Bible in one year فيبروري ٢متي ٢١:٢٣-٤٦٢٣. عيسيٰ ھيڪل ۾ موٽي آيو ۽ جيئن تعليم پئي ڏنائين تہ سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ٿو ڪرين؟ اھو ڪير آھي جنھن تو کي اھا اختياري ڏني آھي؟“٢٤. عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ بہ اوھان کان ھڪڙو سوال ٿو پڇان ۽ جيڪڏھن اوھان مون کي جواب ڏنو تہ آءٌ بہ ٻڌائيندس تہ ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ٿو ڪريان.٢٥. ٻڌايو تہ يحيٰ جي بپتسما ڪنھن جي طرفان ھئي، خدا جي طرفان ھئي يا ماڻھن جي طرفان؟“ تنھن تي اھي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏھن ’خدا جي طرفان‘ ٿا چئون تہ ھو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ اوھان ھن تي ايمان ڇو نہ آندو؟‘٢٦. پر جي چئون ٿا ’ماڻھن جي طرفان‘ تہ اسان کي ماڻھن کان خوف ٿو ٿئي ڇاڪاڻتہ اھي يحيٰ کي نبي ڪري پيا مڃين.“٢٧. تنھنڪري انھن عيسيٰ کي جواب ڏنو تہ ”اسان کي خبر نہ آھي.“ تنھن تي ھن انھن کي چيو تہ ”آءٌ بہ نہ ٻڌائيندس تہ ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم پيو ڪريان.“٢٨. ”اوھين ھن ڳالھہ بابت ڇا ٿا سمجھو؟ ڪنھن ماڻھوءَ کي ٻہ پٽ ھئا. ھو پھريائين وڏي پٽ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ’پٽ! اڄ وڃي تون انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪر.‘٢٩. پھريائين تہ ھن جواب ڏنو تہ ’آءٌ ڪين ويندس،‘ پر پوءِ پاڻھي پڇتائي انگورن جي باغ ڏانھن ھليو ويو.٣٠. پوءِ پيءُ وري ٻئي پٽ وٽ ويو ۽ کيس ساڳيو ئي ڪم چيائين. ھن جواب ۾ چيو تہ ’ھائو سائين!‘ پر ويو ڪين.٣١. ھاڻي اوھين ٻڌايو تہ ھنن ٻنھي مان ڪنھن پنھنجي پيءُ جي مرضي پوري ڪئي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”وڏي.“ تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ اوھان کان اڳي اھي ڪسبياڻيون ۽ محصول اڳاڙيندڙ خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.٣٢. ڇالاءِجو يحيٰ تہ اوھان کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ آيو ھو ۽ اوھان ھن کي قبول نہ ڪيو. پر محصول اڳاڙيندڙن ۽ ڪسبياڻين ھن کي قبول ڪيو. اوھان جيتوڻيڪ کيس ڏٺو پر نہ اوھان توبھہ ڪئي ۽ نہ مٿس ايمان آندو.“٣٣. عيسيٰ چيو تہ ”ھڪڙو ٻيو مثال ٻڌو تہ ھڪڙي زميندار انگورن جو باغ لڳايو. ان جي چوڌاري لوڙھو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ ھڪ حوض ٺھرايائين ۽ پھري لاءِ ٺُلھہ بہ ٺھرايائين. پوءِ باغ باغائين کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن ھليو ويو.٣٤. جڏھن ميوي لھڻ جو وقت ٿيو تہ ھن پنھنجا نوڪر باغائين ڏانھن موڪليا تہ سندس ڀاڱي جو ميوو وٺي اچن.٣٥. باغائين سندس نوڪرن کي پڪڙي ھڪڙي کي مار ڏني، ٻئي کي ماري ڇڏيو ۽ ٽئين کي سنگسار ڪري ڇڏيائون.٣٦. وري ھُن اڳي کان بہ وڌيڪ نوڪر موڪليا ۽ تن سان بہ انھن ساڳي ڪار ڪئي.٣٧. آخر ۾ ھن پنھنجو پٽ موڪليو، ڇالاءِجو ھن جو خيال ھو تہ ھو اُن جي ضرور عزت ڪندا.٣٨. پر جڏھن باغائين ھن جي پٽ کي ڏٺو تڏھن انھن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’ھيءُ مالڪ جو وارث آھي. اچو تہ ھن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘٣٩. پوءِ انھن ھن کي پڪڙيو ۽ انگورن جي باغ مان ٻاھر ڪڍي ماري ڇڏيائونس.“٤٠. عيسيٰ پڇيو تہ ”ھاڻي جڏھن باغ جو مالڪ ايندو تڏھن ھو انھن باغائين کي ڇا ڪندو؟“٤١. انھن وراڻيو تہ ”ھو ضرور انھن بڇڙن ماڻھن کي ماري ڇڏيندو ۽ انگورن جو باغ ڪن ٻين باغائين کي ٺيڪي تي ڏيندو، جيڪي کيس سندس ڀاڱو ميوي لھڻ وقت ڏيندا.“٤٢. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو. اھو خداوند جي طرفان ڪيو ويو، اھا اسان لاءِ ڪھڙي نہ عجيب ڳالھہ آھي!‘“٤٣. عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”تنھنڪري آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاھت اوھان کان کسي ويندي ۽ انھيءَ قوم کي ڏني ويندي جيڪا پورو پورو ميوو اُپائيندي.٤٤. جيڪوبہ اُن پٿر تي ڪرندو، سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنھن تي اھو ڪرندو، تنھن کي چُور چُور ڪري ڇڏيندو.“٤٥. سردار ڪاھنن ۽ فريسين جڏھن عيسيٰ جا مثال ٻڌا تہ سمجھيائون تہ ھو انھن بابت ٿو ڳالھائي،٤٦. تنھنڪري انھن ڪوشش ڪئي تہ ھن کي گرفتار ڪرائين. پر کين ماڻھن جو ڊپ پئي ٿيو، ڇالاءِجو انھن عيسيٰ کي نبي پئي سمجھيو. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society