Bible in one year مئي ٢٣يوحنا ٧:٢٨-٥٣٢٨. پوءِ عيسيٰ ھيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي واڪي چيو تہ ”اوھين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ اھا بہ خبر اٿوَ تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان. آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان نہ آيو آھيان، بلڪ انھيءَ وٽان موڪليو ويو آھيان جيڪو سچو آھي پر اوھين کيس نہ ٿا سڃاڻو.٢٩. مگر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻتہ آءٌ وٽانئس آيو آھيان ۽ ھن ئي مون کي موڪليو آھي.“٣٠. تنھن تي انھن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪنھن بہ مٿس ھٿ نہ کنيو، ڇالاءِجو ھن جو وقت اڃا ڪونہ آيو ھو.٣١. انھن ماڻھن مان ڪيترن ئي مٿس ايمان آندو ۽ چوڻ لڳا تہ ”جڏھن مسيح ايندو تہ اھو ھن کان وڌيڪ معجزا ڪندو ڇا؟“٣٢. فريسين ٻڌو تہ ماڻھو عيسيٰ بابت ھنن ڳالھين جي سسپس ڪري رھيا آھن، تنھنڪري انھن ۽ سردار ڪاھنن ڪي پھريدار موڪليا تہ جيئن ھو کيس پڪڙين.٣٣. تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان سان اڃا ٿورو وقت رھندس ۽ پوءِ آءٌ انھيءَ ڏانھن موٽي ويندس جنھن مون کي موڪليو آھي.٣٤. اوھين مون کي ڳوليندا، پر لھي ڪين سگھندا ۽ جتي آءٌ ھوندس اتي اوھين اچي نہ سگھندا.“٣٥. يھودي اڳواڻ ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھو ڪيڏانھن ويندو جو اسين کيس لھي نہ سگھنداسين؟ ڇا ھو يونان جي شھرن ڏانھن ويندو، جتي اسان جا يھودي وڃي رھيا آھن ۽ اتي ھو يونانين کي تعليم ڏيندو؟٣٦. ڀلا ھو جيڪي چوي ٿو تہ ’اوھين مون کي ڳوليندا، پر لھي نہ سگھندا ۽ اوھين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ ھوندس،‘ تنھن جو مطلب ڇا آھي؟“٣٧. عيد جو آخري ڏينھن، جيڪو خاص ڏينھن آھي، انھيءَ ڏينھن تي عيسيٰ اٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين تہ ”جيڪو بہ اڃايل آھي، سو ڀلي مون وٽ اچي پيئي.٣٨. جيڪو بہ مون تي ايمان آڻيندو، تنھن لاءِ لکيل آھي تہ ’سندس اندر مان زندگيءَ جي پاڻيءَ جون نديون وھنديون.‘“٣٩. ھن اھا ڳالھہ پاڪ روح بابت ٿي ڪئي، جيڪو انھن ماڻھن کي ملڻو ھو جن مٿس ايمان آندو ھو. پر انھن کي پاڪ روح اڃا نہ مليو ھو، ڇالاءِجو عيسيٰ جو جلوو اڃا ظاھر نہ ٿيو ھو.٤٠. ميڙ مان ڪيترن ئي ماڻھن سندس اھي لفظ ٻڌا ۽ چيائون تہ ”سچپچ ھي ماڻھو اھو ئي نبي آھي، جيڪو اچڻو آھي.“٤١. ڪن چيو تہ ”ھو مسيح آھي.“ پر ٻين وري چيو تہ ”مسيح ڪو گليل مان ايندو ڇا؟٤٢. پاڪ ڪتاب جي لکت مطابق تہ مسيح دائود جي نسل مان ھوندو ۽ بيتلحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندو، جنھن ۾ دائود رھندو ھو.“٤٣. سو ھن جي ڪري ماڻھن ۾ ڦوٽ پئجي ويئي.٤٤. ڪي ماڻھو کيس پڪڙڻ پيا چاھين، پر ڪنھن بہ مٿس ھٿ نہ کنيو.٤٥. جڏھن پھريدار موٽي آيا تہ سردار ڪاھنن ۽ فريسين کانئن پڇيو تہ ”اوھين عيسيٰ کي ڇو نہ وٺي آيا؟“٤٦. پھريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنھن بہ انسان اھڙيءَ طرح ڪڏھن ڪونہ ڳالھايو آھي.“٤٧. تنھن تي فريسين کين چيو تہ ”اوھين بہ گمراھہ ٿي ويا آھيو ڇا؟٤٨. ڇا سردارن ۽ فريسين مان ڪنھن بہ مٿس ايمان آندو آھي؟٤٩. پر ھي ماڻھو جن کي موسيٰ جي شريعت جي خبر ئي نہ آھي، سي خدا جا پٽيل آھن.“٥٠. نيڪديمس، جيڪو اڳي عيسيٰ وٽ آيو ھو ۽ حاڪمن مان ھڪڙو ھو، تنھن چين تہ٥١. ”شريعت موجب اسين ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي سزا ڏيئي نہ ٿا سگھون، جيستائين اسين سندس ڳالھيون ٻڌون ۽ خبر پوي تہ ھو ڇا ٿو ڪري.“٥٢. انھن جواب ڏنس تہ ”تون بہ گليلي آھين ڇا؟ پاڪ لکتون پڙھہ تہ تو کي خبر پوي تہ گليل مان ڪوبہ نبي پيدا ٿيڻو نہ آھي.“٥٣. پوءِ ھر ڪو پنھنجي پنھنجي گھر ڏانھن ھليو ويو. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society