Bible in one year اپريل ١٧لوقا ١٣:٢٣-٣٥٢٣. تہ ڪنھن ماڻھوءَ پڇيس تہ ”اي خداوند! ڪن ٿورن کي ڇوٽڪارو ملندو ڇا؟“ ان کي ورنديءَ ۾ چيائين تہ٢٤. ”سوڙھي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ دلوجان سان ڪوشش ڪريو، ڇالاءِجو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا.٢٥. جڏھن گھر ڌڻيءَ ھڪ دفعو اٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوھين ٻاھر بيھي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ ھو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوھين ڪٿان آيا آھيو.‘٢٦. تنھن تي اوھين کيس چوندا تہ ’اسان اوھان جي اڳيان کاڌو پيتو ۽ اوھين اسان جي گھٽين ۾ تعليم ڏيندا ھئا.‘٢٧. پر ھو وري اوھان کي چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوھين ڪٿان آيا آھيو. اوھين مڙيئي بدڪار منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃو.‘٢٨. پوءِ جڏھن اوھين پاڻ کي ٻاھر ڌڪيل ۽ ابراھيم، اسحاق، يعقوب ۽ ٻين سڀني نبين کي خدا جي بادشاھت ۾ ڏسندءُ تہ روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ لڳندءُ.٢٩. ماڻھو اوڀر ۽ اولھہ، اتر ۽ ڏکڻ کان ايندا ۽ اچي خدا جي بادشاھت جي دعوت ۾ شريڪ ٿيندا.٣٠. جيڪي ھاڻي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آھن، سي پويان ٿيندا.“٣١. ايتري ۾ فريسين عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ھتان نڪري ھليو وڃ، ڇاڪاڻتہ ھيروديس بادشاھہ تنھنجي مارائڻ جي ڪڍ آھي.“٣٢. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”وڃو ۽ انھيءَ لومڙ کي چئو تہ آءٌ اڄ ۽ سڀاڻ ڀوت پيو ڪڍان ۽ ماڻھن کي ڇٽائي چڱو ڀلو پيو ڪريان ۽ پرينھن پنھنجو ڪم رسائي پورو ڪندس.٣٣. پر تڏھن بہ آءٌ اڄ، سڀان ۽ پرينھن پنھنجو سفر جاري رکندس، ڇالاءِجو اھو غيرواجب آھي تہ ڪو نبي يروشلم کان ٻاھر قتل ڪيو وڃي.٣٤. اي يروشلم! اي يروشلم! تون جو نبين جو قاتل آھين ۽ جيڪي تو ڏانھن موڪليا ٿا وڃن، تن کي سنگسار ٿو ڪرين، مون تنھنجي ٻچن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنھنجن چوزن کي پنھنجن کنڀن ھيٺان گڏ ڪندي آھي، پر تو نہ چاھيو.٣٥. ڏس، تنھنجو ھيڪل ويران ڪيو ويندو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اوھين مون کي تيستائين نہ ڏسندا جيستائين ائين نہ چوندا تہ ’سڳورو آھي اھو، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.‘“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society