Bible in one year مارچ ١٧مرقس ١٤:٥٥-٧٢٥٥. سردار ڪاھنن ۽ سڄي ڪائونسل ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ خلاف ڪا شاھدي ملين تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين، پرکين ڪابہ شاھدي ملي نہ سگھي.٥٦. ڪيترن ئي شاھدن عيسيٰ جي خلاف شاھديون ڏنيون، پر اھي ڪوڙيون ثابت ٿيون.٥٧. پوءِ ڪي ماڻھو اُٿي بيٺا ۽ عيسيٰ تي ھيءَ تھمت ھنيائون تہ٥٨. ”اسان ھن کي ھي چوندي ٻڌو آھي تہ ’آءٌ ماڻھن جي ٺھيل ھيڪل کي ڊاھيندس ۽ ٽن ڏينھن کان پوءِ اھڙو ھيڪل ٺاھيندس جيڪو ماڻھن جو ٺھيل نہ ھوندو.‘“٥٩. پر اُھي شاھديون بہ پاڻ ۾ نہ ٿي مليون.٦٠. تڏھن وڏو سردار ڪاھن اُٿي بيٺو ۽ سڀني جي روبرو عيسيٰ کان پڇڻ لڳو تہ ”ڇا تو کي ھنن جي الزامن جي جواب ۾ ڪجھہ چوڻو آھي؟“٦١. پر عيسيٰ ماٺ ۾ رھيو ۽ ھڪ لفظ بہ نہ ڪڇيائين. وڏي سردار ڪاھن کانئس ٻيھر پڇيو تہ ”ڇا تون مسيح، سڳوري خدا جو فرزند آھين؟“٦٢. تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھائو، آءٌ آھيان ۽ اوھين ابنآدم کي خدا تعاليٰ جي ساڄي پاسي ويٺل ۽ آسماني ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.“٦٣. تڏھن وري سردار ڪاھن پنھنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”اسان کي وڌيڪ شاھدي نہ کپي.٦٤. اوھان ھن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا، ھاڻي اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي؟“ تنھن تي انھن سڀني اھا راءِ ڏني تہ ”عيسيٰ کي موت جي سزا ڏني وڃي.“٦٥. انھن مان ڪي عيسيٰ کي ٿڪون ھڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا ھڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنھن تو کي ڌڪ ھنيو؟“ پھريدارن کيس چماٽون بہ ھنيون.٦٦. پطرس اڃا تائين اڱڻ ۾ ويٺو ھو تہ ھڪ نوڪرياڻي ھن وٽان اچي لنگھي.٦٧. جڏھن ھن پطرس کي پاڻ باھہ تي سيڪيندي ڏٺو تہ ھن ڏانھن چتائي نھاريندي چيائين تہ ”تون بہ عيسيٰ ناصريءَ سان گڏ ھئين.“٦٨. پر ھن انڪار ڪيو ۽ چيائين تہ ”آءٌ نہ ٿو ڄاڻان ۽ نہ ٿو سمجھان تہ تون ڇا چئي رھي آھين.“ ھو اھو جواب ڏيئي ٻاھر ڏيڍيءَ ۾ ھليو ويو تہ ايتري ۾ ڪڪڙ ٻانگ ڏني.٦٩. جنھن نوڪرياڻيءَ پطرس کي ڏٺو ھو تنھن اُتي بيٺل ماڻھن کي چيو تہ ”ھي انھن مان ھڪڙو آھي.“٧٠. پر ھن وري بہ انڪار ڪيو. ٿوري وقت کان پوءِ جيڪي اُتي بيٺا ھئا تن بہ پطرس کان پڇيو تہ ”سچي! تون انھن مان نہ آھين ڇا؟ ڇوتہ تون بہ گليلي پيو ڏسجين.“٧١. تنھن تي پطرس لعنت وجھندي چيو تہ ”خدا جي مون تي مار پوي جو آءٌ ڪوڙ ڳالھايان. آءٌ ان ماڻھو کي نہ ٿو سڃاڻان، جنھن جي اوھين ڳالھہ ڪريو ٿا.“٧٢. تنھن کان پوءِ ستت ئي ٻيو دفعو ڪڪڙ ٻانگ ڏني تہ پطرس کي عيسيٰ جو چيو ياد اچي ويو تہ ”ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون بابت انڪار ڪندين تہ ’آءٌ نہ ٿو سڃاڻانس.‘“ اھو خيال ايندي ئي ھو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society