|
|
| ٥٧. اليشبع جي پيرن لھڻ جو وقت ٿيو ۽ ھن پٽ ڄڻيو. |
| ٥٨. ھن جي پاڙيسرين ۽ مائٽن جڏھن ٻڌو تہ خداوند ھن تي وڏي مھرباني ڪئي آھي تہ اھي بہ ساڻس گڏجي خوشيون ڪرڻ لڳا. |
| ٥٩. جڏھن ٻار کي ڄائي اٺ ڏينھن گذريا تہ اھي ٻار جي سنت ڪرڻ لاءِ آيا ۽ مرضي ھين تہ سندس نالو پيءُ جي نالي پويان ذڪريا رکيو وڃي. |
| ٦٠. پر ھن جي ماءُ چيو تہ ”نہ، ھن کي يحيٰ سڏيو وڃي.“ |
| ٦١. تنھن تي انھن چيس تہ ”اھڙي نالي سان تہ توھان جو ڪوبہ مائٽ نہ آھي.“ |
| ٦٢. پوءِ ھنن سندس پيءُ کان اشارن سان پڇيو تہ ھو ڇوڪري جو ڪھڙو نالو رکڻ گھري ٿو. |
| ٦٣. ذڪريا انھن کان تختي گھري ۽ ان تي لکيائين تہ ”ھن جو نالو يحيٰ آھي.“ تنھن تي سڀيئي عجب ۾ پئجي ويا. |
| ٦٤. جلد ئي ذڪريا جي زبان کلي پئي. ھو ڳالھائڻ لڳو ۽ خدا جي ساراھہ ڪيائين. |
| ٦٥. جيڪي اوسيپاسي ۾ رھندا ھئا تن سڀني کي ڊپ وٺي ويو ۽ اھي سڀيئي ڳالھيون يھوديہ جي سڄي جابلو علائقي ۾ ھلي ويون. |
| ٦٦. جن بہ اھي ڳالھيون ٻڌيون تن انھن تي دل ۾ ويچار ڪيو ۽ چوڻ لڳا تہ ”اھو ٻار ڪيڏو نہ عظيم ٿيندو!“ اھو سڀ انھيءَ ڪري ٿيو جو انھيءَ ٻار ساڻ خداوند جي قدرت صاف ظاھر ھئي. |
| ٦٧. يحيٰ جو پيءُ ذڪريا پاڪ روح سان ڀرجي ويو ۽ پيشنگوئي ڪرڻ لڳو تہ |
| ٦٨. ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي ساراھہ جڳائي، ڇالاءِجو ھن پنھنجي قوم تي نظر ڪري کين ڇوٽڪارو ڏنو آھي. |
| ٦٩. پنھنجي ٻانھي دائود جي گھراڻي مان اسان لاءِ سگھارو ڇوٽڪارو ڏيندڙ موڪليو اٿس، |
| ٧٠. جيڪو ھن گھڻو ئي اڳي، پنھنجن پاڪ نبين جي وسيلي عھد ڪيو ھو، |
| ٧١. تہ ھو اسان کي دشمنن کان بچائي ۽ انھن جي ھٿان ڇڏائي، جيڪي اسان کان نفرت ڪن ٿا. |
| ٧٢. ھن پنھنجي واعدي موجب، اسان جي ابن ڏاڏن تي رحم ڪيو آھي ۽ پنھنجو پاڪ عھد ياد ڪيو آھي. |
| ٧٣. جيڪو قسم ھن اسان جي ڏاڏي ابراھيم سان کنيو ھو |
| ٧٤. تہ اسان کي دشمنن جي چنبي مان آزاد ڪري ۽ اجازت ڏئي تہ اسين بنا ڪنھن خوف جي سندس عبادت ڪريون، |
| ٧٥. ۽ ھن جي اڳيان پنھنجي سڄي حياتيءَ جا ڏينھن پاڪ ۽ نيڪ ھجون. |
| ٧٦. تون، اي منھنجا ٻچا! خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين. تون خداوند جي آڏو ھلندين تہ انھيءَ لاءِ رستو تيار ڪرين، |
| ٧٧. انھيءَ لاءِ تہ سندس قوم کي ڇوٽڪاري جي خبر ٻڌائين تہ ھنن جا گناھہ بخش ٿيندا. |
| ٧٨. ڇالاءِجو اسان جو خدا رحم ۽ ٻاجھہ وارو آھي. ھو آسمان مان پرھہ ڦٽي جي روشني اسان تي نازل ڪندو، |
| ٧٩. جيڪا انھن تي چمڪندي جيڪي موت جي اونداھيءَ ۾ رھن ٿا ۽ اسان لاءِ سلامتيءَ واري رستي جي رھنمائي ڪندي.“ |
| ٨٠. اھو ٻار جسماني ۽ روحاني طرح وڌيو ۽ ايستائين بيابان ۾ رھڻ لڳو جيستائين بني اسرائيل قوم تي پاڻ کي کُليءَ طرح ظاھر نہ ڪيائين. |
|
|
| Sindhi Common Bible 2009 |
| 2009 Pakistan Bible Society |