هڪ سال ۾ بائيبل
اپريل ١٥

٣٢. ”اي ننڍڙا ٽولا! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي پيءُ جي مرضي آھي تہ اوھان کي بادشاھت عطا ڪري.
٣٣. جيڪي اٿوَ، سو وڪڻي غريبن کي خيرات ۾ ڏيو ۽ پنھنجي لاءِ اھڙيون ڳوٿريون ٺاھيو جيڪي پئي پراڻيون نہ ٿين، يعني بھشت ۾ پنھنجي لاءِ اھڙو خزانو گڏ ڪريو جو کُٽي ئي نہ، جتي نہ چور ويجھو اچيس ۽ نہ ڪينئون ٽڪي خراب ڪريس.
٣٤. ڇالاءِ⁠جو جتي اوھان جو خزانو ھوندو، تہ دل بہ اوھان جي اتي ئي ھوندي.“
٣٥. ”پنھنجا سندرا ٻڌل ۽ پنھنجا ڏيئا ٻريل رکو.
٣٦. اوھين پاڻ کي انھن سجاڳ نوڪرن وانگر بڻايو، جيڪي پنھنجي مالڪ لاءِ اکيون در ۾ اٽڪايو ويٺا واٽ نھارين تہ جڏھن سندن مالڪ شاديءَ جي دعوت تان موٽي اچي در کڙڪائي تہ ھڪدم ھن لاءِ در کولين.
٣٧. سڀاڳا آھن اھي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي. سچ پڇو تہ ھو کين کارائڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيھندو ۽ پنھنجي سر پاڻ اچي سندن خدمت ڪندو.
٣٨. سو جيتوڻيڪ مالڪ اڌ رات يا پوئين پھر اچي تہ بہ انھن کي سجاڳ ڏسي، تہ اھي نوڪر ڪھڙا نہ سڀاڳا آھن.
٣٩. پر اھو ياد رکو تہ جيڪڏھن گھر جي مالڪ کي خبر ھجي ھا تہ چور ڪيڏيءَ مھل سندس گھر کي کاٽ ھڻندو تہ ھو جيڪر جاڳندو رھي ھا ۽ پنھنجي گھر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ھا.
٤٠. تنھنڪري اوھين بہ تيار رھو، ڇوتہ اھا گھڙي الائجي ڪھڙي ھوندي جنھن ۾ ابن⁠آدم اچي سھڙندو.“
٤١. پطرس کيس چيو تہ ”اي خداوند! ھي مثال تون اسان لاءِ ٿو ڏئين يا سڀني لاءِ؟“
٤٢. خداوند جواب ۾ چيو تہ ”اوھان مان ڪير ايماندار ۽ سياڻو نوڪر آھي، جنھن کي سندس مالڪ پنھنجن نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو ھجي تہ انھن کي وقت تي کاڌو پاڻي پھچائي؟
٤٣. سڀاڳو آھي اھو نوڪر، جنھن کي سندس مالڪ اچڻ مھل ائين ڪندو ڏسي.
٤٤. آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ ھو کيس سڄيءَ ملڪيت جو مختيار ڪندو.
٤٥. پر جيڪڏھن اھو نوڪر دل ۾ خيال ڪري تہ ’منھنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آھي،‘ سو اچي نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي مارڻ لڳي ۽ کائڻ پيئڻ ۽ نشي ۾ بي⁠خبر ٿيڻ لڳي،
٤٦. تہ انھيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انھيءَ ڏينھن اچي سھڙندو جنھن جو ھن کي خواب خيال بہ نہ ھوندو ۽ اھڙي وقت ايندو جنھن جي ھن کي ڪل ئي نہ ھوندي. پوءِ تہ سندس مالڪ اچي خوب چھبڪن سان مار ڏيئي بي⁠ايمانين ۾ شامل ڪري ڪڍي ڇڏيندس.
٤٧. اھو نوڪر جيڪو پنھنجي مالڪ جي ارادي کان باخبر ھو، پر تياري نہ ڪيائين ۽ نڪي ھن جي مرضيءَ موجب ھليو، تنھن کي ڏاڍي مار ملندي.
٤٨. پر اھو جنھن کي مالڪ جي ارادي جي خبر ڪانہ ھئي ۽ سزا جوڳو ڪم ڪيائين تہ ان کي ٿوري مار ملندي. جنھن کي گھڻو ڏنو ويو آھي تہ ان کان حساب بہ گھڻو ورتو ويندو ۽ جنھن کي گھڻو سونپيو ويو آھي تہ ان کان گھر بہ گھڻي ٿيندي.“
٤٩. ”آءٌ زمين تي باھہ لڳائڻ لاءِ آيس. ڪھڙو نہ چڱو ٿئي ھا جو اھا اڳ ۾ ئي لڳل ھجي ھا.
٥٠. پر مون کي ھڪڙي بپتسما وٺڻي آھي ۽ جيستائين اھا پوري ٿئي تيستائين آءٌ ڪيترو نہ پريشان آھيان.
٥١. ڇا اوھين ائين سمجھو ٿا تہ آءٌ دنيا ۾ صلح ڪرائڻ لاءِ آيو آھيان؟ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ صلح نہ پر جدائي ڪرائڻ لاءِ آيو آھيان.
٥٢. اڄ کان وٺي جيڪڏھن ڪنھن گھر ۾ پنج ڀاتي ھوندا تہ انھن مان ٽي ھڪڙي طرف ٿيندا تہ ٻہ ٻي طرف.
٥٣. پيءُ پٽ جي خلاف ٿيندو تہ پٽ پيءُ جي، ماءُ ڌيءَ جي خلاف ٿيندي تہ ڌيءَ ماءُ جي، سس نُنھن جي خلاف ٿيندي تہ نُنھن سس جي.“
٥٤. عيسيٰ ميڙ کي چيو تہ ”جڏھن اولھہ ۾ ڪڪر ڏسو ٿا تہ ھڪدم چئو ٿا تہ ’مينھن ايندو‘ ۽ ٿئي بہ ائين ٿو.
٥٥. جڏھن ڏکڻ گھلي ٿو تہ چئو ٿا تہ ’اونھارو اچڻ وارو آھي‘ ۽ واقعي ٿئي بہ ائين ٿو.
٥٦. اي رياڪارو! اوھين زمين ۽ آسمان جا رخ تہ سڃاڻي ٿا وٺو، پوءِ ھن زماني کي ڇو نہ ٿا سڃاڻو؟“
٥٧. ”جيڪو حق آھي تنھن جو پاڻ ئي فيصلو ڇو نہ ٿا ڪريو؟
٥٨. جيڪڏھن ڪو فريادي تو تي ڪيس ڪري ۽ تو کي ڪورٽ ڏانھن وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي ڪوشش ڪري ساڻس ٺاھہ ڪر، متان ھو تو کي جج وٽ وٺي وڃي ۽ جج تو کي پوليس جي حوالي ڪري ۽ پوليس تو کي جيل ۾ وجھي.
٥٩. آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين تون ڏنڊ جي پائي پائي ادا نہ ڪندين تيستائين جند نہ ڇٽندءِ.“
Sindhi Common Bible 2009
2009 Pakistan Bible Society