|
|
| ٢١. ماڻھو ڏاڍي انتظار ۾ ھئا ۽ حيران ھئا تہ ذڪريا مقدس جاءِ ۾ ايتري دير ڇو لاتي آھي. |
| ٢٢. جڏھن ھو ٻاھر نڪتو تہ انھن سان ڳالھائي نہ ٿي سگھيو، جنھن مان ماڻھن کي خبر پئجي ويئي تہ ھن مقدس جاءِ ۾ رويا ڏٺي آھي. ھو ھڪ لفظ بہ نہ ٿي ڳالھائي سگھيو، سو انھن کي ھٿن جا اشارا ڏئي پيو. |
| ٢٣. جڏھن ھيڪل ۾ سندس خدمت جو وقت پورو ٿيو تہ ذڪريا گھر ڏانھن موٽيو. |
| ٢٤. ڪن ڏينھن کان پوءِ سندس زال اليشبع پيٽ سان ٿي ۽ پنج مھينا گھر کان ٻاھر نہ نڪتي. اليشبع چيو تہ |
| ٢٥. ”ھيءُ خدا منھنجي لاءِ ڪيو آھي. ھاڻي ھن مون تي مھر جي نظر ڪئي آھي ۽ ماڻھن جي مھڻن کان منھنجي جند ڇڏائي اٿس.“ |
| ٢٦. اليشبع جي پيٽ سان ٿيڻ کان پوءِ ڇھين مھيني خدا جبرائيل ملائڪ کي گليل جي شھر ناصرت ۾ موڪليو. |
| ٢٧. ھو ھڪ ڪنواري ڇوڪريءَ وٽ آيو، جا دائود جي گھراڻي جي ھڪ شخص يوسف سان منڱيل ھئي. انھيءَ ڪنواريءَ جو نالو مريم ھو. |
| ٢٨. جبرائيل وٽس اچي چيو تہ ”سلام آ تو تي، جو خدا تو ساڻ آھي ۽ ھن تو تي وڏو ڪرم ڪيو آھي.“ |
| ٢٩. مريم ملائڪ جي پيغام تي ڏاڍي پريشان ٿي ۽ عجب ۾ پئجي ويئي تہ ھن جي لفظن جو مطلب ڇا آھي. |
| ٣٠. تڏھن ملائڪ چيس تہ ”مريم، ڊڄ نہ، ڇالاءِجو خدا تو تي مھربان آھي. |
| ٣١. تو کي پيٽ ٿيندو ۽ تون پٽ ڄڻيندينءَ، جنھن جو نالو عيسيٰ رکج. |
| ٣٢. ھو بزرگ ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو. خداوند خدا ھن کي سندس ڏاڏي دائود جي بادشاھي ڏيندو. |
| ٣٣. ھو يعقوب جي گھراڻي تي ھميشہ حڪومت ڪندو ۽ سندس بادشاھت ڪڏھن بہ ختم نہ ٿيندي.“ |
| ٣٤. تنھن تي مريم ملائڪ کي چيو تہ ”آءٌ ڪنواري آھيان تہ پوءِ ھي ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟“ |
| ٣٥. ملائڪ وراڻيس تہ ”پاڪ روح تو تي نازل ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت تو مٿان ڇانوَ ڪندي، انھيءَ ڪري تہ پاڪ ٻار خدا جو فرزند ڪري سڏبو. |
| ٣٦. ڏس پنھنجي مائٽياڻي اليشبع کي، جنھن لاءِ چيو ويندو ھو تہ ھوءَ سنڍ آھي. پر کيس ھاڻي ڇھون مھينو پيٽ آھي، جيتوڻيڪ ھوءَ وڏي عمر واري آھي. |
| ٣٧. ڇالاءِجو اھڙي ڪابہ ڳالھہ ڪانھي جيڪا خدا جي قدرت کان ٻاھر ھجي.“ |
| ٣٨. تڏھن مريم چيو تہ ”آءٌ خدا جي ٻانھي آھيان، شل ائين ئي ٿئي جيئن توھان چيو.“ پوءِ ملائڪ وٽانئس ھليو ويو. |
|
|
| Sindhi Common Bible 2009 |
| 2009 Pakistan Bible Society |