|
|
| ١. ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو ماڻھو رڍن جي واڙي ۾ در کان نہ ٿو گھڙي پر ڪنھن ٻئي پاسي کان ٽپي اچي ٿو، سو چور ۽ ڌاڙيل آھي. |
| ٢. جيڪو ماڻھو در کان واڙي ۾ گھڙي ٿو سو رڍن جو ريڍار آھي. |
| ٣. دربان ھن لاءِ در کولي ٿو ۽ رڍون ھن جو آواز ٻڌن ٿيون. ھو نالو وٺي پنھنجين رڍن کي سڏي ٿو ۽ کين ٻاھر آڻي ٿو. |
| ٤. جڏھن ھو انھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي اچي ٿو، تڏھن ھو سندن اڳيان ٿي ھلي ٿو ۽ رڍون ھن جي پٺيان ھلن ٿيون، ڇالاءِجو اھي ھن جو آواز سڃاڻن ٿيون. |
| ٥. اھي ڪنھن ڌارئي جي پٺيان نہ ھلنديون، بلڪ انھيءَ کان پري ڀڄي وينديون، ڇاڪاڻتہ اھي ڌارين جو آواز نہ ٿيون سڃاڻين.“ |
| ٦. عيسيٰ انھن کي ھي مثال ٻڌايو پر انھن نہ سمجھيو تہ ھو ڇا چئي رھيو آھي. |
| ٧. سو عيسيٰ وري چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ رڍن لاءِ اھو در آءٌ آھيان. |
| ٨. ٻيا جيڪي بہ مون کان اڳ ۾ آيا ھئا سي چور ۽ ڌاڙيل ھئا، پر رڍن انھن جي نہ ٻڌي. |
| ٩. آءٌ اھو در آھيان ۽ جيڪو بہ مون مان اندر گھڙندو سو بچي ويندو. ھو اندر ٻاھر ايندو ويندو ۽ گاھہ بہ ملندس. |
| ١٠. چور رڳو انھيءَ مطلب لاءِ اچي ٿو تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري. پر آءٌ انھيءَ لاءِ آيو آھيان تہ کين زندگي ملي، بلڪ ڀرپور زندگي ملين. |
| ١١. آءٌ چڱو ريڍار آھيان ۽ چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنھنجي جان بہ ڏئي ٿو. |
| ١٢. جيڪو مزور آھي سو نہ ريڍار آھي ۽ نڪي رڍن جو مالڪ. ھو جڏھن بگھڙ کي ايندي ڏسي ٿو تہ رڍن کي ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو ۽ بگھڙ رڍن تي حملو ڪري کين ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏي ٿو. |
| ١٣. مزور ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو، ڇالاءِجو ھو رڳو مزور آھي ۽ کيس رڍن جو ڪو فڪر ڪونہ آھي. |
| ١٤. آءٌ چڱو ريڍار آھيان. جھڙيءَ طرح پيءُ مون کي سڃاڻي ٿو ۽ آءٌ پيءُ کي سڃاڻان ٿو، تھڙيءَ طرح آءٌ پنھنجين رڍن کي سڃاڻان ٿو ۽ رڍون مون کي سڃاڻن ٿيون. آءٌ رڍن لاءِ پنھنجي جان بہ ڏيان ٿو. |
| ١٥. |
| ١٦. منھنجون ٻيون بہ رڍون آھن جيڪي ھن واڙي جون نہ آھن. انھن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آھي. اھي منھنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ ھڪڙو ئي ڌڻ ۽ ھڪڙو ئي ڌنار ٿيندو. |
| ١٧. پيءُ مون سان انھيءَ لاءِ پيار ٿو ڪري جو آءٌ پنھنجي جان ٿو ڏيان، جڏھن تہ اھا وري مون کي موٽي ملندي. |
| ١٨. ڪوبہ ماڻھو مون کان اھا کسي نہ ٿو پر آءٌ اھا پنھنجي مرضيءَ سان ٿو ڏيان. مون کي پنھنجي جان ڏيڻ جي اختياري آھي ۽ اھا وري موٽائي وٺڻ جي بہ اختياري آھي. ھي حڪم مون کي پنھنجي پيءُ وٽان مليو آھي.“ |
| ١٩. ھنن لفظن ٻڌڻ کان پوءِ ماڻھن ۾ وري ڏڦيڙ پئجي ويو. |
| ٢٠. انھن مان ڪيترائي ائين پيا چون تہ ”ھن ۾ ڀوت آھي، ھو چريو آھي. اوھين ڇو سندس ڳالھين تي ڌيان ڏيو ٿا؟“ |
| ٢١. پر ٻيا چئي رھيا ھئا تہ ”جنھن ماڻھوءَ ۾ ڀوت ھوندو آھي، سو ھن وانگر ڳالھائي نہ سگھندو آھي. ڀوت ڪنھن انڌي جون اکيون کولي سگھي ٿو ڇا؟“ |
| ٢٢. يروشلم ۾ عيد تجديد ھئي ۽ اھا سياري جي موسم ھئي. |
| ٢٣. عيسيٰ ھيڪل جي سليماني ڏيڍيءَ ۾ گھمي رھيو ھو |
|
|
| Sindhi Common Bible 2009 |
| 2009 Pakistan Bible Society |