Bible in one year مئي ١٧يوحنا ٥:١-٢٣١. ڪجھہ وقت کان پوءِ يھودين جي ھڪڙي عيد تي عيسيٰ يروشلم ڏانھن ويو.٢. يروشلم ۾ رڍن واري در وٽ ھڪ تلاءُ آھي، جنھن کي عبراني ٻوليءَ ۾ بيتحسدا ڪري سڏبو آھي ۽ انھيءَ کي پنج ڏيڍيون آھن.٣. اتي ڪيترا ئي معذور يعني انڌا، منڊا ۽ سڙيل سڪل پيا ھوندا ھئا.٤. ٥. اتي ھڪڙو اھڙو ماڻھو ھو، جيڪو اٺٽيھن ورھين کان بيمار پيو ھو.٦. جڏھن عيسيٰ کيس اتي پيل ڏٺو ۽ خبر پيس تہ ھو گھڻي وقت کان وٺي اھڙي حال ۾ آھي، تڏھن چيائينس تہ ”ڇا تنھنجي مرضي آھي تہ تون ڇٽي چڱو ڀلو ٿئين؟“٧. تنھن تي انھيءَ بيمار وراڻيو تہ ”سائين! جنھن مھل پاڻي اڇل ٿو کائي، تنھن مھل اھڙو ماڻھو ڪونہ ھوندو آھي جيڪو مون کي کڻي ھن تلاءَ ۾ وجھي. سو جيستائين آءٌ پاڻ اچان تيستائين مون کان اڳي ڪو ٻيو پاڻيءَ ۾ گھڙي پوندو آھي.“٨. عيسيٰ چيس تہ ”اٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر.“٩. تڏھن ھڪدم اھو ماڻھو ڇٽي چڱو ڀلو ٿي پيو ۽ پنھنجو کٽولو کنيائين ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو. اھو سبت جي ڏينھن تي ٿيو.١٠. تنھنڪري جيڪو ماڻھو ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو ھو تنھن کي يھودي اڳواڻ چوڻ لڳا تہ ”اڄ سبت آھي، سو تو کي کٽولو کڻڻ جائز نہ آھي.“١١. تنھن تي انھيءَ ماڻھوءَ جواب ڏنن تہ ”جنھن ماڻھوءَ مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آھي، تنھن ئي تہ مون کي چيو تہ ’پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر.‘“١٢. تڏھن انھن کانئس پڇيو تہ ”اھو ماڻھو ڪير آھي، جنھن تو کي چيو تہ ’پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر؟‘“١٣. جيڪو ماڻھو چڱو ڀلو ٿيو ھو تنھن کي اھا خبر ڪانہ ھئي تہ اھو ڪير ھو، ڇاڪاڻتہ گھڻي گوڙ ھئڻ ڪري عيسيٰ اتان کسڪي ھليو ويو ھو.١٤. ٿوري وقت کان پوءِ عيسيٰ انھيءَ ماڻھوءَ کي ھيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، ھاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آھين، سو وري گناھہ نہ ڪجانءِ، متان ھن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“١٥. پوءِ انھيءَ ماڻھوءَ وڃي يھودي اڳواڻن کي ٻڌايو تہ ”اھو ماڻھو عيسيٰ آھي، جنھن مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آھي.“١٦. انھيءَ سبب ڪري اھي اڳواڻ عيسيٰ کي ستائڻ لڳا، ڇالاءِجو ھن سبت جي ڏينھن تي اھڙا ڪم ٿي ڪيا.١٧. عيسيٰ کين جواب ڏنو تہ ”منھنجو پيءُ اڄ تائين ھميشہ ڪم ڪندو رھي ٿو ۽ آءٌ بہ پيو ڪم ڪريان.“١٨. ھن ڳالھہ جي ڪري تہ يھودي اڳواڻ ھيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻتہ ھن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو بلڪ خدا کي پنھنجو پيءُ سڏي پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.١٩. پوءِ عيسيٰ يھودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ فرزند پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. ھو رڳو اھي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنھنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇالاءِجو جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.٢٠. انھيءَ جو سبب ھي آھي تہ پيءُ فرزند سان پيار ٿو ڪري ۽ کيس اھي سڀ ڪم ڏيکاري ٿو جيڪي ھو پاڻ ڪري ٿو. ھو انھن ڪمن کان اڃا بہ وڏا ڪم کيس ڏيکاريندو ۽ اوھين سڀيئي حيران ٿي ويندا.٢١. جيئن پيءُ مئلن کي جياري کين زندگي ڏئي ٿو، تيئن فرزند بہ جنھن کي وڻيس تنھن کي زندگي ڏئي ٿو.٢٢. پيءُ پاڻ ڪنھن جو بہ فيصلو نہ ٿو ڪري، بلڪ ھن پنھنجي فرزند کي فيصلي ڪرڻ جو پورو اختيار ڏيئي ڇڏيو آھي٢٣. تہ جيئن سڀيئي ماڻھو فرزند جي اھڙي نموني عزت ڪن جھڙي نموني پيءُ جي عزت ڪن ٿا. جيڪو بہ فرزند جي عزت نہ ٿو ڪري سو ڄڻ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري جنھن کيس موڪليو آھي. Sindhi Common Bible 2009 © 2009 Pakistan Bible Society