Bible in one year اپريل ٢٨لوقا ١٩:٢٨-٤٨٢٨. جڏھن عيسيٰ ھي چئي چڪو، تڏھن ھو اڳتي وڌندو يروشلم ڏانھن وڃڻ لڳو.٢٩. جڏھن ھو زيتون واري ٽڪر وٽ بيتفگاہ ۽ بيتعنياہ ڳوٺن جي ويجھو آيو تہ ھن ٻن شاگردن کي ھي ھدايتون ڏيئي اڳواٽ موڪليو تہ٣٠. ”اڳئين ڳوٺ ۾ وڃو ۽ جيئن اوھين ان ۾ گھڙندا تہ ھڪ کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنھن تي اڃا تائين ڪنھن بہ ماڻھوءَ سواري نہ ڪئي آھي. ان کي ڇوڙي ھتي ڪاھي اچو.٣١. جيڪڏھن ڪو اوھان کان کڻي پڇي تہ ’ان کي ڇو ٿا ڇوڙيو،‘ تہ اوھين چئجوس تہ ’سائينءَ کي انھيءَ جي ضرورت آھي.‘“٣٢. سو اھي پنھنجو رستو وٺي ويا ۽ جيئن عيسيٰ چيو ھون تيئن ئي ڏٺائون.٣٣. جيئن ئي کودڙو ڇوڙين پيا تہ ان جي مالڪ کين چيو تہ ”اوھين ھن کي ڇو ٿا ڇوڙيو؟“٣٤. ھنن ورندي ڏني تہ ”سائينءَ کي انھيءَ جي ضرورت آھي.“٣٥. پوءِ کودڙي کي عيسيٰ وٽ ڪاھي آيا ۽ ان جي مٿان پنھنجا ڪپڙا وجھي عيسيٰ کي ان تي سوار ڪيائون.٣٦. جڏھن ھو ھلڻ لڳو، تڏھن ھنن پنھنجا ڪپڙا کڻي رستي تي وڇايا.٣٧. جڏھن ھو يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر جي لاھيءَ وٽ پھتو تہ شاگردن جو سڄو ميڙ خوشيءَ ۾ ڀرجي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻتہ انھن سندس عجيب قوت جا معجزا ڏٺا ھئا. سو وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ٣٨. ”سڳورو آھي اھو بادشاھہ، جو خداوند جي نالي سان ٿو اچي، بيشڪ آسمان منجھہ سلامتي آھي ۽ عرش عظيم تي شان وارو خدا آھي.“٣٩. انھيءَ ميڙ مان ڪن فريسين چيس تہ ”اي استاد! پنھنجن شاگردن کي جھليو.“٤٠. عيسيٰ کين چيو تہ ”جيڪڏھن ھنن ماٺ ڪئي تہ خود پٿر وٺي پڪاريندا.“٤١. جڏھن عيسيٰ يروشلم جي ويجھو ٿيو تہ شھر کي ڏسي مٿس رنائين،٤٢. ۽ چيائين تہ ”جيڪر تون رڳو اڄوڪي ڏينھن امن واريون ڳالھيون ڄاڻين ھا، پر ھاڻي تہ اھي تنھنجين اکين کان لڪل آھن.٤٣. ڇوتہ اھي ڏينھن تو تي اچي ڪڙڪندا، جڏھن تنھنجا دشمن تنھنجي چوڌاري مورچا ٻڌي تو کي وڪوڙيندا ۽ چوطرف تو کي سوڙھو گھٽيندا.٤٤. اھي تو کي ۽ تنھنجي ٻارن کي جيڪي تو ۾ آھن، جھلي پٽ تي ھڻندا ۽ تنھنجي سِر سِر سان نہ ملندي، ڇالاءِجو تو ان وقت کي نہ سڃاتو، جڏھن خدا تو کي بچائڻ لاءِ آيو.“٤٥. عيسيٰ ھيڪل ۾ ويو ۽ اتي جيڪي واپار پيا ڪن تن کي ھڪالي ڪڍڻ لڳو٤٦. ۽ چيائين تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’منھنجو گھر عبادت جو گھر ٿيندو،‘ پر اوھان ان کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بڻايو آھي.“٤٧. عيسيٰ ھر روز ھيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيندو ھو. سردار ڪاھنن، شريعت جي عالمن ۽ بني اسرائيل جي بزرگن وجھہ پئي ڳوليو تہ ”ڪھڙيءَ طرح ھن کي ماري کپائي ڇڏيون.“٤٨. پر وس ڪونہ ٿي پُڳن، ڇاڪاڻتہ ماڻھو ھن جون ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ آتا ھئا. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society