Bible in one year جون ١يوحنا ١٢:١-٢٦١. عيد فصح کان ڇھہ ڏينھن اڳ عيسيٰ بيتعنياہ ڏانھن ويو جتي لعزر رھندو ھو، جنھن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو ھو.٢. اتي ھنن عيسيٰ لاءِ رات جي ماني تيار ڪئي. مارٿا خدمت پئي ڪئي، جڏھن تہ لعزر عيسيٰ ۽ مھمانن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ھو.٣. پوءِ مريم اڌ ليٽر تمام قيمتي عطر، جيڪو سچي سُرھي مُرَ مان تيار ڪيل ھو، سو کڻي عيسيٰ جي پيرن کي مکيو ۽ پوءِ پنھنجن وارن سان سندس پير اُگھيائين. انھيءَ عطر جي سرھاڻ سان سڄو گھر ڀرجي ويو.٤. عيسيٰ جي شاگردن مان ھڪڙي جنھن جو نالو يھوداہ اسڪريوتي ھو ۽ جيڪو اڳتي ھلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو ھو،٥. تنھن چيو تہ ”ڇو نہ ھي عطر ٽن سَوَن چانديءَ جي سڪن ۾ وڪڻي غريبن کي خيرات ڏجي ھا.“٦. ھن اھي لفظ غريبن جي ھمدرديءَ لاءِ نہ چيا، پر ھو پاڻ چور ھو ۽ انھيءَ لاءِ چيائين تہ ھو انھن پئسن مان ڪجھہ چورائي، ڇالاءِجو پئسن جي ڳوٿري وٽس رھندي ھئي.٧. تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”ڇڏيوس، ڇوتہ ھن اھو عطر منھنجي ڪفن دفن لاءِ ئي بچائي رکيو ھو.٨. غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن پر آءٌ اوھان وٽ ھميشہ نہ ھوندس.“٩. يھودين جي وڏي ميڙ جڏھن ٻڌو تہ عيسيٰ بيتعنياہ ۾ آھي، تڏھن اھي اوڏانھن ويا. اھي نہ رڳو عيسيٰ کي ڏسڻ لاءِ ويا پر لعزر کي بہ ڏسڻ ويا، جنھن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو ھو.١٠. تنھنڪري سردار ڪاھنن لعزر کي بہ مارڻ جون سازشون سٽيون،١١. ڇالاءِجو لعزر جي ڪري ڪيترن ئي يھودين انھن کي ڇڏي عيسيٰ تي ايمان آندو ھو.١٢. ٻئي ڏينھن تي وڏو ميڙ جيڪو عيد فصح تي آيو ھو تنھن ٻڌو تہ عيسيٰ يروشلم ۾ اچي رھيو آھي.١٣. سو انھن کجيءَ جون ٽاريون ھٿن ۾ کنيون ۽ ساڻس ملڻ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”خدا جي واکاڻ ھجي! سڳورو آھي اھو، جيڪو خداوند جي نالي سان ٿو اچي! بني اسرائيل جو بادشاھہ مبارڪ، مبارڪ!“١٤. عيسيٰ کي ھڪ کودڙو ملي ويو ۽ ھو مٿس چڙھي ويٺو، جيئن لکيل آھي تہ١٥. ”اي صيئون جا شھر! ڊڄ نہ، ڏس، تنھنجو بادشاھہ اچي پيو، جيڪو کودڙي تي سوار آھي.“١٦. سندس شاگردن کي پھريائين تہ اھي ڳالھيون سمجھہ ۾ ڪين ٿي آيون. پر پوءِ جڏھن عيسيٰ جو جلوو ظاھر ٿيو، تڏھن انھن کي ياد آيو تہ اھي ئي ڳالھيون ھن بابت صحيفي ۾ لکيل آھن ۽ ائين ئي ماڻھن ساڻس سلوڪ ڪيو.١٧. جنھن مھل عيسيٰ لعزر کي قبر مان سڏي مئلن مان جياريو ھو، تنھن مھل جيڪي ماڻھو ساڻس گڏ ھئا، سي ان وقت اھا شاھدي ڏيئي رھيا ھئا.١٨. انھيءَ سبب ڪري ڪيترائي ماڻھو عيسيٰ سان ملڻ لاءِ آيا، ڇالاءِجو انھن ٻڌو ھو تہ ھن ئي اھو معجزو ڪيو آھي.١٩. تنھن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”اسان کي ڪو ليکي بہ نہ ٿو. پر ھن کي تہ ڏسو، سڄي دنيا سندس پٺيان پيئي ھلي!“٢٠. جيڪي ماڻھو يروشلم ۾ عيد تي عبادت ڪرڻ لاءِ آيا ھئا، تن ۾ ڪي يوناني بہ ھئا.٢١. اھي فلپس وٽ آيا جيڪو گليل جي شھر بيتصيدا جو ويٺل ھو ۽ چيائونس تہ ”اي سائين! اسين عيسيٰ کي ڏسڻ چاھيون ٿا.“٢٢. فلپس اچي اندرياس کي اھا ڳالھہ ٻڌائي ۽ پوءِ اندرياس ۽ فلپس ٻنھي وڃي عيسيٰ کي ٻڌايو.٢٣. عيسيٰ کين چيو تہ ”اھا گھڙي اچي پھتي آھي، جڏھن ابنآدم جو جلوو ظاھر ٿيندو.٢٤. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ پورجي نہ ٿو تيستائين اڪيلو ٿو رھي. پر جي پورجي ٿو تہ ڪيئي داڻا پيدا ڪري ٿو.٢٥. جيڪو بہ پنھنجيءَ جان سان پيار ڪري ٿو سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو ھن دنيا ۾ پنھنجيءَ جان کان نفرت ڪري ٿو سو اھا دائمي زندگيءَ لاءِ بچائيندو.٢٦. جيڪو منھنجي خدمت ڪرڻ چاھي سو منھنجي پٺيان اچي، تہ جيئن جتي آءٌ آھيان اتي منھنجو خدمتگار بہ ھجي. منھنجو پيءُ انھيءَ جي عزت ڪندو جيڪو منھنجي خدمت ڪندو.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society