Bible in one year مارچ ٤مرقس ٨:٢٢-٣٨٢٢. پوءِ ھو بيتصيدا ۾ آيا، جتي ڪي ماڻھو ھڪ انڌي کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا ۽ منٿون ڪيائونس تہ ”ھن کي ھٿ لايو.“٢٣. عيسيٰ انھيءَ انڌي ماڻھوءَ کي ھٿ کان وٺي ڳوٺ کان ٻاھر وٺي ويو. اتي ھن انڌي ماڻھوءَ جي اکين تي لٻ لائي پنھنجا ھٿ سندس اکين تي رکيا ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون ڪا شيءِ ڏسي سگھين ٿو؟“٢٤. انڌي ماڻھوءَ مٿي نھاري چيو تہ ”مون کي ماڻھو گھمندي نظر اچن ٿا. پر اھي وڻن وانگر لڳن ٿا.“٢٥. تنھن تي عيسيٰ وري پنھنجا ھٿ ھن جي اکين تي رکيا تہ ھو غور سان ڏسڻ لڳو ۽ سندس نظر بحال ٿي ويئي. ھو ڏورانھيون شيون بہ چٽيون ڏسڻ لڳو.٢٦. پوءِ عيسيٰ کيس حڪم ڏنو تہ ”سڌو گھر وڃ ۽ ڳوٺ ۾ ڪنھن سان بہ اھا ڳالھہ نہ ڪجانءِ.“٢٧. پوءِ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد قيصريہ فلپي شھر جي ويجھن ڳوٺن ڏانھن ويا. رستي تي ھن کانئن پڇيو تہ ”ماڻھو منھنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آھيان؟“٢٨. انھن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ اوھين الياس نبي آھيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ اوھين نبين مان ڪوبہ ھڪ آھيو.“٢٩. عيسيٰ پڇين تہ ”اوھين منھنجي لاءِ ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آھيان؟“ تنھن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”اوھين مسيح آھيو.“٣٠. پوءِ عيسيٰ کين تاڪيد ڪري چيو تہ ”اھو ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو.“٣١. عيسيٰ شاگردن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ”ابنآدم لاءِ ضروري آھي تہ ھو گھڻيون سختيون سھي. بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم کيس رد ڪندا ۽ ماريندا. پوءِ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“٣٢. عيسيٰ ھي ڳالھيون کولي کولي چيون. تنھن تي پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ چيائينس تہ ”اھڙيون ڳالھيون نہ ڪريو.“٣٣. عيسيٰ ڦري شاگردن ڏانھن منھن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃ، ڇالاءِجو تون خدا وانگر نہ پر ماڻھن وانگر سوچين ٿو.“٣٤. پوءِ عيسيٰ ميڙ کي شاگردن سميت ويجھو اچڻ لاءِ سڏيو ۽ چيو تہ ”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان ھلڻ گھُري ٿو، تہ اھو پنھنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان ھلي.٣٥. ڇالاءِجو جيڪو گھُري تہ پنھنجي جان بچائي سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو منھنجي واسطي ۽ منھنجي خوشخبريءَ جي واسطي پنھنجي جان وڃائيندو سو اھا بچائيندو.٣٦. ڀلا ماڻھوءَ کي انھيءَ مان ڪھڙو فائدو جو ھو سڄي دنيا تہ ھٿ ڪري پر پنھنجي جان وڃائي ڇڏي؟٣٧. ماڻھو ڪجھہ بہ ڏيئي پنھنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.٣٨. جيڪڏھن ڪو ھن بيايمان ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منھنجي ڪلام کان شرمائيندو تہ ابنآدم بہ ان کان شرمائيندو، جڏھن ھو پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ پاڪ ملائڪن سان گڏ ايندو.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society