Bible in one year اپريل ٨لوقا ٩:١٨-٣٦١٨. ھڪ دفعي جڏھن عيسيٰ اڪيلو دعا گھري رھيو ھو ۽ شاگرد ساڻس گڏ ھئا تڏھن انھن کان پڇيائين تہ ”ماڻھو منھنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آھيان؟“١٩. شاگردن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ اوھين الياس آھيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوھين آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو جيئرو ٿي اٿيا آھيو.“٢٠. ھن شاگردن کان پڇيو تہ ”اوھين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آھيان؟“ تنھن تي پطرس چيس تہ ”تون خدا جو مسيح آھين.“٢١. تڏھن عيسيٰ شاگردن کي تاڪيد ڪري حڪم ڏنو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجو.“٢٢. کين وڌيڪ چيائين تہ ”ابنآدم لاءِ ضروري آھي تہ ھو گھڻيون سختيون سھي ۽ بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم کيس رد ڪن. ھو ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندو.“٢٣. پوءِ سڀني کي چيائين تہ ”جيڪو منھنجي پٺيان اچڻ گھري، سو پنھنجي خوديءَ کي ماري ۽ روزانو پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان ھلي.٢٤. ڇالاءِجو جيڪو پنھنجي جان بچائڻ چاھيندو سو اھا وڃائيندو. پر جيڪو منھنجي لاءِ پنھنجي جان وڃائيندو، سو انھيءَ کي بچائيندو.٢٥. جيڪڏھن ماڻھو کڻي سڄي دنيا ھٿ ڪري، پر پنھنجي جان وڃائي يا انھيءَ کي نقصان ۾ وجھي ڇڏي تہ ڪھڙو فائدو ٿيندس؟٢٦. ڇاڪاڻتہ جيڪو مون کان ۽ منھنجي ڪلام کان شرمائيندو، تنھن کان ابنآدم بہ شرمائيندو، جڏھن ھو پنھنجي، پنھنجي پيءُ جي ۽ پاڪ ملائڪن جي جلوي ۾ ايندو.٢٧. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي ھتي بيٺا آھن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين خدا جي بادشاھت کي نہ ڏسندا.“٢٨. انھن ڳالھين کان پوءِ اٽڪل اٺن ڏينھن بعد عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يوحنا ۽ يعقوب کي وٺي ھڪڙي جبل تي دعا گھرڻ لاءِ ويو.٢٩. جيئن ئي ھو دعا گھري رھيو ھو تہ سندس صورت بدلجي پيئي ۽ سندس پوشاڪ نوراني ٿي پيئي.٣٠. اتي جو اتي ٻن شخصن کي عيسيٰ سان ڳالھيون ڪندي ڏٺو ويو، جيڪي موسيٰ ۽ الياس نبي ھئا،٣١. جن جلال ۾ پئي ڏيکاري ڏني ۽ سندس موت بابت ڳالھايو پئي جو يروشلم ۾ ٿيڻو ھو.٣٢. ان وقت پطرس ۽ سندس سنگتي اگھور ننڊ ۾ ھئا ۽ جڏھن جاڳيا، تڏھن عيسيٰ جو جلوو ڏسڻ ۾ آين ۽ ٻہ ماڻھو ساڻس گڏ بيٺل ڏٺائون.٣٣. جڏھن موسيٰ ۽ الياس عيسيٰ وٽان وڃڻ لڳا تڏھن پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”اي سائين! اسان جا ڀاڳ ڀلا آھن جو اسين ھتي آھيون، سو ٽي تنبو کڻي ٿا کوڙيون، ھڪڙو اوھان لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ ۽ ٽيون الياس لاءِ.“ پر کيس حقيقت ۾ خبر ئي ڪانہ ھئي تہ ڇا ٿو چوي.٣٤. اڃا ھن ائين چيو ئي پئي تہ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي ۽ جڏھن اھي ڪڪر ۾ گھڙڻ لڳا تہ شاگرد ڊڄي ويا.٣٥. ڪڪر مان آواز آيو تہ ”ھيءُ منھنجو چونڊيل فرزند آھي، سو اوھين ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“٣٦. جڏھن اھو آواز آيو تڏھن عيسيٰ اڪيلو ئي ڏسڻ ۾ آين. پوءِ شاگردن کڻي ماٺ ڪئي ۽ جيڪي ڳالھيون ڏٺيون ھئائون تن مان ڪابہ انھيءَ وقت ڪنھن سان بہ نہ ڪيائون. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society