Bible in one year مئي ٤لوقا ٢٢:٢٤-٤٦٢٤. شاگردن ۾ اھو بہ تڪرار پيدا ٿيو تہ ”اسان سڀني ۾ وڏو ڪير ليکبو؟“٢٥. تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”قومن جا بادشاھہ مٿن حڪم ٿا ھلائين ۽ جن کي مٿن اختياري آھي، سي ماڻھن جو ڀلو ڪندڙ سڏيا وڃن ٿا.٢٦. پر ھي اوھان سان لاڳو نہ آھي. اوھان مان وڏي کي ننڍي وانگر ٿيڻ کپي ۽ مالڪ کي نوڪر وانگر ٿيڻ کپي.٢٧. وڏو ڪير آھي، ڇا اھو جيڪو کائڻ ٿو ويھي يا جيڪو سندس خدمت ٿو ڪري؟ ڇا اھو نہ آھي جيڪو کائي ويٺو؟ پر آءٌ اوھان منجھہ ائين آھيان جيئن ڪو خدمتگار.٢٨. اوھين اھي آھيو جيڪي مون سان منھنجي سڀني آزمائشن ۾ گڏ رھيا آھيو،٢٩. ۽ جيئن منھنجي پيءُ مون لاءِ بادشاھت مقرر ڪئي آھي، تيئن آءٌ بہ اوھان لاءِ بادشاھت مقرر ٿو ڪريان.٣٠. اوھين منھنجي بادشاھت ۾ مون سان گڏ منھنجي دسترخوان تي کائيندا پيئندا ۽ تخت تي ويھي اوھين بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا فيصلا ڪندا.“٣١. ”شمعون! شمعون! ڏس، شيطان اوھان کي آزمائڻ جي اجازت ورتي آھي، تہ جيئن اوھان سڀني کي ڪڻڪ جي ڳاھہ وانگر ڳاھي، اَنَ ۽ بُھہ وانگر جدا جدا ڪري.٣٢. پر مون تو لاءِ دعا گھري آھي تہ شل تنھنجو ايمان نہ لُڏي. جڏھن تون مون ڏانھن موٽي اچين تہ پنھنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“٣٣. پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! آءٌ تو سان گڏ جيل ۾ وڃڻ، بلڪ مرڻ لاءِ بہ ٻڌل آھيان.“٣٤. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي پطرس! آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين ڪڪڙ اڄ ٻانگ ڏئي، ان کان اڳ ۾ ئي ٽي دفعا تون منھنجو انڪار ڪندين تہ ’آءٌ ھن کي سڃاڻان ئي ڪين.‘“٣٥. عيسيٰ ھنن کان پڇيو تہ ”ان وقت جڏھن مون اوھان کي ڳوٿريءَ، ٻاچڪي يا جتيءَ کان سواءِ موڪليو ھو، تہ ڇا اوھان کي ڪا ٻي بہ گھرج ھئي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ڪنھن شيءِ جي بہ نہ.“٣٦. تڏھن عيسيٰ چين تہ ”ھاڻي جنھن کي بہ ڳوٿري ھجي تہ اھا کڻي، جنھن کي بہ ٻاچڪو ھجي تہ اھو کڻي ۽ جنھن کي بہ تلوار نہ ھجي تہ اھو پنھنجو پھراڻ وڪڻي بہ اھا خريد ڪري.٣٧. ڇالاءِجو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو لکيل آھي تہ ’ھو گنھگارن ۾ ليکيو ويندو،‘ سو مون لاءِ پورو ٿيڻ ضروري آھي. بيشڪ جيڪو منھنجي بنسبت لکيل آھي سو پورو ٿيڻ وارو آھي.“٣٨. تنھن تي شاگردن چيس تہ ”اي خداوند! اِجھو، ھي ٻہ تلوارون آھن.“ ھن چيو تہ ”بس، بس.“٣٩. پوءِ ھو ٻاھر نڪري پنھنجي دستور موجب زيتون جي ٽڪر تي ويو ۽ شاگرد بہ ساڻس گڏ ھليا.٤٠. جڏھن ھو انھيءَ جاءِ تي پھتو تہ انھن کي چيائين تہ ”دعا گھرو تہ شل اوھين آزمائش ۾ نہ پئو.“٤١. پوءِ ھو پاڻ انھن کان ٿورو پرڀرو وڃي گوڏا کوڙي دعا گھرڻ لڳو تہ٤٢. ”اي بابا! جيڪڏھن تون چاھين تہ ھي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنھن ھوندي بہ منھنجي نہ، پر تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“٤٣. ايتري ۾ آسمان مان ھڪڙو ملائڪ ھن جي حمايت ۾ نازل ٿيو.٤٤. ھو ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ ايترو وڌيڪ جوش سان دعا گھرڻ لڳو، جو سندس پگھر جا ڦڙا رت وانگر زمين تي ڪري رھيا ھئا.٤٥. جڏھن ھو دعا گھري اٿيو ۽ شاگردن ڏانھن موٽي آيو تڏھن ڏٺائين تہ ھو سڀ ڏک سبب ماندا ٿي ستا پيا آھن.٤٦. ھن انھن کي چيو تہ ”اوھين ڇو ستا پيا آھيو؟ اٿو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society