١٨. ھن ڳالھہ جي ڪري تہ يھودي اڳواڻ ھيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻتہ ھن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو بلڪ خدا کي پنھنجو پيءُ سڏي پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.
١٩. پوءِ عيسيٰ يھودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ فرزند پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. ھو رڳو اھي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنھنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇالاءِجو جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.
٢١. جيئن پيءُ مئلن کي جياري کين زندگي ڏئي ٿو، تيئن فرزند بہ جنھن کي وڻيس تنھن کي زندگي ڏئي ٿو.
٢٢. پيءُ پاڻ ڪنھن جو بہ فيصلو نہ ٿو ڪري، بلڪ ھن پنھنجي فرزند کي فيصلي ڪرڻ جو پورو اختيار ڏيئي ڇڏيو آھي
٢٣. تہ جيئن سڀيئي ماڻھو فرزند جي اھڙي نموني عزت ڪن جھڙي نموني پيءُ جي عزت ڪن ٿا. جيڪو بہ فرزند جي عزت نہ ٿو ڪري سو ڄڻ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري جنھن کيس موڪليو آھي.