Bible in one year اپريل ٢٧لوقا ١٩:١-٢٧١. عيسيٰ يريحو شھر ۾ داخل ٿي ان مان لنگھي رھيو ھو.٢. اتي زڪئي نالي ھڪ ماڻھو رھندو ھو، جيڪو محصول اڳاڙيندڙن جو عملدار ۽ شاھوڪار بہ ھو.٣. ھن جي مرضي ھئي تہ ”ڏسان تہ عيسيٰ ڪھڙو آھي.“ پر ميڙ جي ڪري ڏسي نہ ٿي سگھيو، ڇوتہ ھن جو قد ننڍو ھو.٤. تنھنڪري ھو اڳڀرو ڊوڙي وڃي ھڪڙي انجير جي وڻ تي چڙھي ويٺو، ڇالاءِجو عيسيٰ انھيءَ رستي تان لنگھڻو ھو.٥. جڏھن عيسيٰ انھيءَ جاءِ تي آيو، تڏھن مٿي نھاري چيائين تہ ”اي زڪئي! ھڪدم ھيٺ لھي اچ، ڇالاءِجو اڄ مون کي تنھنجي گھر ٽڪڻو آھي.“٦. ھو جلدي ھيٺ لھي آيو ۽ عيسيٰ کي خوشيءَ سان پنھنجي گھر وٺي ويو.٧. اھو ڏسي سڀيئي سسپس ڪرڻ لڳا تہ ”ڏسو، ھو ھڪڙي گنھگار جي گھر ٽڪيو آھي.“٨. زڪئي اٿي بيٺو ۽ خداوند کي چيائين تہ ”ڏسو، اي خداوند! آءٌ پنھنجي ملڪيت جو اڌ غريبن کي ٿو ڏيان ۽ جيڪڏھن مون ڪنھن کي ٺڳيو آھي تہ آءٌ کيس چئوڻا ڪري موٽائي ڏيندس.“٩. عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”اڄ ھن گھر ۾ ڇوٽڪارو آيو آھي، ڇالاءِجو ھي بہ ابراھيم جو اولاد آھي.١٠. ابنآدم انھن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آھي جيڪي گمراھہ ٿي ويا آھن.“١١. جڏھن ماڻھن ھي ڳالھيون پئي ٻڌيون تہ عيسيٰ انھن کي ھڪڙو مثال ٻڌايو. جيئن تہ ھو يروشلم ۾ پھچڻ تي ھو، سو ھو ائين سمجھن پيا تہ اِجھا ٿي خدا جي بادشاھت ظاھر ٿئي.١٢. عيسيٰ چيو تہ ”ھڪڙو امير ڪنھن ڏورانھين ملڪ ڏانھن روانو ٿيو تہ جيئن اتان بادشاھت جو اختيار وٺي پوءِ وطن وري.١٣. ھن پنھنجن نوڪرن مان ڏھن ڄڻن کي سڏي کين سون جو ھڪ ھڪ سڪو ڏنو ۽ چيائين تہ ’جيستائين آءٌ موٽي اچان تيستائين انھن سان واپار ھلايو.‘١٤. پر ھن جي وطن جا ماڻھو ھن کان بيزار ھئا، تنھنڪري ھنن سندس پٺيان انھيءَ ملڪ ڏانھن پنھنجا ايلچي موڪليا تہ ’اسان جي مرضي نہ آھي تہ ھي ماڻھو اسان جي مٿان بادشاھي ڪري.‘١٥. جڏھن ھو بادشاھت جو اختيار وٺي موٽي آيو تہ حڪم ڏنائين تہ ’انھن نوڪرن کي مون وٽ وٺي اچو، جن کي آءٌ پيسا ڏيئي ويو ھوس، ڏسان تہ واپار ڪري ڪيترو ڪمايو اٿن.‘١٦. پھريون آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! توھان جي ڏنل سوني سڪي ٻيا ڏھہ سونا سڪا ڪمايا آھن.‘١٧. تنھن تي ھن چيس تہ ’شاباس، چڱا نوڪر، جيئن تہ تون ٿوري ۾ ايماندار آھين، تنھنڪري ھاڻي تون ڏھن شھرن جو مالڪ آھين.‘١٨. ٻيو آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! توھان جي ڏنل سوني سڪي پنج ٻيا سونا سڪا ڪمايا آھن.‘١٩. ھن ان کي بہ چيو تہ ’ھاڻي تون پنجن شھرن جو حاڪم آھين.‘٢٠. ٻيو ھڪڙو آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! اِجھو، ھي آھي اوھان جو سونو سڪو. مون رومال ۾ اھو ٻڌي سنڀالي رکيو آھي،٢١. ڇاڪاڻتہ مون کي اوھان کان ڊپ ٿيو جو اوھين سخت ماڻھو آھيو. جيڪي توھان جمع نہ ڪيو آھي سو کڻو ٿا ۽ جيڪي اوھان نہ پوکيو آھي سو لڻو ٿا.‘٢٢. ھن چيس تہ ’اي بڇڙا نوڪر! تنھنجي ئي واتان آءٌ تو کي ڏوھي بڻائيندس. جڏھن تو کي خبر بہ ھئي تہ آءٌ سخت ماڻھو آھيان ۽ جيڪي جمع ڪين ڪيو اٿم سو پيو کڻان ۽ جيڪي پوکيو ئي نہ اٿم سو پيو لڻان،٢٣. تہ پوءِ تو منھنجا پيسا ڇو ڪين سيڙايا، تہ جڏھن آءٌ موٽي اچان ھا تہ تو کان منافعي سميت اچي وٺان ھا؟‘٢٤. پوءِ جيڪي اتي بيٺا ھئا تن کي چيائين تہ ’ھن کان اھو ھڪڙو سونو سڪو بہ کسي ڏھن سونن سڪن واري نوڪر کي ڏيو.‘٢٥. تڏھن ھنن چيس تہ ’سائين! ھن وٽ اڳي ئي ڏھہ سونا سڪا آھن.‘٢٦. انھن کي چيائين تہ ’آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جنھن ڪجھہ ڪمايو آھي، تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو. پر جنھن ڪجھہ بہ نہ ڪمايو آھي، تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آھي.٢٧. ٻيو تہ منھنجا اھي دشمن جن جي مرضي نہ ھئي تہ آءٌ مٿن بادشاھي ڪريان، تن کي ھتي وٺي اچو تہ کين منھنجي اڳيان قتل ڪيو وڃي.‘“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society