Bible in one year مئي ٢٤يوحنا ٨:١-٢٧١. عيسيٰ زيتون جي ٽڪر ڏانھن ھليو ويو٢. ۽ صبح جو سوير وري ھيڪل ۾ آيو جتي سڀيئي ماڻھو اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ ھو ويھي کين تعليم ڏيڻ لڳو.٣. شريعت جي عالمن ۽ فريسين ھڪڙي عورت کي آندو جنھن کي زنا ڪندي پڪڙيو ھئائون، تنھن کي وچ ۾ بيھاري٤. عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي استاد! ھيءَ عورت زنا ڪندي پڪڙي ويئي آھي.٥. شريعت ۾ موسيٰ اسان کي حڪم ڏنو آھي تہ اھڙن کي سنگسار ڪري ڇڏيون. ھاڻي تون ھن بابت ڇا ٿو چوين؟“٦. انھن کيس ڦاسائڻ لاءِ ائين چيو تہ جيئن مٿس تھمت ھڻن. پر عيسيٰ نِوڙي زمين تي پنھنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو.٧. جڏھن ھو کانئس پڇندا رھيا، تڏھن ھن ڪنڌ مٿي ڪري چين تہ ”اوھان مان جنھن ڪڏھن بہ ڪو گناھہ نہ ڪيو ھجي، سو پھريائين ھن عورت کي پٿر ھڻي.“٨. وري بہ ھو نِوڙي زمين تي پنھنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو.٩. جڏھن انھن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن انھن مان پھريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا ھڪڙو ھڪڙو ٿي ھليا ويا. پوءِ رڳو عيسيٰ اڪيلو وڃي رھيو ۽ اھا عورت بيٺي رھي.١٠. عيسيٰ ڪنڌ مٿي ڪري انھيءَ عورت کي چيو تہ ”اي مائي! اھي ڪيڏانھن ويا؟ ڇا ھتي ڪوبہ ڪونہ آھي جو تو کي سزا ڏئي؟“١١. انھيءَ عورت وراڻيو تہ ”سائين! نہ، ڪوبہ ڪونھي.“ تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي سزا نہ ٿو ڏيان. سو وڃ، پر وري گناھہ نہ ڪجانءِ.“١٢. عيسيٰ وري فريسين سان ڳالھائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آھيان. جيڪو بہ منھنجي پيروي ڪري ٿو، تنھن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏھن بہ اونداھيءَ ۾ نہ گھمندو.“١٣. تنھن تي فريسين کيس چيو تہ ”تون پنھنجي شاھدي پاڻ ڏئين ٿو، سو تنھنجي شاھدي سچي نہ آھي.“١٤. عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيتوڻيڪ آءٌ پنھنجي شاھدي پاڻ ٿو ڏيان تہ بہ منھنجي شاھدي سچي آھي، ڇالاءِجو مون کي خبر آھي تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان ۽ ڪيڏانھن وڃان ٿو. پر اوھان کي خبر ڪانھي تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان ۽ ڪيڏانھن وڃان ٿو.١٥. اوھين رڳو انساني طرح فيصلو ڪريو ٿا پر آءٌ ڪنھن جو بہ فيصلو نہ ٿو ڪريان.١٦. جيڪڏھن آءٌ فيصلو ڪريان بہ ھا تہ منھنجو فيصلو سچو ھجي ھا، ڇالاءِجو آءٌ اڪيلو اھو ڪم نہ ٿو ڪريان پر منھنجو پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، سو بہ مون سان آھي.١٧. اوھان جي شريعت ۾ بہ لکيل آھي تہ ’ٻن شخصن جي شاھدي سچي آھي.‘١٨. سو ھڪڙو آءٌ آھيان جو پاڻ پنھنجي شاھدي ٿو ڏيان ۽ ٻيو پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، سو بہ مون بابت شاھدي ٿو ڏئي.“١٩. تنھن تي انھن پڇيس تہ ”تنھنجو پيءُ ڪٿي آھي؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوھين نہ مون کي سڃاڻو ٿا ۽ نڪي منھنجي پيءُ کي. جيڪڏھن اوھين مون کي سڃاڻو ھا تہ منھنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ھا.“٢٠. عيسيٰ اھي ڳالھيون ان وقت چيون جنھن وقت ھو ھيڪل جي خزاني واري ڪمري ۾ تعليم ڏيئي رھيو ھو ۽ کيس ڪنھن بہ نہ پڪڙيو، ڇاڪاڻتہ اڃا سندس وقت نہ آيو ھو.٢١. عيسيٰ وري انھن کي چيو تہ ”آءٌ ھليو ويندس ۽ اوھين مون کي ڳوليندا، پر اوھين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ ويندس ۽ اوھين پنھنجن گناھن ۾ مرندا.“٢٢. تنھن تي يھودي اڳواڻن چيو تہ ”ھي چوي ڇا ٿو تہ ’جتي آءٌ ويندس اتي اوھين اچي نہ سگھندا؟‘ انھيءَ جي معنيٰ تہ ھو پنھنجو پاڻ کي ماريندو ڇا؟“٢٣. عيسيٰ وراڻيو تہ ”اوھين ھيٺ جا آھيو، پر آءٌ مٿان آيو آھيان. اوھين ھن دنيا جا آھيو، پر آءٌ ھن دنيا جو نہ آھيان.٢٤. اھو ئي سبب آھي جو مون اوھان کي ٻڌايو تہ اوھين پنھنجن گناھن ۾ مرندا. جيڪڏھن اوھين اھو نہ مڃيندا تہ آءٌ اھو ئي آھيان، تہ پوءِ اوھين ضرور پنھنجن گناھن ۾ مرندا.“٢٥. تنھن تي انھن پڇيس تہ ”تون ڪير آھين؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اھو ئي آھيان، جيئن شروعات کان وٺي اوھان کي ٻڌائيندو آيو آھيان.٢٦. اوھان بابت فيصلي ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪيتريون ئي ڳالھيون آھن. جنھن مون کي موڪليو آھي سو سچو آھي ۽ جيڪي بہ ڳالھيون مون کانئس ٻڌيون آھن، سي ئي آءٌ دنيا کي ٻڌايان ٿو.“٢٧. انھن اھو نہ سمجھيو تہ ھو ساڻن پيءُ بابت ڳالھائي رھيو آھي. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society