Bible in one year مارچ ٢٩لوقا ٤:٣١-٤٤٣١. ان کان پوءِ عيسيٰ گليل جي شھر ڪفرناحوم ۾ آيو، جتي سبت جي ڏينھن تي ماڻھن کي تعليم پئي ڏنائين.٣٢. اھي سڀيئي ھن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻتہ ھن جو ڪلام ائين ھو جيئن ڪو اختيار وارو ڳالھائي.٣٣. عبادتخاني ۾ ھڪڙو ماڻھو ھو جنھن تي ڪنھن ڀوت جو پاڇو ھو، تنھن وڏي رڙ ڪري چيو تہ٣٤. ”اي عيسيٰ ناصري! اسان سان تنھنجو ڪھڙو واسطو آھي؟ ڇا تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آھين؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آھين، تون ئي خدا جي ھڪ پاڪ ھستي آھين.“٣٥. تنھن تي عيسيٰ کيس ڇينڀي چيو تہ ”ماٺ ڪر، ھن مان نڪري وڃ.“ ڀوت ماڻھوءَ کي انھن جي اڳيان اڇلايو ۽ کيس ايذاءَ ڏيڻ کان سواءِ ٻاھر نڪري ويو.٣٦. تنھن تي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي ڪھڙو ڪلام آھي؟ ڇالاءِجو ھو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اھي نڪري وڃن ٿا.“٣٧. اوسيپاسي واري علائقي ۾ جتي ڪٿي عيسيٰ جي ھاڪ پئجي ويئي.٣٨. عيسيٰ عبادتخاني مان نڪري شمعون جي گھر آيو. شمعون جي سس کي سخت بخار ھو، سو ھنن اُن جي لاءِ چيس.٣٩. ھو ان وٽ ويو ۽ مٿانئس بيھندي بخار کي حڪم ڪيائين تہ بخار کيس ڇڏي ويو. ھوءَ ھڪدم چاق ٿي اُٿي ۽ ھنن جي خدمت ڪرڻ لڳي.٤٠. سج لھڻ مھل ماڻھو انھن سڀني کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪي جدا جدا بيمارين جا مريض ھئا. عيسيٰ انھن مان ھر ھڪ کي پنھنجو ھٿ لاتو تہ اھي سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا ٿي ويا.٤١. ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت نڪري ويا ۽ واڪا ڪندا ويا تہ ”تون خدا جو فرزند آھين،“ ڇاڪاڻتہ انھن کي خبر ھئي تہ ھو مسيح آھي. پر عيسيٰ انھن کي جھڻڪيندي چيو تہ ھو ائين نہ چون.٤٢. جڏھن ڏينھن ٿيو تہ ھو نڪري ھڪڙي ويران ھنڌ تي آيو. ماڻھن جي ميڙن کيس ڳولي لڌو ۽ جھلڻ لڳس تہ ”اسان کي ڇڏي نہ وڃو.“٤٣. پر ھن انھن کي چيو تہ ”مون کي خدا جي بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ٻين شھرن ۾ بہ ڪرڻي آھي. ڇالاءِجو آءٌ انھيءَ لاءِ ئي تہ موڪليو ويو آھيان.“٤٤. ھو سڄي ملڪ جي عبادتخانن ۾ تبليغ ڪندو رھيو. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society