Bible in one year مارچ ١١مرقس ١٢:١-٢٧١. پوءِ عيسيٰ انھن سان مثالن ۾ ڳالھائڻ لڳو ۽ چيائين تہ ”ڪنھن ماڻھوءَ انگورن جو ھڪ باغ لڳايو. انھيءَ جي چوڌاري لوڙھو ڏنائين. رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ ھڪ حوض ٺھرايائين ۽ پھري لاءِ ھڪڙو ٺُلھہ بہ ٺھرايائين. پوءِ اھو باغ باغائين ک ي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن ھليو ويو.٢. جڏھن انگورن لھڻ جي مند آئي تہ باغائين ڏانھن ھڪڙو نوڪر موڪليائين تہ انگورن جو ڀاڱو وٺي اچي.٣. باغائين انھيءَ نوڪر کي مار ڏيئي خالي ھٿين روانو ڪري ڇڏيو.٤. تنھن تي ھن انھن ڏانھن وري ٻيو نوڪر موڪليو. باغائين ان نوڪر جو بہ مٿو ڦاڙي وڌو ۽ جٺيون ڪري موڪلي ڇڏيائونس.٥. مالڪ وري ٽيون نوڪر موڪليو تہ انھن ھن کي ماري وڌو، پوءِ ھن ٻين ڪيترن ئي کي موڪليو، جن مان ڪن کي مار ڏنائون تہ ڪن کي اڦٽ ماري وڌائون.٦. باقي وڃي سڪيلڌو پٽ بچيو ھوس. تنھن کي سڀني کان پوءِ باغائين ڏانھن موڪليائين، جو پڪ ھيس تہ ھو انھيءَ جي عزت ڪندا.٧. پر انھن باغائين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’ھي مالڪ جو وارث آھي، اچو تہ ھن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘٨. پوءِ انھن ھن کي پڪڙي ماري وڌو ۽ سندس لاش کي باغ جي ٻاھران اڇلائي ڇڏيائون.“٩. تنھن تي عيسيٰ پڇين تہ ”پوءِ انگورن جي باغ جو مالڪ ڇا ڪندو؟ ھو پاڻ ايندو ۽ اچي ھنن کي ناس ڪندو ۽ انگورن جو باغ ٻين باغائين جي حوالي ڪندو.١٠. ڇا اوھان پاڪ لکت ۾ نہ پڙھيو آھي؟ ’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.١١. اھو خدا جي طرفان ڪيو ويو، ۽ اھا اسان لاءِ ڪھڙي نہ عجب جھڙي ڳالھہ آھي.‘“١٢. يھودين جي اڳواڻن عيسيٰ کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻتہ اھي ڄاڻن پيا تہ ھي مثال عيسيٰ انھن جي خلاف ٻڌايو ھو. پر انھن کي ماڻھن کان ڊپ بہ ٿيو پئي، تنھنڪري ھو کيس ڇڏي ھليا ويا.١٣. ڪي فريسي ۽ ڪي ھيروديس جي پارٽيءَ جا ماڻھو عيسيٰ ڏانھن موڪليا ويا تہ کيس ڳالھائڻ ۾ ڦاسائين.١٤. اُھي ھن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان کي خبر آھي تہ اوھين سچا آھيو ۽ ڪنھن جي پرواھہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي ظاھري ڏيکويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، پر سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اسان کي ٻڌايو تہ قيصر کي محصول ڏيڻ اسان لاءِ جائز آھي يا نہ؟ اسين اُن کي محصول ڏيون يا نہ؟“١٥. عيسيٰ انھن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوھين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“ پوءِ چيائين تہ ”ھڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي اچو تہ آءٌ اُن کي ڏسان.“١٦. اھي چانديءَ جو سڪو وٽس کڻي آيا، تڏھن عيسيٰ پڇين تہ ”ھيءَ ڪنھن جي مُھر ۽ اکر آھن؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”قيصر جا.“١٧. تڏھن عيسيٰ کين چيو تہ ”چڱو، جيڪي قيصر جو آھي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي خدا جو آھي سو خدا کي ڏيو.“ اھو ٻڌي انھن کي عيسيٰ تي ڏاڍو عجب لڳو.١٨. پوءِ ڪي صدوقي جن جو عقيدو آھي تہ موت کان پوءِ ماڻھو وري جيئرا نہ ٿيندا سي عيسيٰ وٽ آيا،١٩. ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان جي لاءِ موسيٰ فرمايو آھي تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو زال ڇڏي رياولاد مري وڃي تہ ھن جو ڀاءُ اُھا رنزال پرڻجي، تہ جيئن سندس ڀاءُ لاءِ اولاد ٿئي.٢٠. ڪي ست ڀائر ھئا، پھرين شادي ڪئي ۽ رياولاد مري ويو.٢١. تڏھن ٻئي ان جي رنزال سان شادي ڪئي ۽ اھو بہ رياولاد مري ويو ۽ ٽئين بہ ساڳيءَ طرح اُن سان شادي ڪئي.٢٢. اھڙيءَ طرح ست ئي رياولاد مري ويا ۽ آخرڪار اُھا عورت بہ مري ويئي.٢٣. ھاڻي ٻڌايو تہ جڏھن قيامت ٿيندي ۽ سڀيئي جيئرا ٿي اٿندا تہ اُھا عورت ڪنھن جي زال ٿيندي، ڇالاءِجو ستن ئي ھن سان شادي ڪئي ھئي؟“٢٤. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين ڪيترا نہ ڀليل آھيو، جو نہ اوھين پاڪ لکتون ٿا ڄاڻو ۽ نڪي خدا جي قدرت.٢٥. ڇالاءِجو جڏھن مري ويل جيئرا ٿيندا تڏھن اُھي نہ پرڻبا ۽ نڪي پرڻائبا، بلڪ جيئن آسمان ۾ ملائڪ آھن تيئن اھي بہ ھوندا.٢٦. مري ويلن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت اوھان موسيٰ جي صحيفي ۾ ٻرندڙ ٻوڙي واري بيان ۾ ڪين پڙھيو آھي ڇا تہ ڪيئن خدا موسيٰ سان ڳالھايو ۽ چيائينس تہ ’آءٌ ابراھيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آھيان‘؟٢٧. ان جو مطلب آھي تہ ھو مئلن جو خدا نہ پر جيئرن جو خدا آھي. پر اوھين سخت ڀليل آھيو.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society