Bible in one year اپريل ٦لوقا ٨:٢٦-٥٦٢٦. پوءِ اھي گراسينين جي علائقي ۾ وڃي پھتا جو گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي آھي.٢٧. جڏھن عيسيٰ سڪيءَ تي آيو تہ کيس شھر جو ھڪڙو ماڻھو مليو، جنھن ۾ ڀوت ھئا. ھو ڪيترن ڏينھن کان نڪي ڪپڙا پائيندو ھو ۽ نڪي گھر ۾ رھندو ھو، پر قبرستان ۾ گذاريندو ھو.٢٨. جڏھن عيسيٰ کي ڏٺائين تڏھن رڙ ڪري سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ واڪو ڪري چيائينس تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! مون سان تنھنجو ڪھڙو واسطو؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“٢٩. ڇالاءِجو عيسيٰ انھيءَ ڀوت کي حڪم ڪيو ھو تہ ”ھن ماڻھوءَ مان نڪري وڃ.“ اھو ڀوت اڪثرانھيءَ کي وٺندو ھو ۽ ماڻھو کيس زنجيرن ۽ ٻيڙين سان ٻڌي قابو ڪندا ھئا، پر ھو زنجيرن کي ٽوڙي وجھندو ھو ۽ ڀوت کيس رڻپٽ ۾ گھلي ويندو ھو.٣٠. عيسيٰ انھيءَ ماڻھوءَ کان پڇيو تہ ”تنھنجو نالو ڇا آھي؟“ ھن جواب ڏنو تہ ”لشڪر.“ ڇوتہ منجھس گھڻن ڀوتن جو واسو ھو.٣١. انھن ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”اسان کي اوڙاھہ ۾ وڃڻ جو حڪم نہ ڏيو.“٣٢. ڀرسان ھڪڙو سوئرن جو وڏو ڌڻ ٽڪر تي پئي چريو. پوءِ ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”اسان کي ھنن ۾ گھڙڻ جي موڪل ڏيو.“ سو ھن کين موڪل ڏني.٣٣. تنھن تي اھي ڀوت انھيءَ ماڻھوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ سوئرن جو اھو ڌڻ لاھيءَ تان ڌوڪيندو اچي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مئو.٣٤. مال چارڻ وارا اھو حال ڏسي وٺي ڀڳا ۽ وڃي شھر ۽ ٻھراڙيءَ ۾ اھا خبر ٻڌايائون.٣٥. تنھن تي ماڻھو اھو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا ۽ عيسيٰ وٽ اچي ڏسن تہ اھو ماڻھو جنھن مان ڀوت نڪري ويا ھئا، سو ڪپڙا پائي پوري ھوش ۾ عيسيٰ جي پيرن وٽ ويٺو آھي. انھن سڀني کي ڊپ وٺي ويو،٣٦. ۽ جن اھو رنگ ڏٺو ھو، تن انھن کي ٻڌايو تہ ڪھڙيءَ طرح ڀوتن ورتل شخص ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو.٣٧. گراسينين جي اوسيپاسي وارن سڀني ماڻھن کيس منٿ ڪئي تہ ”اسان وٽان ھليو وڃ،“ ڇوتہ انھن کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو ھو. سو عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي موٽي ويو.٣٨. جنھن ماڻھوءَ مان ڀوت نڪري ويا ھئا، تنھن کيس منٿ ڪري چيو تہ ”مون کي پاڻ سان وٺي ھلو.“ پر عيسيٰ کيس موٽائي گھر موڪليو ۽ چيائينس تہ٣٩. ”وڃي ٻڌاءِ تہ خدا تو سان ڪھڙي نہ ڀلائي ڪئي آھي.“ پوءِ ھو موٽي ويو ۽ وڃي سڄي شھر ۾ مشھور ڪيائين تہ ”عيسيٰ مون سان ڪيڏي نہ ڀلائي ڪئي آھي.“٤٠. جڏھن عيسيٰ موٽي آيو تڏھن ماڻھن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇوتہ سڀني سندس واٽ پئي ڏٺي.٤١. ان وقت عبادتخاني جو اڳواڻ، جنھن جو نالو يائرس ھو سو نڪري آيو ۽ عيسيٰ کي پيرين پئي عرض ڪيائين تہ ”منھنجي گھر ھلو.“٤٢. ڇوتہ ھن جي سڪيلڌي ڌيءَ جنھن جي عمر اٽڪل ٻارھن ورھيہ ھئي سا مرڻ تي ھئي. پوءِ جيئن جيئن عيسيٰ ساڻس گڏ پئي آيو تيئن تيئن ماڻھو مٿس ڳاھٽ پئي ٿيا.٤٣. اتي ھڪڙي عورت ھئي جنھن کي ٻارھن ورھين کان رت پيو ايندو ھو ۽ ھن پنھنجي سڄي ميڙي چونڊي طبيبن پٺيان وڃائي ڇڏي ھئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو ھوس.٤٤. اھا عيسيٰ جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي ھٿ لاتائين تہ انھيءَ گھڙيءَ ھن جو رت وھڻ بند ٿي ويو.٤٥. تڏھن عيسيٰ پڇيو تہ ”مون کي ڪنھن ھٿ لاتو؟“ تنھن تي سڀيئي انڪار ڪرڻ لڳا. پر پطرس چيو تہ ”سائين! ماڻھو اوھان تي ڳاھٽ پيا ٿين ۽ اوھان تي ڪرن ٿا پيا.“٤٦. پر عيسيٰ چيو تہ ”ڪنھن تہ مون کي ھٿ لاتو. آءٌ ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻتہ مون مان قدرت نڪتي آھي.“٤٧. جڏھن عورت ڏٺو تہ ’آءٌ لڪي نہ ٿي سگھان،‘ تڏھن ڏڪندي ڏڪندي آئي ۽ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيئي. ھن سڀني جي روبرو کيس ٻڌايو تہ ڪھڙي سبب ھن کيس ھٿ لاتو ۽ ڪھڙيءَ طرح ھوءَ ھڪدم چڱي ڀلي ٿي پيئي.٤٨. عيسيٰ چيس تہ ”اي ڌيءَ! تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي، دلجاءِ سان ھلي وڃ.“٤٩. اڃا ھن ڳالھايو ئي بيٺي تہ عبادتگاھہ جي اڳواڻ جي گھر مان ڪنھن اچي يائرس کي چيو تہ ”تنھنجي ڌيءَ مري ويئي. ھاڻي استاد کي تڪليف نہ ڏي.“٥٠. پر عيسيٰ ھي ٻڌي کيس چيو تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو ويساھہ رک تہ ھوءَ بچي پوندي.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society