Bible in one year فيبروري ٨متي ٢٤:٢٩-٥١٢٩. ”انھن مصيبتن جي ڏينھن کان پوءِ جلد ئي سج ڪاراٽجي ويندو، چنڊ پنھنجي روشني نہ ڏيندو، تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون.٣٠. پوءِ ابنآدم جي نشاني آسمان ۾ ظاھر ٿيندي. تنھن تي دنيا جون سڀيئي قومون روئنديون رڙنديون ۽ ابنآدم کي آسمان جي ڪڪرن تي قدرت ۽ وڏي جلوي سان ايندي ڏسنديون.٣١. تڏھن ناد جي وڏي آواز سان وڄندي ئي ھو ملائڪن کي ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن ڏانھن موڪليندو، تہ جيئن اھي دنيا جي ھڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين خدا جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪن.“٣٢. ”انجير جي وڻ مان اوھين سبق پرايو. جڏھن ھن جون ٽاريون سايون ۽ نرم ٿين ٿيون ۽ انھن ۾ پن اچڻ شروع ٿين ٿا، تڏھن اوھين سمجھو ٿا تہ اونھارو آيو ڪي آيو.٣٣. ساڳيءَ طرح جڏھن اوھين ھي سڀ ڳالھيون ٿيندي ڏسو تڏھن ڄاڻجو تہ اھو وقت اچي ويو آھي، بلڪ ائين سمجھو تہ در تي اچي بيٺو آھي.٣٤. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اِھي سڀيئي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون، تيستائين ھيءَ پيڙھي پوري نہ ٿيندي.٣٥. زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منھنجو ڪلام ھرگز نہ ٽرندو.“٣٦. ”ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ اھو ڏينھن ۽ اھو وقت ڪڏھن ايندو، نہ آسمان ۾ ملائڪ ٿا ڄاڻن ۽ نہ وري فرزند ئي ڄاڻي ٿو، رڳو پيءُ کي ئي انھيءَ جي خبر آھي.٣٧. جيئن نوح جي ڏينھن ۾ ٿيو، تيئن ابنآدم جي بادشاھت جو اچڻ ٿيندو.٣٨. ڇالاءِجو انھن ڏينھن ۾ ٻوڏ کان اڳ ۾ ماڻھو کائيندا پيئندا رھيا، شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا رھيا، تان جو اھو ڏينھن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو.٣٩. جيستائين طوفان آيو ۽ انھن سڀني ماڻھن کي لوڙھي نہ ڇڏيائين، تيستائين انھن کي ڪابہ خبر ڪانہ ھئي. ابنآدم جي بادشاھت جو اچڻ بہ اھڙيءَ طرح ئي ٿيندو.٤٠. انھيءَ وقت ٻنيءَ ۾ ٻہ ماڻھو ھوندا تہ ھڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.٤١. جيڪڏھن ٻہ عورتون گڏ ويٺيون جنڊ پيھنديون ھونديون تہ ھڪڙي کنئين ويندي ۽ ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو.٤٢. تنھن ڪري اوھين سجاڳ رھجو، ڇاڪاڻتہ اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڪھڙي ڏينھن اوھان جو خداوند ايندو.٤٣. انھيءَ لاءِ ھي سمجھو تہ جيڪڏھن ڪنھن گھر جي مالڪ کي خبر ھجي ھا تہ چور رات جو ڪھڙي وقت ايندو، تہ جيڪر ھو سجاڳ رھي ھا ۽ پنھنجي گھر کي کاٽ ھڻڻ نہ ڏئي ھا.٤٤. انھيءَ ڪري اوھان کي ھر وقت تيار رھڻ گھرجي، ڇاڪاڻتہ ابنآدم اھڙي وقت ايندو جنھن جو اوھان کي گمان بہ نہ ھوندو.“٤٥. ”پوءِ مون کي ٻڌايو تہ ايماندار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آھي، جنھن کي سندس مالڪ پنھنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو ھجي تہ انھن کي کاڌو پاڻي پوري وقت تي ڏئي؟٤٦. سڀاڳو آھي اھو نوڪر جنھن کي سندس مالڪ اچڻ مھل ائين ڪندو ڏسي.٤٧. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ھو کيس سڄيءَ ملڪيت جو مختيار ڪندو.٤٨. پر جيڪڏھن اھو نوڪر بڇڙو ھجي ۽ دل ۾ خيال ڪري تہ منھنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آھي،٤٩. ۽ اچي پنھنجي ساٿي نوڪرن کي مارڻ لڳي ۽ شرابين سان کائڻ پيئڻ لڳي،٥٠. تہ انھيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انھيءَ ئي ڏينھن اچي سھڙندو جنھن جو ھن کي خواب خيال بہ نہ ھوندو ۽ اھڙي وقت ايندو جنھن جي ھن کي ڪل ئي نہ ھوندي.٥١. پوءِ تہ سندس مالڪ اچي خوب چھبڪن سان مار ڏيئي رياڪارن جي ٽولي ۾ شامل ڪري ڪڍي ڇڏيندس، جتي ھو رڙيون ڪندو ۽ پنھنجا ڏند ڪرٽيندو.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society