Bible in one year مارچ ٨مرقس ١٠:٣٢-٥٢٣٢. عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يروشلم ڏانھن رستو وٺيو پئي ويا ۽ ھو شاگردن جي اڳيان ھلي رھيو ھو. سندس شاگرد ڏاڍا پريشان ھئا ۽ جيڪي ماڻھو سندن پٺيان پئي آيا سي وري ڊنل ھئا. سو ھڪ دفعو وري عيسيٰ ٻارھن ئي شاگردن کي ھڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالھيون ساڻس ٿيڻيون ھيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو.٣٣. عيسيٰ چين تہ ”ھاڻي اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون، جتي ابنآدم سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جي حوالي ڪيو ويندو. اھي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا ۽ کيس غير قومن جي حوالي ڪندا.٣٤. اھي مٿس چٿرون ڪندا، کيس ٿڪون ۽ چھبڪ ھڻندا ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيندا ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“٣٥. پوءِ زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسين چاھيون ٿا تہ اوھين اسان جي لاءِ ڪجھہ ڪريو.“٣٦. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين مون کان پنھنجي لاءِ ڇا ٿا ڪرائڻ گھرو؟“٣٧. انھن چيو تہ ”اسين چاھيون ٿا تہ جڏھن اوھين پنھنجي بادشاھت جي جلوي سان تخت تي ويھو تڏھن اوھين اسان کي اجازت ڏيو تہ ھڪڙو اوھان جي ساڄي ۽ ٻيو اوھان جي کاٻي پاسي ويھي.“٣٨. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوھين ڇا گھُري رھيا آھيو. ڇا اوھين اُھو پيالو پي سگھندا جيڪو مون کي پيئڻو آھي؟ ڇا اوھين اھڙي بپتسما وٺي سگھندا جھڙي نموني مون کي وٺڻي آھي؟“٣٩. انھن چيو تہ ”ھائو ائين ڪري سگھون ٿا.“ تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”بيشڪ اوھين بہ اھو پيالو پيئندا جيڪو مون کي پيئڻو آھي ۽ اوھين بہ اھا بپتسما وٺندا جيڪا مون کي وٺڻي آھي.٤٠. پر منھنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويھارڻ، اھو منھنجي اختيار ۾ نہ آھي، بلڪ انھن جڳھن تي انھن کي ئي ويھاريو ويندو جن جي لاءِ اھي تيار ڪيون ويون آھن.“٤١. جڏھن ٻين ڏھن شاگردن اھا ڳالھہ ٻڌي تہ اھي يعقوب ۽ يوحنا تي ڪاوڙيا.٤٢. عيسيٰ انھن سڀني کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيو تہ ”اوھان کي خبر آھي تہ جيڪي قومن جا سردار ٿا سڏائين ۽ ماڻھن تي حڪم ٿا ھلائين، تن مٿان وري سندن اميرن کي اختيار حاصل آھي.٤٣. پر اوھان ۾ ائين نہ آھي. اوھان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاھي تہ اھو اوھان جو خدمتگار ٿئي،٤٤. ۽ جيڪو اوھان ۾ اڳيان ٿيڻ گھُري تہ اھو سڀني جو غلام ٿئي.٤٥. ڇالاءِجو ابنآدم بہ انھيءَ لاءِ نہ آيو آھي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، پر پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ گھڻن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏي.“٤٦. پوءِ اھي يريحو شھر ۾ آيا. عيسيٰ جڏھن يريحو شھر مان پنھنجي شاگردن ۽ ماڻھن جي ھڪ وڏي ميڙ سان لنگھي رھيو ھو تہ رستي تي ھڪ انڌو فقير پني رھيو ھو، جنھن جو نالو بارتمئي ھو، جيڪو تمائيءَ جو پٽ ھو.٤٧. جڏھن ھن ٻڌو تہ عيسيٰ ناصري لنگھي آھيو آھي تڏھن رڙ ڪري چيائينس تہ ”اي عيسيٰ ابن دائود! مون تي رحم ڪريو.“٤٨. ڪيترن ئي ھن کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر.“ پر ھن تيئن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ ”اي ابن دائود! مون تي رحم ڪريو.“٤٩. تنھن تي عيسيٰ بيھي رھيو ۽ چيائين تہ ”ھن کي سڏيو.“ سو انھن انڌي ماڻھوءَ کي سڏيو ۽ چيائونس تہ ”تسلي ڪر ۽ اُٿي ھل جو ھو تو کي سڏي ٿو پيو.“٥٠. تڏھن ھو پنھنجو ڪپڙو اتي ڦٽو ڪري ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ عيسيٰ وٽ آيو.٥١. عيسيٰ پڇيس تہ ”تون ڇا ٿو چاھين تہ آءٌ تنھنجي لاءِ ڇا ڪريان؟“ انڌي وراڻيو تہ ”اي سائين! آءٌ چاھيان ٿو تہ مون کي وري ديد ملي.“٥٢. عيسيٰ چيس تہ ”وڃ، تنھنجي ايمان تو کي سڄو ڪيو آھي.“ تڏھن ھو ھڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ عيسيٰ جي پٺيان رستو وٺي ھليو. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society