٢. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”تون جيڪي ھي وڏيون عمارتون ڏسين ٿو، تن جو اھو پٿر پٿر تي نہ رھندو جو ڊاٺو نہ ويندو.“
٣. پوءِ عيسيٰ جڏھن زيتون جي ٽڪر تي ھيڪل جي سامھون ويٺو ھو تڏھن پطرس، يعقوب، يوحنا ۽ اندرياس ھن سان نويڪلائيءَ ۾ اچي مليا.
٤. انھن پڇيس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اھي ڳالھيون ڪڏھن ٿينديون ۽ ھنن واقعن ٿيڻ لاءِ ڪھڙي نشاني ٿيندي، جنھن مان خبر پوي تہ برابر وقت اچي پھتو آھي؟“
٥. تنھن تي عيسيٰ انھن کي چوڻ لڳو تہ ”خبردار ٿجو، متان ڪو اوھان کي ٺڳي نہ وڃي.
٦. ڪيترائي منھنجي نالي سان ايندا ۽ ھر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آھيان.‘ ائين ھو ڪيترن کي ئي ٺڳيندا.
٧. جڏھن اوھين جنگين جون ڳالھيون ۽ جنگين جا افواھہ ٻڌو تڏھن نہ گھٻرائجو. اھي ڳالھيون ٿينديون ضرور پر اڃا اھا پڄاڻي نہ آھي.
٨. قوم، قوم سان وڙھندي ۽ بادشاھت، بادشاھت تي چڙھائي ڪندي. ڪيترن ئي ھنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا. اھي ڳالھيون تہ مصيبتن جي شروعات آھن.
٩. سڀني قومن ۾ پھريائين منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ضرور ڪئي ويندي. اوھان کي پنھنجي ھوشياري ڪرڻ کپي، ڇالاءِجو اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ اوھان کي عبادتخانن ۾ مارڪُٽ ڪئي ويندي. منھنجي ڪري اوھان کي حاڪمن ۽ بادشاھن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو. اھا ڀل تہ انھن تي شاھدي ٿئي. سڀني قومن ۾ پھريائين منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ضرور ڪئي ويندي.
١٠.
١١. جڏھن ھو اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪن تہ وقت کان اڳي ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوھان کي ڇا چوڻو آھي. وقت اچڻ تي اوھان کي جيڪي ڪجھہ ٻڌايو وڃي سو ئي چئجو، ڇالاءِجو جيڪي لفظ اوھين ڳالھائيندا اُھي اوھان جا نہ پر پاڪ روح جا ھوندا.