|
|
| ١. لعزر نالي ھڪ ماڻھو جيڪو بيتعنياہ ۾ رھندو ھو سو بيمار ٿي پيو. بيتعنياہ اھو ڳوٺ آھي جنھن ۾ مريم ۽ سندس ڀيڻ مارٿا رھنديون ھيون. |
| ٢. ھيءَ مريم اھا ھئي جنھن خداوند کي عطر مکي پنھنجن وارن سان سندس پير اُگھيا ھئا، تنھن جو ڀاءُ لعزر بيمار ھو. |
| ٣. ٻنھي ڀينرن عيسيٰ کي چوا ئي موڪليو تہ ”خداوند! اوھان جو پيارو دوست بيمار آھي.“ |
| ٤. عيسيٰ اھو ٻڌي چيو تہ ”لعزر جي اھا بيماري موت واري نہ آھي، بلڪ انھيءَ سان خدا جو جلال ظاھر ٿيندو، ڇالاءِجو سندس فرزند جي واکاڻ ٿيندي.“ |
| ٥. عيسيٰ جو مارٿا، سندس ڀيڻ ۽ لعزر سان پيار ھو. |
| ٦. مگر لعزر جي بيماريءَ بابت ٻڌڻ جي باوجود بہ ھو جتي ھو اتي ٻہ ڏينھن وڌيڪ ترسي پيو. |
| ٧. پوءِ ھن شاگردن کي چيو تہ ”ھلو تہ يھوديہ ڏانھن موٽي ھلون.“ |
| ٨. تنھن تي شاگردن چيس تہ ”اي استاد! اڃا تازو ماڻھو اوھان کي سنگسار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا ۽ اوھين وري اوڏانھن موٽي ھلو ٿا؟“ |
| ٩. عيسيٰ وراڻيو تہ ”ڇا ھڪ ڏينھن ۾ ٻارھن ڪلاڪ نہ آھن؟ سو جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڏينھن جي روشنيءَ ۾ گھمندو تہ ٿاٻو نہ کائيندو، ڇاڪاڻتہ ھو دنيا جي روشني ڏسي رھيو آھي. |
| ١٠. پر جيڪڏھن ھو رات جي اونداھيءَ ۾ گھمندو تہ ضرور ٿاٻو کائيندو، ڇاڪاڻتہ ھن کي روشني نہ آھي.“ |
| ١١. عيسيٰ ھن کان پوءِ وڌيڪ چيو تہ ”اسان جو دوست لعزر ننڊ پيو آھي، پر آءٌ وڃي کيس ننڊ مان اٿاريندس.“ |
| ١٢. تنھن تي شاگردن چيس تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن لعزر ننڊ ۾ آھي تہ بچي پوندو.“ |
| ١٣. عيسيٰ تہ لعزر جي موت بابت ٿي ڳالھہ ڪئي، پر ھنن سمجھيو تہ عيسيٰ ننڊ ۾ سمھي آرام ڪرڻ بابت ٿو چوي. |
| ١٤. تنھنڪري عيسيٰ صاف چين تہ ”لعزر مري ويو آھي. |
| ١٥. آءٌ اوھان جي خاطر خوش آھيان جو اتي نہ ھوس تہ جيئن اوھين ايمان آڻيو. ھاڻي ھلو تہ وٽس ھلون.“ |
| ١٦. تنھن تي توما جنھن کي جاڙو بہ سڏيندا ھئا، تنھن پنھنجي ساٿي شاگردن کي چيو تہ ”اچو تہ اسين بہ ھلون تہ جيئن اسين بہ ھن سان گڏ مرون.“ |
| ١٧. جڏھن عيسيٰ اتي پھتو تہ کيس معلوم ٿيو تہ لعزر کي دفن ڪئي چار ڏينھن گذري چڪا آھن. |
| ١٨. بيتعنياہ يروشلم کان ٽي ڪلوميٽر بہ پري نہ ھو. |
| ١٩. سو ڪيترائي يھودي مارٿا ۽ مريم سان سندن ڀاءُ جو عذر ڪرڻ لاءِ آيا ھئا. |
| ٢٠. جڏھن مارٿا ٻڌو تہ عيسيٰ اچي رھيو آھي تہ ھوءَ کيس ملڻ لاءِ اڳڀرو ويئي پر مريم گھر ۾ ئي ويٺي رھي. |
| ٢١. مارٿا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن اوھين ھتي ھجو ھا تہ منھنجو ڀاءُ نہ مري ھا. |
| ٢٢. پر مون کي خبر آھي تہ جيڪڏھن ھاڻي بہ اوھين خدا کان جو ڪجھہ گھرندا سو ھو اوھان کي ڏيندو.“ |
| ٢٣. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”تنھنجو ڀاءُ وري جيئرو ٿيندو.“ |
| ٢٤. مارٿا وراڻيو تہ ”مون کي خبر آھي تہ ھو قيامت جي وقت آخرت جي ڏينھن وري جيئرو ٿي اٿندو.“ |
| ٢٥. عيسيٰ کيس چيو تہ ”قيامت ۽ زندگي تہ آءٌ آھيان. جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ زندہ رھندو، |
| ٢٦. ۽ جيڪو بہ جيئرو آھي ۽ مون تي ايمان ٿو آڻي سو ڪڏھن بہ نہ مرندو. ڇا تنھنجو ھن ڳالھہ تي ايمان آھي؟“ |
| ٢٧. مارٿا وراڻيو تہ ”ھائو خداوند! مون کي پڪو يقين آھي تہ خدا جو فرزند مسيح، جيڪو دنيا ۾ اچڻو ھو سي اوھين ئي آھيو.“ |
| ٢٨. ھن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنھنجي ڀيڻ مريم کي پنھنجي منھن سڏي چيائين تہ ”ادي! استاد آيو آھي ۽ تو کي سڏي ٿو.“ |
| ٢٩. اھا ڳالھہ ٻڌڻ شرط مريم ھڪدم اٿي کڙي ٿي ۽ عيسيٰ وٽ ويئي. |
|
|
| Sindhi Common Bible 2009 |
| 2009 Pakistan Bible Society |