Bible in one year مئي ١٤يوحنا ٣:١٩-٣٦١٩. سزا جو سبب ھي آھي تہ روشني تہ دنيا ۾ اچي چڪي آھي پر ماڻھن اونداھيءَ کي روشنيءَ کان وڌيڪ پسند ڪيو، ڇالاءِجو سندن ڪم بڇڙا ھئا.٢٠. جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو تنھن کي روشنيءَ کان نفرت آھي ۽ روشنيءَ ڏانھن نہ ٿو اچي، ڇالاءِجو ھن جي مرضي نہ آھي تہ سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿين.٢١. پر جيڪو سچ تي ھلي ٿو سو روشنيءَ ڏانھن اچي ٿو، انھيءَ لاءِ تہ سندس ڪم ظاھر ٿين، جيڪي ھن خدا جي مرضيءَ موجب ڪيا آھن.٢٢. ھن کان پوءِ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يھوديہ جي علائقي ۾ آيا. ھو اتي انھن سان ڪجھہ وقت رھيو ۽ بپتسما ڏيڻ لڳو.٢٣. يحيٰ بہ شاليم جي ويجھو عينون ۾ بپتسما ڏيئي رھيو ھو، ڇاڪاڻتہ اتي پاڻي گھڻو ھو. ماڻھو وٽس آيا پئي ۽ ھن کين بپتسما پئي ڏني.٢٤. ان وقت تائين يحيٰ کي جيل ۾ نہ وڌو ويو ھو.٢٥. يحيٰ جي ڪن شاگردن جو ھڪ يھودي اڳواڻ سان پاڪائيءَ جي رسم بابت بحث ٿيو.٢٦. اھي يحيٰ وٽ ويا ۽ کيس چيائون تہ ”استاد! اوھان کي اھو ماڻھو ياد آھي جيڪو اردن درياءَ جي ھُن ڀر اوھان سان گڏ ھو ۽ جنھن بابت اوھان شاھدي ڏني ھئي؟ اھو ھاڻي ماڻھن کي بپتسما ڏيئي رھيو آھي ۽ ھر ڪو انھيءَ ڏانھن وڃي رھيو آھي.“٢٧. تنھن تي يحيٰ ھي جواب ڏنو تہ ”ڪنھن انسان وٽ ايترو ٿي سگھي ٿو جيترو خدا کيس عطا ڪيو آھي.٢٨. اوھين خود شاھدي ڏيئي سگھو ٿا تہ مون چيو ھو تہ ’آءٌ مسيح نہ آھيان، پر آءٌ انھيءَ کان اڳ موڪليل آھيان.‘٢٩. گھوٽ اھو آھي جنھن جي ڪنوار آھي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي، سو سندس آواز تي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انھيءَ گھوٽ جو دوست آھيان ۽ ھاڻي منھنجي خوشي پوري ٿي آھي.٣٠. اھو ضروري آھي تہ ھو وڌي ۽ آءٌ گھٽجان.“٣١. جيڪو مٿان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاھون آھي. جيڪو دنيا جو آھي سو دنيا سان واسطو رکي ٿو ۽ ائين ڳالھائي ٿو جيئن ڪو دنيا وارو ڳالھائي. جيڪو آسمان کان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاھون آھي.٣٢. ھو انھيءَ جي شاھدي ڏئي ٿو جيڪو ھن پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، پر سندس شاھدي ڪوبہ قبول نہ ٿو ڪري.٣٣. جنھن بہ ماڻھوءَ اھا شاھدي قبول ڪئي، تنھن ڄڻ اھا تصديق ڪئي تہ خدا سچو آھي.٣٤. جنھن کي خدا موڪليو آھي سو خدا جا لفظ ڳالھائي ٿو، ڇالاءِجو خدا کيس پنھنجو روح بيحساب عطا ڪري ٿو.٣٥. پيءُ فرزند سان پيار ڪري ٿو ۽ کيس سڀڪا اختياري ڏيئي ڇڏي اٿس.٣٦. جيڪو بہ فرزند تي ايمان آڻي ٿو تنھن کي دائمي زندگي مليل آھي. پر جيڪو فرزند کي قبول نہ ٿو ڪري تنھن کي اھا زندگي ڪڏھن بہ نہ ملندي، اٽلندو خدا جو غضب مٿس رھي ٿو. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society