|
|
| ١. ڪن ڏينھن کان پوءِ عيسيٰ ڪفرناحوم ۾ وري موٽي آيو ۽ اھا خبر پکڙجي ويئي تہ ھو گھر ۾ آھي. |
| ٢. سو ايترا تہ ماڻھو اچي مڙيا جو دروازي تي بہ بيھڻ جي جاءِ ڪانہ ھئي. عيسيٰ انھن کي خدا جو ڪلام پئي ٻڌايو، |
| ٣. تہ ڪي ماڻھو ھڪ اڌرنگيءَ شخص کي چئن ماڻھن کان کڻائي وٽس آيا. |
| ٤. جيئن تہ سخت ڀيڙ جي ڪري ھو اندر اچي نہ سگھيا، سو جنھن جاءِ ۾ عيسيٰ ويٺل ھو، تنھن جي ڇت کي ڦاڙ ڪيائون. جڏھن ڦاڙ ويڪرو ٿيو تہ ھنن کٽولو، جنھن تي اڌرنگي پيل ھو سو ھيٺ لاٿو. |
| ٥. عيسيٰ انھن جو ايڏو ايمان ڏسي انھيءَ اڌرنگي شخص کي چيو تہ ”پٽ، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“ |
| ٦. پر اتي ڪي شريعت جا عالم ويٺا ھئا، سي پنھنجين دلين ۾ دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ |
| ٧. ”ھي ماڻھو ائين ڇو ٿو چوي؟ ھي تہ ڪفر ٿو بڪي، ڇالاءِجو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناھہ بخشي نہ ٿو سگھي.“ |
| ٨. عيسيٰ ھڪدم انھن جي دلين جي دليلن کي ڄاڻي ورتو، سو کين چيائين تہ ”ڇو اوھين پنھنجين دلين ۾ اھڙا دليل ڊوڙايو ٿا؟ |
| ٩. ڇا اھو سولو آھي تہ ھن اڌرنگي ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ بخشجي ويا‘ يا اھو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر؟‘ |
| ١٠. پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابنآدم کي دنيا ۾ ماڻھن جي گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو عيسيٰ اڌرنگيءَ شخص کي چيو تہ |
| ١١. ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“ |
| ١٢. سڀني ماڻھن جي ڏسندي ئي ھو اُٿي بيٺو، پنھنجو کٽولو کنيائين ۽ تڪڙو تڪڙو ھليو ويو. ھو سڀيئي ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”اسان ڪڏھن بہ اھڙي ڳالھہ نہ ڏٺي آھي!“ |
| ١٣. عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري سان پئي ويو تہ ھن وٽ ھڪ ميڙ اچي گڏ ٿيو ۽ ھن انھن کي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. |
| ١٤. واٽ ويندي ھن حلفيءَ جي پٽ لاويءَ کي محصولي اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“ تنھن تي لاوي اٿيو ۽ ھن جي پٺيان ھلڻ لڳو. |
| ١٥. تنھن کان پوءِ عيسيٰ لاويءَ جي گھر پنھنجن شاگردن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ھو تہ ساڻس ڪيئي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار بہ گڏ ويٺا ھئا، ڇالاءِجو اھڙا گھڻا ئي ھئا جيڪي عيسيٰ جي پٺيان ايندا ھئا. |
| ١٦. ڪن شريعت جي عالم فريسين جڏھن ڏٺو تہ عيسيٰ محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ٿو کائي، تڏھن انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”ھو محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“ |
| ١٧. عيسيٰ ھي ٻڌي ورتو ۽ چيائين تہ ”چڱن ڀلن کي نہ بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج ھوندي آھي. آءٌ نيڪن کي نہ پر گنھگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“ |
| ١٨. ھڪڙي دفعي جڏھن يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي روزي سان ھئا تہ ڪي ماڻھو عيسيٰ وٽ آيا ۽ اچي پڇيائونس تہ ”يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي تہ روزا رکن ٿا پر اوھان جا شاگرد ڇو نہ ٿا روزا رکن؟“ |
| ١٩. عيسيٰ انھن کي جواب ڏنو تہ ”ڇا گھوٽ جا ڄاڃي روزا رکي سگھن ٿا جڏھن تہ گھوٽ بہ انھن سان ھجي؟ |
| ٢٠. پر ڪو وقت ايندو جڏھن گھوٽ انھن کان جدا ڪيو ويندو تہ پوءِ ان وقت ھو بہ روزا رکندا. |
| ٢١. ڪوبہ ماڻھو پراڻي پھراڻ کي نئين چتي نہ ٿو ھڻي، پر جيڪڏھن ائين ڪندو تہ نئين چتي پراڻي ڪپڙي کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي. |
| ٢٢. ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ نہ ٿو ڀري، جيڪڏھن ائين ڪندو تہ مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي. سو مئي ۽ ساندارا ٻئي زيان ٿي ويندا. تازي مئي نون ساندارن ۾ ڀربي آھي.“ |
| ٢٣. ھڪڙي سبت جي ڏينھن عيسيٰ اَنَ جي ٻنين مان لنگھي رھيو ھو. جيئن تہ شاگرد ساڻس گڏ ھلن پيا سو اھي اَنَ جا سنگ پٽي کائڻ لڳا. |
| ٢٤. تنھن تي فريسين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڏسو، اوھان جا شاگرد اھو ڪم ڇو ٿا ڪن جيڪو سبت جي ڏينھن تي جائز نہ آھي؟“ |
| ٢٥. عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوھان اھو نہ پڙھيو آھي تہ جڏھن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي ھئي ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ گھربو ھو، تڏھن دائود ڇا ڪيو ھو؟ |
| ٢٦. ھو سردار ڪاھن ابياتر جي ڏينھن ۾ خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو. اتي ھن نذر جون مانيون پاڻ بہ کاڌيون ۽ پنھنجن ساٿين کي بہ ڏنيون، جيتوڻيڪ اُھي مانيون ڪاھنن کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي بہ کائڻ جائز نہ ھيون.“ |
| ٢٧. عيسيٰ انھن کي وڌيڪ چيو تہ ”سبت ماڻھن لاءِ ٺھيو آھي، نہ ماڻھو سبت جي لاءِ. |
| ٢٨. ابنآدم تہ سبت جو بہ مالڪ آھي.“ |
|
|
| Sindhi Common Bible 2009 |
| 2009 Pakistan Bible Society |