Bible in one year اپريل ١٢لوقا ١١:١-٢٨١. ھڪڙي دفعي ڪنھن ھنڌ عيسيٰ دعا پئي گھري. جڏھن دعا گھري چڪو تڏھن سندس شاگردن مان ھڪڙي چيس تہ ”اي خداوند! جھڙيءَ طرح يحيٰ پنھنجن شاگردن کي دعا سيکاري ھئي، تھڙيءَ طرح اسان کي بہ دعا سيکاريو.“٢. عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جڏھن اوھين دعا گھرو تہ ھيئن چئجو: ’اي بابا! شل تنھنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي، ۽ تنھنجي بادشاھت اچي.٣. اسان جي ڏھاڙيءَ جي ماني اسان کي روزانو ڏي.٤. اسان جا ڏوھہ اسان کي معاف ڪر، ڇالاءِجو جيڪي اسان جا ڏوھي آھن تن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون. ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ.‘“٥. پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”فرض ڪريو تہ اوھان منجھان ڪنھن کي ڪو دوست ھجي ۽ اڌ رات جو وٽس وڃي کيس چوي تہ ’اي دوست! مون کي ٽي مانيون اڌاريون ڏي،٦. ڇاڪاڻتہ منھنجو ھڪڙو دوست مسافريءَ تان مون وٽ آيو آھي ۽ مون وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي جو کڻي ھن جي اڳيان رکان.‘٧. تڏھن اوھان جو دوست اوھان کي اندران ورندي ڏئي تہ ’مون کي تڪليف نہ ڏي. ھن مھل در بند آھي ۽ آءٌ پنھنجن ٻارن سان گڏ ستل آھيان، تنھنڪري آءٌ اٿي تو کي ڪجھہ بہ ڏيئي نہ ٿو سگھان.‘٨. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھو اوھان جي دوستيءَ جي ڪري نہ بہ اٿي، پر پنھنجي خواريءَ کان بچڻ جي لاءِ اٿندو ۽ جيتريون مانيون اوھان کي گھرج ۾ ھونديون اوتريون ڏيندو.٩. انھيءَ ڪري آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کليوَ.١٠. ڇالاءِجو جيڪو گھرندو آھي تنھن کي ملندو آھي، جيڪو ڳوليندو آھي تنھن کي لڀندو آھي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آھي تنھن لاءِ کلندو آھي.١١. ڇا اوھان منجھہ ڪو اھڙو پيءُ آھي جنھن کان سندس ٻار اچي مڇي گھري تہ مڇيءَ بدران نانگ ڏئيس؟١٢. يا سندس ٻار بيضو گھريس تہ ھو وِڇون ڏئيس؟١٣. جيڪڏھن اوھين باوجود بڇڙا ھئڻ جي، پنھنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪيترو نہ وڌيڪ انھن کي پاڪ روح ڏيندو جيڪي کانئس گھرندا.“١٤. ھڪڙي دفعي عيسيٰ اھڙي ماڻھوءَ مان ڀوت ڪڍي رھيو ھو جيڪو ڳالھائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻتہ سندس ڀوت گونگو ھو. جڏھن منجھانئس ڀوت نڪتو تہ ھن ڳالھائڻ شروع ڪيو ۽ ماڻھو حيران ٿي ويا.١٥. پر انھن مان ڪن چيو تہ ”عيسيٰ ڀوتن جي سردار بعلزبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي.“١٦. ٻين وري ھن کي آزمائڻ لاءِ چيو تہ ”ثابتيءَ لاءِ اسان کي ڪو خدائي معجزو ڏيکار.“١٧. پر عيسيٰ انھن جي نيتن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنھن بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو ٿو پوي سا برباد ٿيندي ۽ جنھن گھر ۾ ڏڦيڙ ٿو پوي سو گھر تباھہ ٿيندو.١٨. سو جيڪڏھن شيطان جي بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو پوي تہ اھا ڪيئن جٽاءُ ڪندي؟ اوھين چئو ٿا تہ آءٌ بعلزبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان.١٩. جيڪڏھن آءٌ بعلزبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان تہ ڀلا اوھان جا ماڻھو ڪنھن جي تہ مدد سان انھن کي ڪڍين؟ پوءِ تہ اھي ئي اوھان کي ڪوڙو ڪندا.٢٠. پر جيڪڏھن آءٌ خدا جي قدرت سان ڀوت ٿو ڪڍان تہ پوءِ ڄاڻو تہ خدا جي بادشاھت اوھان منجھہ اچي پھتي آھي.٢١. جڏھن ڪو طاقت وارو ماڻھو پنھنجا ھٿيار پنھوار ٻڌي پنھنجي گھر جو پھرو ٿو ڏئي تہ گھر جو سڀ مالمتاع سلامت ٿو رھي.٢٢. پر جڏھن ان کان بہ وڌيڪ طاقتور ماڻھو حملو ڪري مٿس غالب ٿو پوي، تڏھن کانئس ھٿيار پنھوار کسي ٿو وٺي، جن تي ھن کي ناز ھو ۽ پوءِ سندس مال ڦري ورھائي ٿو ڇڏي.٢٣. جيڪو مون سان نہ آھي، سو منھنجي خلاف آھي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ڇڙوڇڙ ڪريو ڇڏي.“٢٤. ”جڏھن ڪو ڀوت ڪنھن ماڻھوءَ مان نڪري ٿو وڃي تہ اھو ويران ھنڌن ۾ اھڙي جاءِ لھڻ لاءِ رلي ٿو جتي ھو آرام ڪري سگھي. جڏھن آرام نہ ٿو مليس تڏھن چوي ٿو تہ ’آءٌ انھيءَ گھر ۾ موٽي ويندس جتان نڪتو ھوس.‘٢٥. جڏھن اچي ٿو ۽ گھر کي صاف ۽ سينگاريل ٿو ڏسي،٢٦. تڏھن ھو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو ۽ اھي ان ماڻھوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رھن ٿا ۽ پوءِ سندس حالت اڳي کان بہ ابتر ٿيو پوي.“٢٧. عيسيٰ اھي ڳالھيون پئي ڪيون تہ ميڙ مان ھڪڙيءَ عورت وڏي واڪي چيس تہ ”ڪيڏو نہ سڳورو آھي اھو پيٽ جنھن ۾ اوھين ھئا ۽ اھا ڇاتي جيڪا اوھان ڌاتي.“٢٨. تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”انھيءَ جي باوجود وڌيڪ سڳورا اُھي آھن، جيڪي خدا جو ڪلام ٻڌن ٿا ۽ ان تي عمل ٿا ڪن.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society