|
|
| ٥٢. تنھن تي يھودي پاڻ ۾ سخت بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ھي ماڻھو پنھنجو جسم اسان کي کائڻ لاءِ ڪيئن ڏيندو؟“ |
| ٥٣. عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوھين ابنآدم جو گوشت نہ کائيندا ۽ سندس رت نہ پيئندا، تيستائين اوھان ۾ زندگي نہ ھوندي. |
| ٥٤. جيڪو بہ منھنجو گوشت ٿو کائي ۽ منھنجو رت ٿو پيئي، تنھن جي زندگي دائمي آھي ۽ آءٌ کيس آخرت جي ڏينھن تي جيئرو ڪري اٿاريندس. |
| ٥٥. ڇالاءِجو منھنجو گوشت سچپچ کائڻ جي شيءِ آھي ۽ منھنجو رت سچپچ پيئڻ جي شيءِ آھي. |
| ٥٦. جيڪوبہ منھنجو گوشت کائي ٿو ۽ منھنجو رت پيئي ٿو، سو مون ۾ رھي ٿو ۽ آءٌ ھن ۾ رھان ٿو. |
| ٥٧. جھڙيءَ طرح زندہ پيءُ مون کي موڪليو آھي ۽ آءٌ ھن جي ڪري زندہ آھيان، تھڙيءَ طرح جيڪو بہ مون کي کائي ٿو سو منھنجي ڪري زندہ رھندو. |
| ٥٨. ھيءَ اھا ماني آھي جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي. ھيءَ ماني اھڙي نہ آھي جھڙي اوھان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا، پر جيڪو ھيءَ ماني کائيندو سو ھميشہ زندہ رھندو.“ |
| ٥٩. ھي ڳالھيون ھن ڪفرناحوم جي عبادتخاني ۾ تعليم ڏيندي ٻڌايون ھيون. |
| ٦٠. ڪيترن ئي شاگردن اھو ٻڌو ۽ چيائون تہ ”ھيءَ ڳالھہ ڏاڍي ڏکي آھي. اھا ڪير ٻڌي سگھندو؟“ |
| ٦١. عيسيٰ پاڻ سمجھي ويو تہ سندس شاگرد ھن ڳالھہ تي ڪُرڪي رھيا آھن، تنھنڪري انھن کي چيائين تہ ”ھيءَ ڳالھہ اوھان کي گمراھہ ٿي ڪري ڇا؟ |
| ٦٢. ڀلا جيڪڏھن اوھين ابنآدم کي آسمان ڏانھن وري چڙھندي ڏسو جتي ھو اڳي ئي ھو، تہ پوءِ ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ |
| ٦٣. زندگي ڏيڻ وارو تہ روح آھي، انساني جسم ڪابہ شيءِ ڪانھي. ھي ڳالھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون آھن سي روح بہ آھن ۽ زندگي بہ. |
| ٦٤. تڏھن بہ اوھان مان ڪيترا ئي ايمان نہ ٿا آڻين.“ جيئن تہ عيسيٰ شروعات کان ئي ڄاتو ٿي تہ ڪھڙا ڪھڙا ايمان نہ آڻيندا ۽ ڪير ساڻس دغا ڪندو. |
| ٦٥. ھن وڌيڪ چيو تہ ”انھيءَ سبب ڪري تہ مون اوھان کي ٻڌايو آھي تہ ايستائين ڪوبہ مون وٽ اچي نہ ٿو سگھي، جيستائين پيءُ کانئس ائين نہ ٿو ڪرائي.“ |
| ٦٦. تنھن تي سندس ڪيترا ئي شاگرد پٺتي موٽي ھليا ويا ۽ وري ھن سان گڏ ھلڻ جي نہ ڪيائون. |
| ٦٧. تنھنڪري عيسيٰ ٻارھن شاگردن کي چيو تہ ”اوھين بہ مون کي ڇڏي ويندا ڇا؟“ |
| ٦٨. شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! اوھان کي ڇڏي ڪنھن ڏانھن وينداسون؟ اوھان وٽ اھي ڳالھيون آھن جن ۾ دائمي زندگي آھي. |
| ٦٩. اسين تہ ايمان آڻي چڪا آھيون ۽ ڄاڻيون ٿا تہ اوھين ئي خدا جي طرفان پاڪ ھستي آھيو.“ |
| ٧٠. عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ ”ڇا مون اوھان ٻارھن کي نہ چونڊيو آھي؟ تڏھن بہ اوھان ۾ ھڪڙو شيطان آھي.“ |
| ٧١. ھو يھوداہ بابت ڳالھائي رھيو ھو، جيڪو شمعون اسڪريوتيءَ جو پٽ ھو، ڇالاءِجو يھوداہ ٻارھن شاگردن مان ھوندي بہ اڳتي ھلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو ھو. |
|
|
| Sindhi Common Bible 2009 |
| 2009 Pakistan Bible Society |