Bible in one year اپريل ٩لوقا ٩:٣٧-٦٢٣٧. ٻئي ڏينھن تي ھو جبل تان لٿا تہ وڏو ميڙ اچي عيسيٰ سان گڏيو.٣٨. ھڪ ماڻھوءَ ميڙ مان رڙ ڪري چيو تہ ”اي استاد! آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ منھنجي پٽ کي ھلي ڏسو، ڇوتہ اھو منھنجو سڪيلڌو آھي.٣٩. ھن کي ھڪڙو ڀوت اچي ٿو وٺي، جنھن ڪري اوچتو وٺيو رڙيون ڪري. اھو اھڙو ٿو گھٽيس جو گڦ پئي وھيس ۽ چچريو ڇڏيس. پوءِ مس مس ٿو منجھانئس نڪري.٤٠. مون اوھان جي شاگردن کي بہ عرض ڪري چيو تہ ’ان کي ڪڍو،‘ پر اھي ڪڍي نہ سگھيا.“٤١. تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”اي بييقين ۽ گمراھہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوھان سان ھوندس ۽ ڪيستائين اوھان جي سھندس؟ پنھنجي پٽ کي ھيڏانھن وٺي اچ.“٤٢. ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس ھيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھٽيائينس. پر عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پيءُ جي حوالي ڪيائين.٤٣. سڀيئي خدا جي ايڏي قدرت ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. جڏھن سڀ ماڻھو عيسيٰ جي ڪمن تي عجب کائي رھيا ھئا، تڏھن ھن پنھنجن شاگردن کي چيو تہ٤٤. ”ھيءَ ڳالھہ پنھنجي ھينئين سان ھنڊايو تہ ابنآدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو.“٤٥. پر ھنن اھا ڳالھہ نہ سمجھي ۽ اھا انھن کان ڳجھي رھي، انھيءَ لاءِ تہ ھو اھا نہ سمجھن. انھيءَ بابت عيسيٰ کان پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.٤٦. شاگرد پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”اسان ۾ وڏو ڪير آھي؟“٤٧. پر عيسيٰ سندن دل جو اھو خيال ڄاڻي ورتو، سو ھڪڙو ننڍڙو ٻار کڻي پنھنجي ڀرسان بيھاريائين.٤٨. پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”جيڪو ھن ننڍي ٻار کي منھنجي ڪري قبول ڪندو، سو ڄڻ تہ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو ڄڻ انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي، ڇالاءِجو جيڪو اوھان سڀني ۾ ننڍو آھي سو ئي وڏو ٿيندو.“٤٩. يوحنا چيو تہ ”اي سائين! اسان ھڪڙي ماڻھوءَ کي اوھان جي نالي تي ڀوت ڪڍندي ڏٺو تہ اسان کيس منع ڪئي، ڇوتہ ھو اسان سان گڏ تنھنجي پيروي نہ ٿو ڪري.“٥٠. پر عيسيٰ چين تہ ”منع نہ ڪريوس، ڇاڪاڻتہ جيڪو اوھان جي خلاف نہ آھي اھو اوھان جي پاسي آھي.“٥١. جڏھن عيسيٰ جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينھن ويجھا ٿيا، تڏھن ھن يروشلم ڏانھن رخ ڪرڻ جو پڪو پھہ ڪيو.٥٢. پاڻ کان اڳ ۾ قاصد موڪليائين. اھي روانا ٿي ھڪڙي سامري ڳوٺ ۾ آيا تہ جيئن اتي عيسيٰ لاءِ ھر شيءِ جو انتظام ڪن.٥٣. پر اتان جي ماڻھن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو، ڇاڪاڻتہ سندس رخ يروشلم ڏانھن ھو.٥٤. تڏھن سندس شاگردن يعقوب ۽ يوحنا ھي ڏسي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن اوھان جي مرضي ھجي تہ اسين آسمان مان باھہ کي حڪم ڪريون تہ ھنن کي اچي ناس ڪري.“٥٥. پر عيسيٰ ڦري ھنن کي ڇينڀيو٥٦. ۽ پوءِ ھو سڀيئي ٻئي ڳوٺ ڏانھن روانا ٿي ويا.٥٧. جيئن ھو واٽ وٺيو پئي ويا تہ ھڪڙي ماڻھوءَ عيسيٰ کي چيو تہ ”جيڏانھن اوھين ويندا، اوڏانھن آءٌ بہ اوھان جي پٺيان ھلندس.“٥٨. عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”لومڙين کي ڏريون آھن ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابنآدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“٥٩. عيسيٰ ٻئي کي چيو تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“ پر ھن جواب ڏنس تہ ”اي سائين! مون کي تيستائين موڪل ڏيو جيستائين منھنجو پيءُ دفن ٿئي.“٦٠. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين، پر تون وڃي ماڻھن کي خدا جي بادشاھت جي خبر ٻڌاءِ.“٦١. ھڪڙي ٻئي بہ عيسيٰ کي چيو تہ ”اي سائين! آءٌ اوھان جي پٺيان ھلندس، پر پھريائين اجازت ڏيو تہ گھر جي ماڻھن کان موڪلائي اچان.“٦٢. تنھن تي عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”جيڪو پنھنجو ھٿ ھر جي مُٺئي تي رکي وري پوئتي ٿو نھاري، سو خدا جي بادشاھت جي لائق نہ آھي.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society