Bible in one year فيبروري ٢٤مرقس ٤:٢١-٤٠٢١. عيسيٰ وڌيڪ چين تہ ”ڇا اوھين ڏيئو ٻاري ڍڪڻ يا کٽوليءَ جي ھيٺان آڻي رکندا آھيو؟ نہ، پر اھو ڏياٽيءَ تي آڻي رکندا آھيو.٢٢. مطلب تہ اھڙي ڪابہ شيءِ لڪل نہ آھي جيڪا ظاھر نہ ٿئي ۽ اھڙي ڪابہ ڍڪيل نہ آھي جا پڌري نہ ٿئي.٢٣. جيڪڏھن اوھان کي ڪن آھن تہ ٻڌي ڇڏيو.“٢٤. عيسيٰ اھو بہ چين تہ ”جيڪي ڪجھہ ٻڌو ٿا تنھن تي ڌيان ڏيو، ڇالاءِجو جنھن ماپي سان اوھين ماپي ڏيندا تنھن ئي ماپي سان اوھان کي بہ ماپجي ملندو، بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ملندو.٢٥. ڇالاءِجو جنھن وٽ آھي تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنھن وٽ ڪجھہ بہ نہ آھي تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آھي.“٢٦. عيسيٰ ٻڌايو تہ ”خدا جي بادشاھت ان ماڻھوءَ مثل آھي، جيڪو پنھنجي ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽي ٿو.٢٧. ھو رات جو سمھي ٿو ۽ ڏينھن جو جاڳي ٿو ۽ ٻج اھڙيءَ طرح ڦٽي ھلي ٿو جو ھن کي ان جي خبر ئي نہ ٿي پوي.٢٨. زمين پاڻھي ئي فصل ڏئي ٿي، پھريائين سلو، پوءِ سنگ ۽ ان کان پوءِ سنگ ۾ داڻا ٿين ٿا.٢٩. پر جڏھن فصل پچي تيار ٿئي ٿو تڏھن ھو ھڪدم انھيءَ ۾ ڏاٽو وجھي ٿو، ڇالاءِجو لاباري جو وقت اچي ويو آھي.“٣٠. عيسيٰ چيو تہ ”اسين خدا جي بادشاھت کي ڇا سان ڀيٽيون ۽ ان کي سمجھائڻ لاءِ اسين ڪھڙو مثال ڏيون؟٣١. اھا سرنھن جي داڻي مثل آھي، جيڪو پوکڻ وقت سڀني کان ننڍو آھي،٣٢. پر پوکڻ کان پوءِ اڀري سڀني ٻوٽن کان وڌي وڃي ٿو ۽ ايڏيون تہ وڏيون ٽاريون ٿو جھلي جو پکي سندس ٽارين ۾ واھيرو ڪن ٿا.“٣٣. جيتري کين سمجھڻ جي سگھہ ھئي، عيسيٰ اوترا مثال ڏيئي انھن کي خدا جو ڪلام ٻڌايو.٣٤. ھو مثالن کان سواءِ انھن سان نہ ڳالھائيندو ھو، پر جڏھن شاگردن سان اڪيلائپ ۾ ھوندو ھو تہ کين سڀني ڳالھين جو مطلب سمجھائيندو ھو.٣٥. انھيءَ ساڳئي ڏينھن شام جو عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”ھلو تہ ڍنڍ جي ھُن ڀر ھلون.“٣٦. تنھن تي ھنن خلق کي اتي ئي ڇڏيو ۽ جنھن ٻيڙيءَ ۾ عيسيٰ اڳي ئي ويٺل ھو، تنھن ۾ چڙھي ساڻس گڏ روانا ٿيا. ٻيون ٻيڙيون بہ انھيءَ ٻيڙيءَ سان گڏ ھيون.٣٧. اوچتو ئي ھڪڙو وڏو طوفان آيو ۽ ڇولين ٻيڙيءَ تي اھڙو تہ سٽڪو لائي ڏنو جو ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجي ٻڏڻ لڳي.٣٨. عيسيٰ ٻيڙيءَ جي پاڇيل تي وھاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ستو پيو ھو تہ شاگردن اچي کيس جاڳايو ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسين مرڻ تي آھيون ۽ اوھان کي ڪو خيال ئي نہ ٿو ٿئي؟“٣٩. تنھن تي عيسيٰ اُٿيو ۽ واءُ کي ڇينڀيائين ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي حڪم ڪيائين تہ ”ماٺيون ٿيو.“ تڏھن طوفان بيھجي ويو ۽ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.٤٠. پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھين ڇو ٿا ڊڄو؟ ڇا اوھان کي اڃا تائين مون تي ايمان نہ آھي؟“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society