Bible in one year مئي ٣لوقا ٢٢:١-٢٣١. ھاڻي بيخميري مانيءَ جي عيد، جنھن کي عيد فصح بہ چون ٿا سا ويجھي آئي.٢. سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ چپ چاپ ۾ عيسيٰ کي مارائي ڇڏين، ڇوتہ اھي خلق کان بہ ڊنا ٿي.٣. تڏھن ٻارھن شاگردن مان ھڪڙي يھوداہ، جنھن کي اسڪريوتي بہ چوندا ھئا، تنھن جي دل ۾ اچي شيطان گھڙيو.٤. ھن وڃي سردار ڪاھنن ۽ ھيڪل جي حوالدارن سان صلاح ڪئي تہ ڪھڙيءَ ريت ھو عيسيٰ کي سندن حوالي ڪري.٥. تنھن تي اھي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ھن کي پيسن جي آڇ ڪيائون.٦. ھن قبول ڪيو ۽ موقعي جي تاڙ ۾ ھو تہ جڏھن ميڙ نہ ھجي تہ ھو عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري.٧. بيخميري مانيءَ جي عيد جو اھو ڏينھن آيو جنھن تي عيد فصح جي قرباني ڏيڻ ضروري ھئي.٨. تڏھن عيسيٰ پطرس ۽ يوحنا کي موڪليو تہ ”وڃو ۽ اسان لاءِ عيد فصح تيار ڪريو تہ اسين کائون.“٩. ھنن کانئس پڇيو تہ ”اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ اسين ڪٿي تيار ڪريون؟“١٠. تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڏسو، شھر ۾ گھڙڻ سان اوھان کي ھڪڙو ماڻھو ملندو جيڪو دلو پاڻيءَ جو کنيو پيو ايندو، تنھن جي پٺيان وڃجو. جنھن گھر ۾ اھو وڃي تہ اوھين بہ پٺيان وڃجوس.١١. اوھين گھر جي مالڪ کان پڇجو تہ ’اوطاق ڪٿي آھي جتي استاد پنھنجن شاگردن سان گڏ عيد فصح کائي.‘١٢. ھو اوھان کي ماڙيءَ تي ھڪ وڏو سجايل ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوھين تياري ڪجو.“١٣. پوءِ ھو روانا ٿي ويا ۽ جيئن عيسيٰ چيو ھون ائين ئي ھر شيءِ ڏٺائون ۽ عيد فصح تيار ڪيائون.١٤. جڏھن اھا گھڙي اچي پھتي تہ ھو رسولن سان گڏجي دسترخوان تي ويٺو.١٥. انھن کي چيائين تہ ”منھنجي دل ڏاڍو ٿي چاھيو تہ آءٌ ڏکن سھڻ کان اڳ ۾ اوھان سان گڏجي ھي عيد فصح کاوان.١٦. ڇالاءِجو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ تيستائين آءٌ وري اھا نہ کائيندس جيستائين خدا جي بادشاھت ۾ انھيءَ جو پورو مطلب نہ نڪري.“١٧. پوءِ عيسيٰ پيالو کڻي خدا جو شڪر ڪيو ۽ چيو تہ ”اچي، ھي وٺو ۽ پاڻ ۾ ورھايو.١٨. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اڄ کان پوءِ آءٌ ھي مئي وري نہ پيئندس، جيستائين خدا جي بادشاھت نہ ايندي.“١٩. پوءِ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳائين ۽ ھنن کي ڏيندي چيائين تہ ”ھيءُ منھنجو بدن آھي، جو اوھان جي لاءِ ڏنو وڃي ٿو. اوھين بہ منھنجي يادگيريءَ ۾ ائين ئي ڪندا رھجو.“٢٠. ساڳيءَ ريت کائڻ کان پوءِ پيالو کڻي چيائين تہ ”ھيءُ پيالو خدا جو نئون عھد آھي، جيڪو منھنجي رت جي وسيلي قائم ڪيو ويو آھي. اھو رت اوھان جي لاءِ وھائجي ٿو.٢١. پر ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي ٿو، سو مون سان گڏ دسترخوان تي ويٺو آھي.٢٢. ابنآدم لاءِ جيئن لکيل آھي تيئن ئي ھو ھن دنيا مان وڃي ٿو، پر مصيبت آھي انھيءَ ماڻھوءَ لاءِ، جنھن جي ھٿان ھو پڪڙائجي ٿو.“٢٣. تنھن تي شاگرد ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”اسان مان اھو ڪير آھي جيڪو ھھڙو ڪم ڪندو؟“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society