو. |
| ٥٨. ھو پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عيسيٰ جي لاش وٺڻ لاءِ عرض ڪيائين. پلاطس حڪم ڏنو تہ ”عيسيٰ جو لاش کيس ڏنو وڃي.“ |
| ٥٩. پوءِ يوسف لاش ورتو ۽ انھيءَ کي ھڪڙي اُچي صاف ڪفن ۾ ويڙھي، |
| ٦٠. اُن قبر ۾ رکيائين جيڪا ھن ٽڪر تي پنھنجي لاءِ تازو کوٽائي ھئي. پوءِ ھڪڙو وڏو پٿر ريڙھي قبر جي منھن تي ڏنائين ۽ پاڻ ھليو ويو. |
| ٦١. مريم مگدليني ۽ اھا ٻي مريم اچي قبر جي سامھون ويھي رھيون. |
| ٦٢. تياريءَ جي ڏينھن کان پوءِ ٻئي ڏينھن تي سردار ڪاھن ۽ فريسي گڏجي پلاطس وٽ ويا |
| ٦٣. ۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آھي تہ ھو ٺڳ جڏھن اڃا جيئرو ھو تہ چوندو ھو تہ ’آءٌ ٽن ڏينھن کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿندس.‘ |
| ٦٤. تنھنڪري اوھين حڪم جاري ڪريو تہ ٽن ڏينھن تائين قبر تي پھرو ڏنو وڃي، متان ھن جا شاگرد سندس ميت چورائي وڃن ۽ وڃي ماڻھن کي چون تہ ھو مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو آھي. سو متان ھيءَ پوئين ٺڳي پھرين کان بہ وڌيڪ خراب نہ ثابت ٿئي.“ |
| ٦٥. تنھن تي پلاطس انھن کي چيو تہ ”پوءِ پھريدار وٺي وڃو ۽ ايتري سخت چوڪسي ڪريو جيتري ڪري سگھو.“ |
| ٦٦. پوءِ ھو پھريدارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا ۽ پٿر تي مُھر ھڻي قبر تي پھرو ڏنائون. |
|
|
| Sindhi Common Bible 2009 |
| 2009 Pakistan Bible Society |