Bible in one year مارچ ٢٦لوقا ٢:٢٥-٥٢٢٥. تن ڏينھن ۾ يروشلم ۾ ھڪڙو ماڻھو رھندو ھو جنھن جو نالو شمعون ھو. ھو سچار ۽ نيڪ ماڻھو ھو ۽ ھو بني اسرائيل جي بچاءَ لاءِ منتظر ھو. ان سان پاڪ روح ھوندو ھو،٢٦. جنھن کيس ٻڌايو ھو تہ ”جيستائين خداوند جي مسيح کي نہ ڏسندين، تيستائين ڪين مرندين.“٢٧. پاڪ روح جي ھدايت تي شمعون ھيڪل ۾ آيو. جڏھن ماءُپيءُ ٻارڙي عيسيٰ کي شريعت جا فرض پورا ڪرڻ لاءِ ھيڪل ۾ کڻي آيا٢٨. تڏھن شمعون ٻارڙي کي پنھنجن ھٿن تي کنيو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائين تہ٢٩. ”اي مالڪ! ھاڻي تون پنھنجي ٻانھي کي پنھنجي واعدي موجب سلامتيءَ سان موڪل.٣٠. ڇالاءِجو منھنجين اکين تنھنجو ڇوٽڪارو ڏٺو آھي،٣١. جيڪو تو سڀني قومن اڳيان تيار ڪيو آھي،٣٢. يعني غير قومن لاءِ تنھنجي رستي تي ھلڻ ڪاڻ روشنائي ۽ تنھنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“٣٣. ٻار جا ماءُپيءُ حيران ھئا تہ انھيءَ بابت ڇا ڇا نہ پيو چئجي!٣٤. شمعون انھن کي مبارڪون ڏنيون ۽ ٻار جي ماءُ مريم کي چيائين تہ ”ھي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪرڻ ۽ چڙھڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آھي. ھو خدا جي طرف کان ھڪ نشان ھوندو، جنھن جي ڪيترائي مخالفت ڪندا،٣٥. جنھنڪري سندن دلين جا ڳُجھہ ظاھر ٿيندا. تو کي ايترو ڏک پھچندو، جيڪو تلوار وانگر تنھنجي دل گھائي ڇڏيندو.“٣٦. آشر قبيلي جي ھڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حنا ھڪ نبياڻي ھئي. ھوءَ ھڪ پوڙھي عورت ھئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال مڙس سان گڏ رھي٣٧. ۽ پوءِ رنزال ٿي. ھاڻي سندس عمر چوراسي ورھيہ ھئي، پر ڪڏھن بہ ھيڪل کان پير ٻاھر نہ ڪڍيائين ۽ رات ڏينھن روزا رکي، دعائون گھري پئي عبادت ڪندي ھئي.٣٨. سا بہ انھيءَ وقت آئي ۽ خدا جو شڪر ڪيائين ۽ انھن سڀني سان ھن ٻار بابت ڳالھيون ڪرڻ لڳي، جيڪي انتظار ۾ ھئا تہ خدا يروشلم کي آزادي ڏيندو.٣٩. عيسيٰ جي ماءُپيءُ جڏھن خداوند جي شريعت جي فرضن جي بجاآوري ڪئي، تڏھن گليل علائقي ۾ پنھنجي اباڻي شھر ناصرت ڏانھن موٽيا.٤٠. ٻار وڌندو ۽ زور وٺندو ويو. ھو سياڻپ سان ڀربو ويو ۽ خدا جو فضل ھن سان ساڻ ھو.٤١. عيسيٰ جا ماءُپيءُ ھر سال يروشلم ڏانھن عيد فصح جي موقعي تي ويندا ھئا.٤٢. جڏھن عيسيٰ ٻارھن سالن جو ٿيو تہ اھي دستور موجب عيد فصح تي ويا.٤٣. جڏھن عيد جا ڏينھن پورا ٿيا تہ ھو گھر ڏانھن موٽڻ لڳا. پر ڇوڪرو عيسيٰ يروشلم ۾ رھجي وين ۽ سندس ماءُپيءُ کي خبر نہ ھئي.٤٤. انھن سمجھيو پئي تہ ھو قافلي سان آھي، سو انھن سڄو ڏينھن سفر ڪيو ۽ پوءِ عيسيٰ کي مائٽن ۽ دوستن ۾ ڳولڻ شروع ڪيائون.٤٥. جڏھن انھن کيس نہ لڌو تہ ھو سندس ڳولا لاءِ موٽي يروشلم ۾ آيا.٤٦. ٽئين ڏينھن تي ھنن عيسيٰ کي ھيڪل ۾ لڌو، جتي ھو يھودين جي عالمن سان ويٺو ھو ۽ انھن جي ٻڌي ساڻن سوال جواب پئي ڪيائين.٤٧. جن بہ ھن کي ٻڌو ٿي، سي سڀيئي ھن جي عقل ۽ حاضرجوابيءَ تي عجب پيا کائين.٤٨. جڏھن ھن کي ڏٺائون تہ ھن جا ماءُپيءُ حيران ٿي ويا. ھن جي ماءُ ھن کي چيو تہ ”پُٽ، تو اسان سان ائين ڇو ڪيو؟ تنھنجو پيءُ ۽ آءٌ تو کي ڳولي لھڻ لاءِ سخت پريشان ھئاسين.“٤٩. تنھن تي ھن انھن کي جواب ڏنو تہ ”اوھان مون کي ڇو پئي ڳوليو؟ ڇا اوھان کي خبر نہ آھي تہ مون کي پنھنجي پيءُ جي گھر ۾ رھڻ کپي؟“٥٠. پر اھي ھن جي ڳالھہ سمجھي نہ سگھيا.٥١. پوءِ عيسيٰ انھن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي ھو انھن جو فرمانبردار ٿي رھيو. ھن جي ماءُ ھي سڀ ڳالھيون پنھنجي دل ۾ سانڍي رکيون.٥٢. عيسيٰ قد ۽ سياڻپ سان گڏوگڏ خدا ۽ ماڻھن جي مقبوليت ۾ بہ وڌندو ويو. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society