Bible in one year مئي ٢٧يوحنا ٩:٢٤-٤١٢٤. ٻئي دفعي انھن وري انھيءَ ماڻھوءَ کي گھرايو جيڪو اڳي انڌو ھو ۽ کيس چيائون تہ ”تون خدا جي آڏو واعدو ڪر تہ سچ ڳالھائيندين. اسين ڄاڻون ٿا تہ اھو ماڻھو گنھگار آھي.“٢٥. انھيءَ ماڻھوءَ وراڻيو تہ ”مون کي خبر نہ آھي تہ ھو گنھگار آھي يا نہ. آءٌ رڳو اھو ڄاڻان ٿو تہ اڳي آءٌ انڌو ھوس ۽ ھاڻي ڏسان وائسان ٿو.“٢٦. تنھن تي انھن پڇيس تہ ”ھن تو کي ڇا ڪيو؟ ڪيئن تنھنجون اکيون کوليائين؟“٢٧. ھن وراڻيو تہ ”اڃا ھاڻي تہ مون اوھان کي ٻڌايو تہ بہ اوھان ڪونہ ٻڌو، وري ڇو ٿا ٻڌڻ چاھيو؟ اوھين بہ ھن جا شاگرد ٿيڻ چاھيو ٿا ڇا؟“٢٨. تنھن تي انھن ڦٽ لعنت ڪري چيس تہ ”تون ئي انھيءَ جو شاگرد آھين. اسين تہ موسيٰ جا شاگرد آھيون.٢٩. اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا موسيٰ سان ڳالھايو ھو، پر انھيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ خبر نہ آھي تہ ھو ڪٿان آيو آھي.“٣٠. تنھن تي انھيءَ ماڻھوءَ چيو تہ ”واہ! اھا تہ عجيب ڳالھہ آھي، ھُن منھنجون اکيون کوليون آھن، تڏھن بہ اوھان کي خبر نہ آھي تہ ھو ڪٿان آيو آھي.٣١. اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنھگارن جي نہ ٻڌندو آھي، پر جيڪڏھن ڪو خداپرست آھي ۽ سندس مرضيءَ تي ھلي ٿو تہ خدا انھيءَ جي ٻڌي ٿو.٣٢. ھن دنيا جي شروعات کان وٺي ائين ڪڏھن بہ ٻڌڻ ۾ ڪونہ آيو تہ ڄائي ڄم کان انڌي ماڻھوءَ جون ڪنھن بہ اکيون کوليون ھجن.٣٣. جيڪڏھن ھي ماڻھو خدا جي طرفان نہ ھجي ھا تہ ڪجھہ بہ نہ ڪري سگھي ھا.“٣٤. تنھن تي انھن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي گناھن ۾ آھين ۽ ھاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ تہ انھن کيس عبادتخاني مان ڪڍي ڇڏيو.٣٥. جڏھن عيسيٰ ٻڌو تہ انھيءَ ماڻھوءَ کي عبادتخاني مان ڪڍي ڇڏيو اٿن، تڏھن عيسيٰ کيس ڳولي وڃي لڌو ۽ چيائينس تہ ”ڇا تون ابنآدم تي ايمان آڻين ٿو؟“٣٦. تنھن تي ھن پڇيس تہ ”سائين! اھو ڪير آھي جو آءٌ مٿس ايمان آڻيان؟“٣٧. عيسيٰ چيس تہ ”تو تہ کيس اڳي ئي ڏٺو آھي ۽ اھو ھاڻي تو سان ڳالھائي رھيو آھي.“٣٨. انھيءَ ماڻھوءَ چيو تہ ”اي خداوند! آءٌ ايمان آڻيان ٿو.“ پوءِ کيس سجدو ڪيائين.٣٩. عيسيٰ چيس تہ ”آءٌ ھن دنيا ۾ انصاف ڪرڻ لاءِ آيو آھيان تہ جيئن انڌا ڏسن ۽ جيڪي ڏسن ٿا سي انڌا ٿين.“٤٠. پوءِ اھي فريسي جيڪي ساڻس گڏ ھئا، تن جڏھن اھي ڳالھيون ٻڌيون، تڏھن انھن پڇيس تہ ”ڇا اسين بہ انڌا آھيون؟“٤١. عيسيٰ کين چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين انڌا ھجو ھا تہ اوھان تي ڪو ڏوھہ نہ ٿئي ھا. پر ھاڻي تہ اوھين پاڻ چئو ٿا تہ ’اسين ڏسون ٿا،‘ سو اوھان تي ڏوھہ ثابت آھي.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society