Bible in one year فيبروري ٢٨مرقس ٦:٣٠-٥٦٣٠. رسول عيسيٰ وٽ واپس اچي گڏ ٿيا ۽ جيڪي ڪم ڪيا ھئائون ۽ ماڻھن کي جيڪا تعليم ڏني ھئائون، تنھن جو کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايائون.٣١. ان وقت ايترا تہ ماڻھو اچن وڃن پيا جو عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي ماني کائڻ جو وقت بہ نہ ٿي مليو. تنھن تي ھن انھن کي چيو تہ ”ھلو تہ ھتان ڪنھن نويڪليءَ جاءِ تي ھلون، جتي ھلي اوھين ٿورو وقت آرام ڪريو.“٣٢. سو ھو ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڪنھن نويڪليءَ جاءِ ڏانھن روانا ٿي ويا.٣٣. تنھن ھوندي بہ ڪيترن ئي ماڻھن کين ويندو ڏسي سڃاڻي ورتو. سو اھي سڀيئي پيرين پيادا شھرن مان نڪري پيا ۽ ھنن کان بہ اڳي انھيءَ جاءِ تي وڃي پھتا.٣٤. جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لھي آيو ۽ ماڻھن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏھن سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇالاءِجو ھو نڌڻڪين رڍن وانگر ھئا. تنھنڪري ھو کين گھڻيون ئي ڳالھيون سيکارڻ لڳو.٣٥. جڏھن سج گھڻو لڙي ويو، تڏھن شاگرد گڏجي عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آھي ۽ اسين ھتي سڃ ۾ آھيون.٣٦. سو ھنن ماڻھن کي موڪل ڏيو تہ اوسيپاسي جي ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ وڃي ڪجھہ وٺي کائين.“٣٧. پر عيسيٰ چين تہ ”اوھين ئي ھنن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ تڏھن شاگردن پڇيس تہ ”ڇا اوھان جي مرضي آھي تہ اسين وڃي ٻن سَوَن چانديءَ جي سڪن جي ماني وٺي اچون ۽ ھنن کي کارايون؟“٣٨. تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”وڃي ڏسو تہ اوھان وٽ ڪيتريون مانيون آھن؟“ انھن وڃي ڏٺو ۽ اچي کيس ٻڌايائون تہ ”اسان وٽ پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون آھن.“٣٩. پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”ھنن ماڻھن کي قطار ۾ ھيٺ سائي گاھہ تي وھاريو.“٤٠. تنھن تي اھي ماڻھو سؤ سؤ ۽ پنجاھہ پنجاھہ جون ٽوليون ٺاھي ويٺا.٤١. تڏھن عيسيٰ اھي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي ھٿن ۾ جھلي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ انھن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ مانين جا ٽڪرا ڀڃندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ اھي ماڻھن ۾ ورھائين. ھن ٻہ مڇيون بہ انھن سڀني ۾ ورھايون.٤٢. ھر ھڪ ماڻھوءَ کائي ڍءُ ڪيو.٤٣. پوءِ شاگردن باقي بچيل مانيءَ ۽ مڇيءَ جون ٻارھن کاريون ڀري کنيون.٤٤. جن ماني کاڌي تن جو تعداد پنج ھزار مرد ھو.٤٥. پوءِ عيسيٰ شاگردن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوھين ڍنڍ جي ھُن ڀر بيتصيدا شھر ڏانھن وڃو.“ ھن ماڻھن جي ميڙ کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏي.٤٦. شاگردن کان موڪلائي پاڻ ٽڪر تي دعا گھرڻ ويو.٤٧. شام جو ٻيڙي ڍنڍ جي وچ ۾ پھتي جڏھن تہ عيسيٰ اڪيلو سڪيءَ تي ھو.٤٨. ھن ڏٺو تہ واءُ سامھون گھلڻ ڪري شاگردن کي ٻيڙيءَ جي ونجھہ ھلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، تنھنڪري ھو رات جي پوئين پھر پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو اچي انھن وٽان لنگھيو. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society