Bible in one year مارچ ٢٣لوقا ١:٣٩-٥٦٣٩. تنھن کان پوءِ جلد ئي مريم تيار ٿي ۽ جابلو علائقي ۾ يھوديہ جي ھڪڙي شھر ڏانھن ويئي.٤٠. ھوءَ ذڪريا جي گھر ويئي ۽ اليشبع کي سلام ڪيائين.٤١. جڏھن اليشبع مريم جو سلام ٻڌو تہ ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپ کاڌو ۽ اليشبع پاڪ روح سان ڀرجي ويئي.٤٢. ھوءَ وڏي واڪي چوڻ لڳي تہ ”تون عورتن ۾ سڳوري آھين ۽ سڳورو آھي اھو ٻار جيڪو تون ڄڻيندينءَ.٤٣. مون تي اھڙو ڪرم ڪيئن ٿيو جو منھنجي خداوند جي ماءُ مون وٽ ھلي آئي آھي؟٤٤. ڏس، جڏھن تنھنجي سلام جو آواز منھنجي ڪنن تي پيو، تڏھن ٻار منھنجي پيٽ ۾ خوشيءَ وچان ٽپ کاڌو.٤٥. تون ڪيتري نہ سڀاڳي آھين، جو تو يقين ڪيو آھي تہ خدا جو ڪلام تو لاءِ سچو ثابت ٿيندو.“٤٦. مريم چيو تہ ”منھنجي دل خداوند جي ساراھہ ڪري ٿي،٤٧. ۽ منھنجو روح خوش ٿئي ٿو، ڇوجو خدا منھنجو ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھي.٤٨. ھن مون تي نظر ڪئي آھي، پنھنجي ھڪ خسيس ٻانھيءَ مثل. اڄ کان پوءِ سڀ پيڙھيون مون کي سڀاڳي سڏينديون،٤٩. ڇالاءِجو قادر مون سان وڏو وڙ ڪيو آھي. ھن جو نالو پاڪ آھي.٥٠. ھو انھن تي پيڙھي بہ پيڙھي رحم ڪري ٿو، جيڪي کانئس ڊڄن ٿا.٥١. ھن پنھنجي ٻانھن جو زور ھلايو آھي، ۽ جيڪي پنھنجن خيالن تي فخر ڪن ٿا، تن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو اٿس.٥٢. ھن شاھن کي شاھيءَ تان ڪيرايو آھي ۽ نيچن کي اوچو ڪيو آٿس.٥٣. ھن بکايلن کي سٺين شين سان ڍائي ڇڏيو آھي ۽ شاھوڪارن کي خالي ھٿين موٽائي ڇڏيو آٿس. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society