Bible in one year فيبروري ٢٧مرقس ٦:١-٢٩١. عيسيٰ اتان روانو ٿي موٽي پنھنجي شھر ۾ آيو ۽ سندس شاگرد بہ ھن جي پٺيان آيا.٢. جڏھن سبت جو ڏينھن آيو تہ ھو عبادتخاني ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻھو ھن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھن اھي ڳالھيون ڪٿان سکيون آھن؟ اھا ڪھڙي دانائي آھي جا کيس ملي آھي؟ ھو اھڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري سگھي؟٣. ڇا ھي اھو ڊکڻ نہ آھي جو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يھوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آھي؟ ڇا ھن جون ڀينرون ھتي نہ ٿيون رھن؟“ تنھنڪري ھنن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو.٤. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ھر نبي پنھنجي وطن، مائٽن ۽ خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان پائيندو آھي.“٥. عيسيٰ اتي ڪن ٿورن بيمار ماڻھن جي مٿان ھٿ رکي شفا بخشڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو ڪري نہ سگھيو.٦. انھن جي ايمان جي گھٽتائيءَ تي عيسيٰ کي ڏاڍو عجب لڳو. پوءِ عيسيٰ چوطرف سڀني ڳوٺن ۾ ويو ۽ ماڻھن کي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين.٧. ھن پنھنجن ٻارھن ئي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ کين ٻن ٻن جي ٽولي ۾ روانو ڪيائين. انھن کي اختياري ڏنائين تہ ماڻھن مان ڀوت ڪڍين،٨. ۽ کين تاڪيد ڪري چيائين تہ ”اوھين پاڻ سان نڪا ماني، نڪو ٻاچڪو، نڪي ھڙ ۾ پيسو يا ٻيو ڪجھہ کڻجو پر سفر ۾ رڳو لٺ کڻجو.٩. رڳو چاکڙيون پائجو ۽ ٻيو ڪوبہ فالتو پھراڻ پاڻ سان نہ کڻجو.“١٠. عيسيٰ کين اھو بہ چيو تہ ”جتي بہ وڃو تہ جنھن گھر ۾ اوھين داخل ٿيو تنھن ۾ ايستائين ٽڪي پئجو، جيستائين ان شھر مان روانا نہ ٿيو.١١. جيڪڏھن ڪنھن اھڙي ھنڌ وڃو جتان جا ماڻھو اوھان کي قبول نہ ڪن، تہ پوءِ اتان رواني ٿيڻ وقت پنھنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو تہ جيئن مٿن شاھدي ٿئي.“١٢. پوءِ اھي روانا ٿي ويا ۽ ماڻھن ۾ وڃي تبليغ ڪيائون تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو.“١٣. ھنن ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت ڪڍيا ۽ گھڻن ئي بيمارن کي زيتون جو تيل مکي چڱو ڀلو ڪيائون.١٤. گليل جي بادشاھہ ھيروديس بہ ھي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي، ڇاڪاڻتہ عيسيٰ جي عزت ۽ وقار جي ھاڪ ھرھنڌ پکڙجي ويئي ھئي. ڪي چون پيا تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو وري جيئرو ٿيو آھي. تنھنڪري ھو اھڙا معجزا ڪري رھيو آھي.“١٥. ٻيا وري چون پيا تہ ”ھو الياس نبي آھي.“ ڪي چون پيا تہ ”ھو اڳين نبين جھڙو ھڪ نبي آھي.“١٦. جڏھن ھيروديس ھي ٻڌو تہ چيائين تہ ”پوءِ ھي يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو آھي. مون تہ ھن جي سسي لھرائي ڇڏي ھئي، پر ھو وري جيئرو ٿيو آھي.“١٧. ھيروديس پاڻ ئي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو ھو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو ھئائين. ھن اھو ڪم ھيرودياس جي چوڻ تي ڪيو ھو، جنھن سان ھن شادي ڪئي ھئي، جيتوڻيڪ اھا سندس ڀاءُ فلپس جي زال ھئي.١٨. يحيٰ ھيروديس کي چيو ھو تہ ”اوھان لاءِ اھو جائز نہ آھي جو اوھين پنھنجي ڀاءُ جي زال سان شادي ڪريو.“١٩. تنھنڪري ھيرودياس يحيٰ کان نفرت ڪندي ھئي ۽ يحيٰ کي مارائڻ گھري پيئي. پر ھوءَ ائين ڪري نہ ٿي سگھي،٢٠. ڇاڪاڻتہ ھيروديس يحيٰ کان ڊڄندو ھو جو ھن ڄاتو پئي تہ يحيٰ ھڪ سچار ۽ پاڪ ماڻھو آھي. سو ھيروديس کيس بچائيندو رھيو. ھيروديس يحيٰ جون ڳالھيون خوشيءَ سان ٻڌندو ھو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت ھي ڳالھيون کيس پريشان ڪنديون ھيون.٢١. نيٺ ھيرودياس کي وجھہ ملي ويو. ھيروديس پنھنجي جنم جي ڏينھن جي خوشيءَ ۾ اميرن، وڏن جنگي سالارن ۽ گليل جي مکيہ ماڻھن جي دعوت ڪئي ھئي.٢٢. ھيرودياس جي ڌيءَ پاڻ اندر اچي ناچ ڪري ھيروديس ۽ سندس مھمانن کي خوش ڪيو. بادشاھہ انھيءَ نينگريءَ کي چيو تہ ”جيڪي گھرڻو اٿيئي سو گھُر تہ ڏيانءِ.“٢٣. ھن قسم کڻي واعدو ڪيس تہ ”جيڪڏھن بادشاھت جو اڌ گھرندينءَ تہ بہ ڏيندوسانءِ.“٢٤. تنھن تي ھوءَ ٻاھر نڪري ويئي ۽ وڃي پنھنجي ماءُ کان پڇيائين تہ ”آءٌ ڇا گھران؟“ ھن چيس تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي.“٢٥. تنھن تي نينگري جلد ئي موٽي آئي ۽ اچي بادشاھہ کي چيائين تہ ”مون کي ھاڻي جو ھاڻي يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالھہ ۾ آڻي ڏيو.“٢٦. ھن ڳالھہ ھيروديس بادشاھہ کي ڏاڍو مايوس ڪيو. پر ھو کيس انڪار بہ ڪري نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻتہ ھن مھمانن جي روبرو قسم کڻي واعدو ڪيو ھو.٢٧. تنھنڪري بادشاھہ چوبدار کي موڪليو تہ ”جلدي يحيٰ جي سسي لاھي کڻي اچ.“ چوبدار روانو ٿيو ۽ جيل ۾ وڃي يحيٰ جي سسي لاٿائين.٢٨. پوءِ ھن اھا سسي ھڪ ٿالھہ ۾ رکي نينگريءَ کي ڏني، جنھن اھا کڻي پنھنجي ماءُ کي ڏني.٢٩. جڏھن يحيٰ جي شاگردن ھي ٻڌو تہ ھنن اچي لاش ورتو ۽ ان کي قبر ۾ دفن ڪيائون. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society