Bible in one year مئي ٩لوقا ٢٤:٣٦-٥٣٣٦. ھنن اڃا اھي ڳالھيون ئي پئي ڪيون تہ عيسيٰ خود اچي وچ ۾ بيٺن ۽ چيائين تہ ”سلام.“٣٧. ھو خوف ۽ ھراس ۾ ڀرجي ويا ۽ سمجھيائون تہ ڪو روح ٿا ڏسون.٣٨. پر ھن چين تہ ”ڇو منجھي پيا آھيو ۽ اوھان جي دلين ۾ ڇو وسوسا پيا جاڳن؟٣٩. منھنجي ھٿن پيرن کي ڏسو تہ آءٌ اھو ساڳيو ئي آھيان. مون کي ھٿ لائي جاچيو، ڇالاءِجو جھڙا ھڏا ۽ ماس مون ۾ ٿا ڏسو، تھڙا روح ۾ ڪونہ ٿيندا آھن.“٤٠. ائين چئي ھن کين پنھنجا ھٿ ۽ پير ڏيکاريا.٤١. انھن کي اڃا تائين اعتبار ئي نہ ٿي آيو، ڇاڪاڻتہ ھو خوشي ۽ تعجب ۾ ڀريل ھئا. تنھن جي ڪري ھن پڇين تہ ”ڇا اوھان وٽ ڪا کائڻ جي شيءِ آھي؟“٤٢. تنھن تي ھنن پڪل مڇيءَ جو ٻيرو آڻي ڏنس،٤٣. جيڪو ھن انھن جي سامھون ويھي کاڌو.٤٤. پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ئي ڳالھيون ھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون ھيون، جڏھن اڃا اوھان سان ھوس، تہ منھنجي بابت جيڪوبہ موسيٰ جي توريت، نبين جي لکتن ۽ زبور ۾ لکيل آھي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“٤٥. پوءِ پاڪ لکتن کي سمجھڻ لاءِ سندن ذھن اجاگر ڪيائين٤٦. ۽ کين چيائين تہ ”ھيئن لکيل آھي تہ مسيح ڏک سھي ۽ ٽئين ڏينھن تي مئلن مان جيئرو ٿي اٿي،٤٧. ۽ ھن جي نالي ۾ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين توبھہ ۽ گناھن جي بخشڻ جي تبليغ ضرور ڪئي وڃي.٤٨. اوھين انھن ڳالھين جا شاھد آھيو.٤٩. ڏسو، آءٌ اوھان تي اھو موڪلڻ وارو آھيان، جنھن جو منھنجي پيءُ واعدو ڪيو آھي. پر جيستائين اوھان کي مٿان طاقت نہ عطا ٿئي تيستائين شھر ۾ رھجو.“٥٠. پوءِ عيسيٰ انھن کي ٻاھر ڪڍي بيتعنياہ جي ويجھو وٺي آيو ۽ پنھنجا ھٿ کڻي انھن لاءِ رحمت گھريائين.٥١. جيئن ئي انھن لاءِ رحمت گھري رھيو ھو تہ کانئن جدا ٿيندو ويو، تان جو آسمان ڏانھن کڄي ويو.٥٢. انھن ھن جي عبادت ڪئي ۽ خوشيءَ سان گدگد ٿيندا يروشلم ڏانھن موٽي ويا٥٣. ۽ سڄو وقت ھيڪل ۾ خدا جا شڪرانا ڪندي گذاريائون. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society