١٤. عيسيٰ سڄي خلق کي وري پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”اوھين سڀ منھنجي ڳالھہ ٻڌو ۽ سمجھو.
١٥. ڪابہ شيءِ ٻاھران ماڻھوءَ ۾ گھڙي کيس پليت ڪري نہ ٿي سگھي، پر جيڪي شيون ماڻھوءَ جي اندر مان ٻاھر نڪرن ٿيون سي کيس پليت ٿيون ڪن.“
١٦.
١٧. جڏھن عيسيٰ ميڙ کي ڇڏي گھر پھتو تہ سندس شاگردن انھيءَ مثال بابت پڇيس.
١٨. تنھن تي عيسيٰ ھنن کي چيو تہ ”اوھين بہ ڪيترا نہ بيسمجھہ آھيو، جو ايتري بہ خبر نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي ٻاھران انسان ۾ داخل ٿئي ٿو سو کيس پليت نہ ٿو ڪري،
١٩. ڇالاءِجو اھو انسان جي دل ۾ نہ ٿو وڃي پر انسان جي پيٽ ۾ ٿو وڃي ۽ اتان آخرڪار ٻاھر نڪريو وڃي.“ ائين چئي عيسيٰ کائڻ جي سڀني شين کي حلال سڏيو.
٢٠. عيسيٰ چيو تہ ”جيڪي انسان جي دل مان ٻاھر ٿو نڪري سو ئي کيس پليت ٿو ڪري،
٢١. ڇالاءِجو انسان جي دل مان بڇڙا خيال ٿا نڪرن، جھڙوڪ: حرامڪاري، چوري، خون،
٢٤. پوءِ عيسيٰ اتان اُٿي صور شھر جي علائقن ڏانھن روانو ٿيو ۽ ھڪڙي گھر ۾ گھڙي ويو. ھن جي مرضي ھئي تہ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي سندس اچڻ جي خبر نہ پوي، پر ھو لڪي نہ سگھيو.
٢٥. ھڪڙي عورت جنھن جي ننڍڙي ڌيءَ کي ڀوت ھو، تنھن کي جڏھن خبر پيئي تہ اھا ھڪدم عيسيٰ وٽ آئي ۽ اچي پيرين پيس.