Bible in one year مئي ١٥يوحنا ٤:١-٣٠١. فريسين ٻڌو تہ عيسيٰ يحيٰ کان وڌيڪ شاگرد ڪري رھيو آھي ۽ بپتسما ڏيئي رھيو آھي.٢. حقيقت ۾ عيسيٰ پاڻ ڪنھن کي بہ بپتسما نہ ٿي ڏني، پر سندس شاگرد ڏيئي رھيا ھئا.٣. جڏھن عيسيٰ کي انھيءَ ڳالھہ جي خبر پئي تڏھن يھوديہ کي ڇڏي، موٽي گليل ڏانھن ھليو ويو.٤. رستي تي ھن کي سامريہ مان لنگھڻو پيو.٥. پوءِ ھو سامريہ جي سوخار نالي ھڪڙي شھر ڏانھن ويو، جيڪو انھيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ ھو جا يعقوب پنھنجي پٽ يوسف کي ڏني ھئي.٦. انھيءَ ٻنيءَ ۾ يعقوب جو کوھہ ھو. عيسيٰ مسافريءَ جي ڪري ٿڪجي پيو ھو، سو کوھہ جي ڀرسان ويھي رھيو. اھو اٽڪل ٻنپھرن جو وقت ھو.٧. ايتري ۾ اتي ھڪ سامري عورت پاڻي ڀرڻ آئي. جيئن تہ عيسيٰ جا شاگرد شھر مان کاڌو وٺڻ ويا ھئا، سو عيسيٰ انھيءَ کي چيو تہ ”مون کي پاڻي پيار.“٨. ٩. تنھن تي انھيءَ سامري عورت کيس وراڻيو تہ ”تون يھودي ٿي ڪري مون سامري عورت کان ڪيئن ٿو پيئڻ لاءِ پاڻي گھرين؟“ ڇالاءِجو يھودي ماڻھو اھي ٿانوَ بہ ڪم نہ آڻيندا ھئا، جيڪي سامري استعمال ڪندا ھئا.١٠. عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي بخشش جي خبر ھجي ھا ۽ ڄاڻين ھا تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آھي، تہ تون جيڪر ھن کان گھرين ھا ۽ ھو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ھا.“١١. عورت چيو تہ ”سائين! اوھان وٽ تہ ڪو ڏول ڪونھي ۽ کوھہ بہ اونھو آھي. پوءِ اوھين زندگيءَ جو پاڻي ڪٿان آڻيندا؟١٢. ڇا اوھين اسان جي ڏاڏي يعقوب کان بہ وڏا آھيو، جنھن ھيءُ کوھہ اسان کي ڏنو ھو؟ ھن مان ھو پاڻ، سندس پٽ ۽ سندس مال سڀيئي پاڻي پيئندا ھئا.“١٣. عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو ھي پاڻي پيئي ٿو تنھن کي وري اڃ لڳي ٿي.١٤. پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏھن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ ھڪ چشمو ٿي پوندو، جنھن مان زندگيءَ جو پاڻي نڪرندو جو کيس دائمي زندگي ڏيندو.“١٥. انھيءَ عورت چيو تہ ”پوءِ اي سائين! مون کي اھو پاڻي ڏيو تہ جيئن مون کي وري اڃ نہ لڳي ۽ نہ وري ھيترو پنڌ ڪري ھتي پاڻي ڀرڻ اچان.“١٦. عيسيٰ چيس تہ ”وڃ ۽ پنھنجي مڙس کي وٺي اچ.“١٧. تنھن تي عورت چيو تہ ”مون کي تہ مڙس آھي ئي ڪونہ.“ عيسيٰ چيس تہ ”تو سچ چيو تہ تو کي مڙس ڪونھي.١٨. ڇالاءِجو تون پنج مڙس ڪري چڪي آھين ۽ ھاڻي جنھن شخص وٽ تون رھين ٿي، سو تنھنجو مڙس نہ آھي.“١٩. عورت چيس تہ ”سائين! آءٌ سمجھان ٿي تہ اوھين ڪي نبي آھيو.٢٠. اسان جا وڏا تہ ھن جبل تي عبادت ڪندا ھئا، پر اوھين يھودي چئو ٿا تہ ’جنھن جاءِ تي عبادت ڪرڻ گھرجي سا يروشلم ۾ آھي.‘“٢١. عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! مون تي اعتبار ڪرين تہ اھا گھڙي اچي رھي آھي جڏھن اوھين پيءُ جي عبادت نہ ھن جبل تي ۽ نڪي يروشلم ۾ ڪندا.٢٢. اوھين سامري انھيءَ جي عبادت ڪريو ٿا جنھن کي اوھين نہ ٿا سڃاڻو. اسين يھودي انھيءَ جي عبادت ڪريون ٿا جنھن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇالاءِجو يھودين منجھان ئي ڇوٽڪارو آھي.٢٣. پر اھا گھڙي اچي رھي آھي، بلڪ ھاڻي اچي پھتي آھي، جڏھن سچا عبادت ڪندڙ روح ۽ سچائيءَ سان پيءُ جي عبادت ڪندا ۽ پيءُ بہ اھڙن عبادت ڪندڙن کي چاھي ٿو.٢٤. خدا روح آھي ۽ عبادت ڪندڙن کي بہ روح ۽ سچائيءَ سان سندس عبادت ڪرڻ گھرجي.“٢٥. تنھن تي عورت عيسيٰ کي چيو تہ ”مون کي خبر آھي تہ مسيح اچڻو آھي. جڏھن اھو ايندو تڏھن اسان کي سڀ ڳالھيون ٻڌائيندو.“٢٦. عيسيٰ چيس تہ ”اھو تہ آءٌ آھيان، جيڪو تو سان ويٺو ڳالھايان.“٢٧. ايتري ۾ عيسيٰ جا شاگرد موٽي آيا ۽ اھو ڏسي عجب ۾ پئجي ويا تہ ھو عورت ذات سان ويٺو ڳالھائي. پر انھن مان ڪنھن بہ انھيءَ عورت کان نہ پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ ۽ نہ عيسيٰ کي چيائون تہ ”توھين ھن سان ڇو ٿا ڳالھايو؟“٢٨. پوءِ اھا عورت پنھنجو دلو اتي ڇڏي شھر ڏانھن موٽي ويئي ۽ ماڻھن کي چيائين تہ٢٩. ”ھلو ۽ ھڪ شخص تہ ڏسو، جنھن اھو سڀ ڪجھہ ٻڌايو جيڪي مون ڪيو آھي. ڇا اھو مسيح تہ نہ آھي؟“٣٠. پوءِ اھي شھر مان نڪري عيسيٰ وٽ آيا. Sindhi Common Bible 2009 © 2009 Pakistan Bible Society