Bible in one year فيبروري ٥متي ٢٣:١-٢٢١. پوءِ عيسيٰ ميڙ ۽ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ٢. ”شريعت جي عالمن ۽ فريسين کي موسيٰ جي شريعت جو اختيار مليل آھي.٣. تنھنڪري اوھان کي انھن جو ھر ھڪ چيو مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گھرجي. پر انھن جي ڪمن تي عمل نہ ڪجو، ڇالاءِجو جيئن اھي چون ٿا تيئن ڪونہ ٿا ڪن.٤. ھو ڳرا بار ٻڌي ماڻھن جي ڪلھن تي تہ رکن ٿا پر پاڻ انھن بارن کي ھٿ بہ نہ ٿا لائين.٥. ھو پنھنجا سڀ ڪم ماڻھن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن. انھيءَ ڪري ھو پنھنجون تسبيحون وڏيون ٿا ڪن ۽ وڏا جبا پائين ٿا.٦. ھو مجلسن ۾ مٿاھيون جايون ٿا والارين ۽ عبادتخانن ۾ خاص جاين تي ويھڻ پسند ڪن ٿا.٧. ھو چاھين ٿا تہ ماڻھو کين بازارن ۾ سلامي ٿين ۽ کين ’سائين‘ يا ’استاد‘ ڪري سڏين.٨. اوھان کي ’سائين‘ يا ’استاد‘ سڏائڻ نہ کپي، ڇاڪاڻتہ اوھين سڀيئي ھڪٻئي جا ڀائر آھيو ۽ اوھان جو رڳو ھڪ استاد آھي.٩. اوھان کي ھن دنيا ۾ ڪنھن کي بہ پنھنجو پيءُ سڏڻ نہ کپي، ڇاڪاڻتہ اوھان جو ھڪڙو ئي پيءُ آھي جو آسمان ۾ آھي.١٠. نہ وري اوھان کي اڳواڻ سڏائڻ کپي، ڇاڪاڻتہ اوھان جو ھڪڙو ئي اڳواڻ آھي يعني مسيح.١١. اوھان ۾ جيڪو سڀني کان وڏو آھي تنھن کي اوھان جو خدمتگار ٿيڻ کپي.١٢. جيڪو بہ پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society